077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
قسم آهي هوائن جو جيڪي لاڳيتو لڳن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
پوءِ لڳن . تيز لڳڻ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
قسم آهي هوائن جو، جيڪي مِينهن کي پکيڙين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
پوءِ قسم آهي قرآن جو ، جيڪو حق کي باطل کان جدا ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
قسم آهي ملائڪن جو ، جيڪي نبين جي دلين ۾ وحيءَ کي وجھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
جيڪو وحي ڪافرن جي عذرن کي لاهي ۽ مومنن کي ڊيڄاري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
تحقيق قيامت واقع ٿيندي . جنهن جو اوهان سان وعدو ٿا ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
پوءِ جنهن ڏينهن تارا ڪارا ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
۽ جنهن ڏينهن آسمان چيربا . درَ دَرَ ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
۽ جنهن ڏينهن جبل واري ڪري اڏائيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
۽ جنهن ڏينهن رسول گڏ ڪيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
ڏاڍي ۽ سخت ڏينهن لاءِ گڏ ڪيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
خلق جي نبيري جي لاءِ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
۽ ڪنهن تو کي ٻڌايو ته ، نبيري جو ڪهڙو ڏينهن آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
اهو ڏينهن آهي ، جنهن ۾ ڪوڙا ڪافر هلاڪ ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا اڳين قومن کي هلاڪ ڪونه ڪيوسون؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
پوءِ انهن جي هلاڪت ۾ پويون تابع ٿيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
اهڙي طرح ڪافر قريشن کي به هلاڪ ڪنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
ان ڏينهن ڪوڙا ڪافر هلاڪ ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
ڇا توهان کي منيءَ جي پاڻيءَ مان نه خلقيوسون ؟ جيڪو خوار آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي