007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗمّۗصۗ 1ۚ
المص .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
هي ڪتاب جيڪو تو تي نازل ڪيوسين. پوءِ تنهنجي سيني ۾ ان کان تنگي نه هئڻ گھرجي. جيئن تون ان سان ڊيڄارين ۽ مومنن لاءِ نصيحت آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
جيڪو توهان جي رب جي طرفان توهان ڏانهن نازل ٿيو آهي. ان جا تابع ٿيو ۽ الله کي ڇڏي ٻين دوستن جا تابع نه ٿيو. الله جي يادگيري ٿوري ٿا ڪريو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ ڪيترا ڳوٺ تباھ ڪياسون. پوءِ انهن تي اسان جو عذاب رات جو آيو ، جيڪي ان وقت ستل آيا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ جڏهن اسان جو عذاب انهن وٽ آيو، ته انهن وٽ ڪو جواب نه هو. مگر هي چيائون ، ته اسان ظالم هئاسين.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ انهن کان پڇنداسين ، جن ڏانهن نبي موڪلياسون ۽ نبين کان به پڇنداسين.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ انهن تي ڄاڻ سان قصو ڪنداسين ۽ اسان غائب نه هئاسين.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
پوءِ ان ڏينهن ۾ عملن جو تورڻ حق آهي. پوءِ جنهن جا نيڪ عمل ڳرا ٿيندا ، اهي فلاح وارا ٿيندا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جنهن جا نيڪ عمل هلڪا ٿيندا ، ته انهن جا نفس خساري وارا ٿيندا. جو اهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
تحقيق توهان کي زمين ۾ جاءِ ڏنيسون ۽ توهان لاءِ ان ۾ گذران پيدا ڪيوسون ۽ ٿورو شڪر ٿا ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ تحقيق توهان کي خلقيوسين . پوءِ توهان جي صورت ٺاهي سون . پوءِ ملائڪن کي چيوسين ته ، آدم کي سجدو ڪريو . پوءِ سجدو ڪيائون . مگر ابليس سجدي ڪندڙن مان نه هو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
الله چيو ته ، ڇو سجدو نه ڪيَئِي؟ جڏهن ته توکي امر ڪيم . چيائين ته ،مان ان کان ڀلو آهيان . جيئن تو مون کي باھ مان خلقيو ۽ ان کي مٽيءَ مان خلقيَئِي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
الله چيو ، ته ابليس ! بهشت مان نڪر. پوءِ تو کي حق نه آهي. جو بهشت ۾ هٺ ڪرين. پوءِ نڪر. تحقيق تون خوارن مان آهين.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
ابليس چيو ، ته مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
الله چيو ، ته تو کي مهلت ڏنل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
شيطان چيو ، ته مون کي قسم آهي ، تنهنجي گمراھ ڪرڻ جو، ته آءٌ انهن لاءِ تنهنجي سڌي واٽ تي ويهندس.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ انهن وٽ اڳيان ۽ پٺيان ايندس ۽ انهن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ۽ انهن مان گھڻن ماڻهن کي شڪر ڪندڙ نه ڏسندين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
الله چيو ته ، بهشت مان خوار ۽ تڙيل ٿي نڪر . انهن مان جيڪو تنهنجي واٽ جو تابع ٿيندو اُنهن سڀني سان دوزخ ڀريندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال بهشت ۾ رهو ۽ ان مان جتان وڻيوَ ،کائو ۽ هن وڻ جي ويجھو نه وڃجو. پوءِ ظالمن مان ٿيندؤ.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان انهن ٻنهي کي وسوسا وڌا ، ته جيئن انهن جا ڍڪيل عيب ظاهر ڪري ، جيئن اُگھاڙپ ۽ چيائين ، ته توهان کي توهان جي رب هن وڻ کان انهيءَ ڪري منع ڪئي آهي. جو متان توهان ڦري ملائڪ نه ٿيو يا هميشه جي حياتي وارا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي