075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
قسم ٿو کڻان قيامت جي ڏينهن جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ قسم ٿو کڻان ڪامل نفسن جي ، جيڪي ملامت ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڇا ڪافر ڀانئين ٿا ته ، انهن جي هڏن کي گڏ نه ڪنداسون ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
ڪنداسون . انهن جي هٿن پيرن جي تمام ننڍن هڏن کي برابر ڪرڻ تي قادر آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
بلڪه ڪافر ارادو ٿو ڪري ته ، قيامت کي نه مڃي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
پڇي ٿو ته ، قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جنهن ڏينهن اک بي خبر ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ چنڊ بي نور ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ سج چنڊ گڏ ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
ان ڏينهن ڪافر چوندو ته ، ڀڄڻ جي ڪٿي ڪا جاءِ آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
خبردار! پناھ جي ڪا جاءِ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
ان ڏينهن الله وٽ پناھ جي جاءِ هوندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
ان ڏينهن ڪافر پنهنجا اڳيان ۽ پويان عمل ڄاڻندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
بلڪه ڪافر پنهنجي نفس جي بڇڙائي ڏسندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
۽ جيڪڏهن سڀ عذر چوندو ته ، ان جا عذر قبول نه ڪيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
قرآن پڙهڻ وقت پنهنجي زبان کي جبرئيل سان گڏ حرڪت نه ڏي . پڙهڻ ۾ تڪڙ ٿو ڪرين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
تحقيق تو کي قرآن جو ياد ڏيارڻ ۽ انجو پڙهائڻ اسان تي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
پوءِ جڏهن جبرئيل پڙهي ته ، ان جو پڙهڻ ٻُڌ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
پوءِ ان جو پروڙائڻ اسان تي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
خبردار! دنيا جي مال ۽ عزت جي حب ٿا رکو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي