069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
قيامت .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
ڏاڍي عجيب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ تو کي ڪير ڄاڻائي ته ، قيامت ڪيڏي آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ثمودن ۽ عادين قيامت کي نه مڃيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پر ثمودن کي سخت عذاب سان هلاڪ ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
پر جيڪي عادي هئا ، تن کي سخت گرم هوا سان هلاڪ ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
جيڪا انهن تي الله ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لاڳيتو موڪلي . پوءِ انهن ڪافرن کي هوا ۾ ڪرندي ڏسين ته جيئن کجيءَ جا ٿڙ سڙي ڪرندا هجن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ انهن مان ڪو باقي ڪونه ٿو ڏسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون آيو ۽ جيڪي ڪافر ان کان اڳ هئا ۽ لوط جي قوم ڪفر سان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ الله جي رسولن جو چيو نه ڪيائون . پوءِ الله انهن جي سخت پڪڙ ڪئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
اسان نوح جي زماني ۾ پاڻي غالب ٿيڻ جي وقت اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ کنيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
ته اوهان لاءِ ٻيڙي کي عبرت ڪريون ۽ ان کي ياد ڪندڙ ڪَنَّ ياد ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪڙي ڦوڪ ڦوڪيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
زمينون ۽ جبل کڻبا . پوءِ هيڪاندا ڪُٽبا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
پوءِ ان ڏينهن قيامت واقع ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
آسمان چيريا ويندا . پوءِ اهي ان ڏينهن سست ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنڌين تي هوندا ۽ ان ڏينهن اَٺ ملائڪ رب جو عرش پنهنجي مٿي تي کڻندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
ان ڏينهن سڀ مخلوق الله وٽ حاضر ٿيندي . توهان جي ڪا ڳجھي ڪانه لڪندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ جنهن کي ساڄي هٿ ۾ ڪتاب ڏبو ته ، چوندو ته ، اچو ته ڪتاب پڙهون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
مون يقين ڪيو هو ته ، منهنجو حساب ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي