070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
پُڇندڙ عذاب جي خبر ٿو پڇي ، جيڪو واقع ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
ڪافرن لاءِ ، جنهن کي ڪو لاهيندڙ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
الله کان سواءِ ، جيڪو عُروجن جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
ملائڪ ۽ جبرئيل قيامت جي ڏينهن الله ڏانهن عروج ڪندا . جنهن جو اندازو پنجاھ هزار ورهيه آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
پوءِ صبر ڪر . ڀلو صبر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
اهي ڪافر قيامت کي پراهون ٿا ڏسن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
۽ اسان ڏسون ٿا ته ، ويجهي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
جنهن آسمان ڦري خاڪ جي مثل ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ جبل اُنَّ جي مثل ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
۽ ڪو يار ُ يارَ کي ڪونه پڇندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
ڪافر هڪ ٻئي کي ڏسندا . خواهش ڪندا ته ، ان ڏينهن جي عذاب کان پُٽن کي فديي ۾ ڏين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
۽ پنهنجي عورتن کي ۽ ڀائرن کي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
۽ قبيلي کي ، جنهن پرڻايس ڪَيُس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
۽ جيڪي شيون زمين ۾ آهن ، سڀئي . پو به ان کي ڇڏائي نه سگھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
ڄاڻ ته ، هيءَ دوزخ ڏنڀيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
آنڊن کي پَٽيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
ان ڪافرکي سڏيندڙ آهي ، جيڪو ڦري وڃي ۽ پٺ ڏئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
۽ مال ميڙي سانڍي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
تحقيق ماڻهو حرص ڪندڙ خلقيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
جڏهن سختي ٿي رسيس ته ، بي صبرو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي