076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
تحقيق هر ماڻهوءَ کي ٻن ڦوڪن جي وچ واري زماني ۾ چاليھ ورھ ايندا . جنهن ۾ انسان کي وجود نه هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
اسان ماڻهوءَ کي منيءَ جي ڦڙي مان جوڙيو. جيڪو منهنجي صفتن مان پنهنجين گڏيل صفتن جو عڪس رکي ٿو . پوءِ ان کي آزمايون ٿا . پوءِ اسان ان کي ٻُڌندڙ ٺاهيو . منهنجي ٻُڌڻ جي صفت مان ، ڏسندڙ منهنجي ڏسڻ جي صفت مان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
اسان ان کي انهن صفتن مان پنهنجي واٽ ڏيکاري . توڙي مومن هجي يا ڪافر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ طوق ۽ ٻرندڙ باھ جوڙي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
تحقيق نيڪو ڪار شراب جي پيالي مان پيئندا . ان ۾ جنت جو شراب گڏيل هوندو . جنهن جو نالو ڪافور آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
اهو چشمو فردوس ۾ آهي . ان مان الله جا نبي پيئندا . ان پيالي ۾ منهنجا گھڻا ٻانها ٽڪون ڏيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
روزن جو نذرانو ٿا ڏين . قيامت جي ڏينهن کان ڊڄن ٿا . جنهن جي سختي پکڙندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
۽ پنهنجي احتياج سان مسڪينن ۽ يتيمن ۽ قيدين کي طعام کارائين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
اوهان کي الله ڪارڻ کارايون ٿا ۽ طعام جي عيوض اجورو نه ٿا گھرون . نه ئي چئون ٿا ته ، اسان جو شڪرانو ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
اسان الله کان ڊڄون ٿا . ڏکئي ۽ سخت ڏينهن کان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي سختيءَ کان پناھ ۾ رکندو ۽ انهن کي منهن جي تازگي ۽ خوشي ڏيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
ان جو اجر بهشت ۽ پَٽَ جا تڪيا آهي . انهن تي صبر ڪرڻ جي سبب .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
بهشت ۾ بادشاهن جي تختن تي ويهندا . اتي سج ۽ چنڊ نه ڏسندا ۽ بهشت جون ڇانئون ويجهيون ٿينديون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
ميون جا ڇُڳا پاڻهين هيٺ ٿي واتن تي ايندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
۽ بهشت وارن تي چانديءَ جا ڪَرا ۽ پيالا پيا ڦيرائيندا . جيڪي بلور جهڙا صاف هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
چاندي جي بلورن ۾ پيئڻ جيترو وجھندا . نه گھڻو ۽ نه ٿورو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
۽ شراب جا پيالا پياريندا . جنهن ۾ زنجبيل گڏيل هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
اهو چشمو بهشت ۾ آهي . ان جو نالو سلسبيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
انهن تي نابالغ نينگرا ڦرندا هوندا . جيڪي نه جوان نه پوڙها . انهن کي ڏسين ته ، هميشه وکريل موتي ڀانئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
۽ جيڪڏهن اها جاءِ ڏسندين ته نعمتون ڏسندين . وڏي بادشاهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي