073 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يٰٓاَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ 1ۙ
اي چادر ڍڪيندڙ نبي!
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُمِ الَّيْلَ اِلَّا قَلِيْلًا 2ۙ
سڄي رات عبادت ۾ اٿي بيھ . مگر ٿورو سمھ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينِّصْفَهٗ ٓ اَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَلِيْلًا 3ۙ
اڌ رات يا اڌ کان ٿورو گھٽ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِيْلًا 4ۭ
يا اڌ کان وڌيڪ ۽ قرآن کي پڙھ ۽ فڪر سان پروڙ.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا سَنُلْقِيْ عَلَيْكَ قَوْلًا ثَـقِيْلًا 5
اسان تو تي قرآن نازل ڪريون ٿا . جيڪو خوف ۽ ادب ۾ تمام گھڻو ڳرو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ نَاشِئَةَ الَّيْلِ هِيَ اَشَدُّ وَطْـاً وَّاَقْوَمُ قِيْلًا 6ۭ
تحقيق رات جو آخري پهر بيهڻ ۾ گھڻي قوت ڏيندڙ آهي ۽ دلين ۾ ڳالھ پروڙائيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ لَكَ فِي النَّهَارِ سَبْحًا طَوِيْلًا 7ۭ
تحقيق تو لاءِ ڏينهن ۾ دعوت جي مشغولي گھڻي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ اِلَيْهِ تَبْتِيْلًا 8ۭ
۽ الله جو نالو ياد ڪر ۽ دنيا کان الله ڏانهن گھڻو ڇِڄُ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِيْلًا 9
جيڪو اوڀرندي ۽ اولهندي جو مالڪ آهي . ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي . پوءِ ان کي وڪيل ڪري وٺ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيْلًا 10
۽ ڪافرن جي چوڻ تي صبر ڪر ۽ انهن کي ڇڏ . ڀلو ڇڏڻ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَذَرْنِيْ وَالْمُكَذِّبِيْنَ اُولِي النَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيْلًا 11
۽ مون کي ڇڏ ۽ ڪافرن کي ڇڏ . جيڪي مال جا صاحب آهن ۽ انهن کي ٿوري مهلت ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ لَدَيْنَآ اَنْكَالًا وَّجَحِــيْمًا ۙ12
تحقيق انهن لاءِ اسان وٽ عقوبتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَّعَذَابًا اَلِـــيْمًا ۤ13
۽ دوزخ ۽ کائڻ جيڪو ڳٽ وارو ۽ ڏکوئيندڙ عذاب .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ تَرْجُفُ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ وَكَانَتِ الْجِبَالُ كَثِيْبًا مَّهِيْلًا 14
جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌُٻندا ۽ جبل اڏامندڙ واري ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّآ اَرْسَلْنَآ اِلَيْكُمْ رَسُوْلًا ڏ شَاهِدًا عَلَيْكُمْ كَـمَآ اَرْسَلْنَآ اِلٰى فِرْعَوْنَ رَسُوْلًا ۭ15
اسان اوهان ڏانهن رسول موڪليو آهي . جيڪو اوهان تي قيامت جي ڏينهن شاهد ٿيندو ، جيئن اسان فرعون ڏانهن موسيٰ رسول موڪليو هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَعَصٰى فِرْعَوْنُ الرَّسُوْلَ فَاَخَذْنٰهُ اَخْذًا وَّبِيْلًا 16
پوءِ فرعون رسول کي نه مڃيو . پوءِ ان کي ورتوسون . وٺڻ عقوبت جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكَيْفَ تَتَّقُوْنَ اِنْ كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَّجْعَلُ الْوِلْدَانَ شِيْبَا ڰ 17
پو جڏهن ڪفر ٿا ڪريو ته ، قيامت جي ڏينهن کان ڇو نه ٿا ڊڄو؟ جيڪو ٻارن کي پوڙهو ڪري ڇڏيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويۨالسَّمَاۗءُ مُنْفَطِرٌۢ بِهٖ ۭ كَانَ وَعْدُهٗ مَفْعُوْلًا 18
ان ڏينهن آسمان ڦاٽندا . الله جا وعده پورا ٿيندڙ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ ۚ فَـمَنْ شَاۗءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِيْلًا ۧ19
هي قرآن نصيحت آهي . پوءِ جيڪو گھري الله جي طرف واٽ وٺي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُـثَيِ الَّيْلِ وَنِصْفَهٗ وَثُلُثَهٗ وَطَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الَّذِيْنَ مَعَكَ ۭ وَاللّٰهُ يُقَدِّرُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۭ عَلِمَ اَنْ لَّنْ تُحْصُوْهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنَ الْقُرْاٰنِ ۭ عَلِمَ اَنْ سَيَكُوْنُ مِنْكُمْ مَّرْضٰى ۙ وَاٰخَرُوْنَ يَضْرِبُوْنَ فِي الْاَرْضِ يَبْتَغُوْنَ مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ ۙ وَاٰخَرُوْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ڮ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۙ وَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا ۭ وَمَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَيْرًا وَّاَعْظَمَ اَجْرًا ۭ وَاسْتَغْفِرُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
الله ڄاڻي ٿو ته ، تون رات جو ٻن حصن کان ٿورو ٿو بيهين ۽ اڌ ۽ ٽيون ڀاڱو ٿو بيهين ۽ صحابين جي جماعت تو سان گڏ آهي . ۽ الله راتين ۽ ڏينهن جا قدر ڄاڻي ٿو ۽ الله ڄاڻيو ته ، صحابي رات جي ٻن حصن جو اندازو نه ٿا ڄاڻن . پوءِ انهن کي معاف ڪيائين . پوءِ قرآن مان پڙهو ، جيڪو سولو سمجھو . الله ڄاڻيو ته ، اوهان ۾ مريض به هوندا ۽ ٻيا زمين ۾ سفر ڪندڙ . جيڪي روزيءَ جي طلب ڪن ۽ ٻيا جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪافرن سان جنگ ڪن . پوءِ اوترو پڙهو ، جيترو اوهان کي سولو لڳي ۽ نماز پڙهو ۽ زڪوات ڏيو ۽ پنهنجو مال الله کي اوڌر ڏيو . ڀلو قرض ۽ جيڪو خير آخرت ڏانهن پنهنجي لاءِ موڪليندؤ ته ، اهو الله وٽ گھڻو ڀلو ڏسندؤ ۽ ان جو وڏو ثواب هوندو ۽ الله کان مغفرت گھرو . تحقيق الله مهربان ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي