078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
ڪافر ڪهڙي خبر ٿا پڇن ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
وڏي قرآن کان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنهن ۾ اهي شڪ ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
حق آهي . سگهو ئي ڄاڻندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
پوءِ سگهو ئي ڄاڻندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي ميخون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اوهان کي نر ۽ ماديون جوڙا جوڙيا سين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اسان ننڊ اوهان لاءِ راحت ڪئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ رات کي ڍڪ ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ ڏينهن کي پورهئي جو وقت ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اسان اوهان جي مٿان ست محڪم آسمان اڏيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ اسان ان ۾ سج کي ٻرندڙ ڏيئو ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ اسان ڪڪرن مان وهندڙ پاڻي نازل ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
جنهن سان اَنُ ۽ ساوڪ پيدا ڪريون ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گھاٽا باغ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
تحقيق نبيري جي ڏينهن جو وقت معين ڪيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنهن ڏينهن صور ڦوڪيندا . پوءِ ماڻهو فوجون فوجون ٿي ايندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
پوءِ آسمان کوليا ويندا . پوءِ در در هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبل اُڏايا ويندا . پوءِ رُڃ ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي