072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
چؤ مون ڏانهن وحي آئي آهي . تحقيق جنن جي نصيبين جماعت ٻُڌو آهي . پوءِ چيائون ته ، اسان عجيب قرآن ٻُڌو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جيڪو هدايت پهچائي ٿو . پوءِ ان تي ايمان آندوسون . پوءِ الله سان ڪنهن هڪ کي به شريڪ نه ٿا ڪريون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
تحقيق رب جي وڏائي وڏي آهي . جنهن زالن کي نه ورتو ۽ نه ئي اولاد کي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
تحقيق ڪميڻا وڏيرا اسان ۾ الله تي ڪوڙ هڻندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ تحقيق اسان گمان ٿي ڪيو ته ، ماڻهو ۽ جن الله تي ڪوڙ نه هڻندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
تحقيق مرد ماڻهو مرد جنن وٽ پناھ وٺندا هئا . پوءِ ماڻهو جنن جي سرڪشي کي وڌائيندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ ماڻهو گمان ڪندا هئا . جيئن جن گمان ڪندا هئا ته ، الله ڪنهن کي ماري ڪونه جياريندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
تحقيق اسان آسمانن تائين پهچون ٿا . پوءِ ان کي سخت چوڪين ۽ باھ جي اُماڙن سان ڀريل ڏسون ٿا
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ اسان آسمانن جي پاسن کان غيب ٻُڌڻ وارين جاين تي ويهندا هئاسون . هاڻي جيڪو ٻُڌي ٿو ته ، پاڻ لاءِ اماڙ کي نگهباني ڪندڙ ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
اسان نه ٿا ڄاڻون ته ، زمين وارن لاءِ ڪنهن شر جو ارادو ڪيو آهي يا الله انهن جي هدايت جو ارادو ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ تحقيق اسان ۾ صالح آهن ۽ ٻيا به آهن ۽ اسان ۾ گھڻيون جماعتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
اسان گمان ڪيو آهي ته ، اسان الله کي زمين ۾ عاجز نه ڪري سگهنداسين ۽ نه ئي ڀڄي ان کي عاجز ڪري سگهنداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ اسان جڏهن رسول جي هدايت ٻڌي . ان تي ايمان آندو . پوءِ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ، اهو خساري کان نه ڊڄندو ۽ نه ئي ڪفر کان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ اسان ۾ مسلمان آهن۽ ٻيا ڪافر به آهن ۽ جيڪو مسلمان ٿيندو ، اهو سڌي واٽ کي رسيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
پوءِ ڪافر دوزخ جو ٻارڻ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
۽ جيڪڏهن هدايت جي واٽ تي مضبوط بيهن ته ، انهن کي وڏ ڦڙو پياريون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
ته انهن کي آزمايون ته ، ڇا انهن مان شڪرانو ڪن ٿا ؟ ۽ جيڪو الله جي ذڪر کان جھليندو ته ، الله سخت عذاب ۾ داخل ڪندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
تحقيق مسجدون الله جون آهن . پوءِ الله سان ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ جڏهن رسول بيهي ٿو ۽ الله کان دعا پُني ٿو ته، ان تي گڏ ٿيندڙ ويجها ٿين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
چؤ الله کان ئي دعا گھران ٿو ۽ ڪنهن هڪ کي به شريڪ نه ٿو ڪريان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي