071 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِنَّآ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖٓ اَنْ اَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 1
اسان نوح نبيءَ کي ان جي امت ڏانهن موڪليو ته، پنهنجي قوم کي ڏکوئيندڙ عذاب اچڻ کان اڳ ڊيڄاري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ يٰقَوْمِ اِنِّىْ لَكُمْ نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 2ۙ
چيائين ته ، اي منهنجي قوم ! مان توهان کي پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّقُوْهُ وَاَطِيْعُوْنِ 3ۙ
الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ اِذَا جَاۗءَ لَا يُؤَخَّرُ ۘ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 4
ته الله توهان کي توهان جا گناھ بخشي ۽ توهان کي مرڻ تائين صالح عمر ڏئي . تحقيق مرڻ جو وقت الله جي طرفان مقرر ڪيل آهي . جڏهن ايندو ته ، پوءِ نه ٿيندو . جيڪر ڄاڻو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ اِنِّىْ دَعَوْتُ قَوْمِيْ لَيْلًا وَّنَهَارًا 5ۙ
چيائين ته ، اي منهنجا رب! مون پنهنجي قوم کي تو ڏانهن رات ڏينهن سڏيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَاۗءِيْٓ اِلَّا فِرَارًا 6
منهنجي سڏڻ ، انهن ۾ رڳو حق کان ڀڄڻ کي زياده ڪيو ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنِّىْ كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوْٓا اَصَابِعَهُمْ فِيْٓ اٰذَانِهِمْ وَاسْتَغْشَوْا ثِيَابَهُمْ وَاَصَرُّوْا وَاسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًا 7ۚ
مان جڏهن به انهن کي سڏيان ٿو ته ، من تون انهن کي بخشين ته ڪنن ۾ آڱريون ٿا وجھن ۽ ڪپڙن ۾ ويڙهجن ٿا ۽ سرڪشي ۾ ڏاڍو هٺ ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ اِنِّىْ دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا 8ۙ
پوءِ مون انهن کي پڌرو سڏيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ اِنِّىْٓ اَعْلَنْتُ لَهُمْ وَاَسْرَرْتُ لَهُمْ اِسْرَارًا 9ۙ
تنهن کان پوءِ پڌري نموني دين پهچايم ۽ گھڻيون ڳجھيون نصيحتون ڪيم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًا ۙ10
پوءِ انهن کي چيم ته ، الله کان معافي گھرو . جيڪو بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُّرْسِلِ السَّمَاۗءَ عَلَيْكُمْ مِّدْرَارًا ۙ11
ته اوهان تي لاڳيتو مينهن موڪلي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّيُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَيَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّيَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًا ۭ12
۽ اوهان کي مال ۽ پٽَ ڏئي ۽ اوهان لاءِ بهشت ڪري ۽ اوهان لاءِ نهرون ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا لَكُمْ لَا تَرْجُوْنَ لِلّٰهِ وَقَارًا ۚ13
اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ جو الله جي وڏائي ۽ تعظيم کي نه ٿا ڏسو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَدْ خَلَقَكُمْ اَطْوَارًا 14
۽ اوهان کي گھڻن قسمن ۾ خلقيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَوْا كَيْفَ خَلَقَ اللّٰهُ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۙ15
ڇا نه ٿا ڏسو ته ، الله ست آسمان خلقيا آهن . هڪ ٻئي جي مٿان طبقن ۾ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّجَعَلَ الْقَمَرَ فِيْهِنَّ نُوْرًا وَّجَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا 16
۽ ان ۾ چنڊ جو نور جوڙيائين ۽ روشني ڪندڙ سج جو ڏيئو جوڙيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ۙ17
۽ اوهان کي الله مٽيءَ مان پيدا ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ يُعِيْدُكُمْ فِيْهَا وَيُخْرِجُكُمْ اِخْرَاجًا 18
پوءِ اوهان کي ماري موٽائي مٽيءَ ۾ ۽ اوهان کي جيئرو ڪري مٽيءَ مان ڪڍندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاللّٰهُ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ بِسَاطًا ۙ19
۽ الله اوهان لاءِ زمين وڇاڻو ڪري ٺاهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّتَسْلُكُوْا مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا ۧ20
جنهن تي ڪشادين واٽن تي هلو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي