068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
ن . قسم آهي قلم جو ۽ جيڪي ملائڪ لکن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
ته تون الله جي اهڙين نعمتن سان چريو نه آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
۽ تحقيق تو لاءِ بي حساب ثواب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ تون وڏن ڀلن اخلاقن تي آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
پوءِ سگهو ئي ڏِسندين ۽ ڪافر قيامت ۾ ڏسندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته ڪهڙو چريو آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
تحقيق الله ان کي ڄاڻي ٿو ، جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ آهي ۽ اهو هدايت وارن کي ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
پوءِ ڪوڙن ڪافرن جو چيو نه ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
خواهش ٿا ڪن ته ، هوند تون سست ٿئين ته ، ڪافر سست ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
۽ هر ڪنهن خوار قسم کڻندڙ جو چيو نه ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
گلا خور چغلي سان هلندڙ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
اُبّي کي اسلام کان جهلي . جيڪو سرڪش ۽ فاسق آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
دل جو سخت ، ان کان پوءِ ولدُ زِّنا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
جيئن مال ۽ پُٽن جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
جڏهن رسول ان وٽ قرآن پڙهي ٿو ته ، چئي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
سگهو ان کي نڪ تي نشاني ڪنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
اسان قريشن کي ايئن آزمايو ، جيئن باغ وارن کي آزمايوسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
جڏهن قسم کنيائون ته، صبح جي وقت باغ جا ميوا کڻنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
۽ فقيرن جو حصو نه ڪڍنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
پوءِ باغ تي الله وٽان آفت ڦري وئي ۽ اهي ستل هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي