074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي چادر ڍڪيندڙ نبي! .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
اٿي بيھ ۽ مڪي وارن کي ڊيڄار .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
۽ رب کي وڏو ڄاڻ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
۽ بتن کي ڏوراهون ڇڏ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
۽ گھڻي قيمت لاءِ تحفو نه ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
۽ الله جي فرمان تي صبر ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن صور ڦوڪيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
پوءِ اهو ڏينهن تمام سخت ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
ڪافرن تي سولو نه ٿيندو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
مون کي ڇڏ ۽ جنهن کي اڪيلو خلقيم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
پوءِ ان کي گھڻو مال ڏنم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
۽ مجلس ۾ ويهندڙ ڏھ پٽ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
ان جي گذران لاءِ کاڌو ڪشادو ڪيم . گھڻو ڪشادو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
اڃا به طمع ڪري ٿو ته ، مال گھڻو ڪريان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
اهو قرآن کي نه مڃيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
سگهو ان کي دوزخ جي جبلن تي چاڙهينداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
تحقيق اهو قرآن ۾ فڪر ڪري ٿو ۽ تدبيرون ڪري ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
شل! قتل ٿئي ڪهڙيون تدبيرون ڪري ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
پوءِ شل! قتل ٿئي ڪهڙيون تدبيرون ڪري ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي