1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

067 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

67:1

تَبٰرَكَ الَّذِيْ بِيَدِهِ الْمُلْكُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرُ 1‏۝ۙ

الله گھڻي برڪت وارو آهي ، جنهن جي هٿن ۾ ٻنهي جهانن جي بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:2

ۨالَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيٰوةَ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ 2‏۝ۙ

جنهن موت ۽ حياتي خلقي ته ، اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪهڙو ڀلا عمل ڪري ٿو؟ اهو غالب ۽ بخشيندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:3

الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۭ مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ 3‏۝

جنهن ست آسمان خلقيا آهن . جيڪي طبقا طبقا آهن . الله جي خلقڻ ۾ ڪو فرق نه ڏسندين . پوءِ آسمان ڏانهن اک موٽاءِ ۽ ڪو نقص ٿيل نه ڏسندين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:4

ثُـمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ 4‏۝

پوءِ ٻيو ڀيرو اک آسمان ڏانهن موٽاءِ ته ، اک تو ڏانهن خوار ٿي موٽندي ۽ اها ڪنهن به عيب کي ڏسڻ کان نااميد آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:5

وَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيْحَ وَجَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّـيٰطِيْنِ وَاَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ 5‏۝

۽ دنيا جي آسمان کي تارن جي ڏيئن سان سينگاريوسون ۽ انهن کي غيب جون خبرون ٻڌندڙ شيطانن کان تڙڻ لاءِ رکيوسون ۽ اسان انهن لاءِ دوزخ جو عذاب جوڙيو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:6

وَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 6‏۝

۽ جن رب سان ڪفر ڪيو ، انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ اها بري جاءِ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:7

اِذَآ اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِيْقًا وَّهِىَ تَفُوْرُ 7‏۝ۙ

جڏهن دوزخ ۾ پوندا ته ، دوزخ جي هڪل ٻُڌندا ۽ اهو ٽهڪندڙ هوندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:8

تَكَادُ تَمَــيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ ۭ كُلَّمَآ اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَــتُهَآ اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ 8‏۝

جڏهن ان ۾ جماعت ِوڌي ويندي ته جلد ڏمر مان ڦاٽندي . انهن کان دوزخ جا نگهبان ملائڪ پڇندا ۽ چوندن ته ، ڇا توهان وٽ رسول ڪونه آيا هئا؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:9

قَالُوْا بَلٰي قَدْ جَاۗءَنَا نَذِيْرٌ ڏ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَيْءٍ ښ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ كَبِيْرٍ 9‏۝

چوندا ته ، اسان وٽ ڊيڄاريندڙ رسول آيا هئا . پوءِ انهن کي ڪونه مڃيوسون ۽ چيوسون ته ، اوهان کي الله نازل ڪونه ڪيو آهي ۽ اوهان رسول ته وڏي چريائپ ۾ آهيو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:10

وَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِيْٓ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ ؀10

چوندا ته ، جيڪڏهن اسان رسولن جي نصيحت ٻُڌي ۽ پروڙيون ها ته ، اڄ دوزخ وارا نه هجون ها .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:11

فَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِيْرِ ؀11

پوءِ پنهنجا گناھ مڃيندا . پوءِ اهل دوزخ لاءِ هلاڪي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:12

اِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ ؀12

تحقيق جيڪي پرپٺ رب کان ڊڄن ٿا ۽ رب کي ڪونه ڏٺو اٿن . انهن لاءِ مغفرت ۽ وڏو اجر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:13

وَاَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ ۭ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ ؀13

پنهنجي ڳالھ ڳجھي ڪندا يا ظاهر ته ، الله سڀ ڄاڻي ٿو ، جيڪو سينن جي اندر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:14

اَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ ۭ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ ؀ۧ14

جنهن الله اوهان کي خلقيو آهي ، اهو اوهان کي ڇو نه پروڙيندو؟ اهو دانا ۽ واقف آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:15

هُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ ۭ وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ ؀15

اهو سو آهي ، جنهن اوهان لاءِ زمين نرم ڪري جوڙي آهي . ان تي طرفن کان هلو ٿا ۽ زمين تي الله جي رزق مان کائو ٿا ۽ ان ڏانهن موٽندؤ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:16

ءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِيَ تَمُوْرُ ؀ۙ16

ڇا الله جي ان عذاب کان امن ۾ آهيو؟ جيڪو آسمان ۾ آهي . جيڪڏهن زمين توهان کي ڳيهي . پوءِ اها سگهو سگهو ڌُٻندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:17

اَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ۭ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ ؀17

ڇا توهان الله کان امن وارا آهيو؟ جيڪڏهن توهان تي هوا ۾ پٿر موڪلي ته ، هوند جلد ڄاڻو ته ڊيڄاريندڙ سچا آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:18

وَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ ؀18

تحقيق جيڪي قريشن کان اڳ هئا ، انهن نه مڃيو . پوءِ انهن تي منهنجو عذاب ڪرڻ ڪيئن هو؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:19

اَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صٰۗفّٰتٍ وَّيَقْبِضْنَ ڪ مَا يُمْسِكُـهُنَّ اِلَّا الرَّحْـمٰنُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍۢ بَصِيْرٌ ؀19

ڇا پکين کي نه ٿا ڏسن؟ جيڪي مٿن کان مٿي هوا ۾ صفون ٺاهين ٿا . پرَ پکيڙين ٿا ۽ سوڙها ڪن ٿا . انهن کي الله جي قدرت هوا ۾ جھلي ٿي ۽ اهو سڀني شين کي ڏسندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

67:20

اَمَّنْ هٰذَا الَّذِيْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ ۭ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِيْ غُرُوْرٍ ؀ۚ20

ڇا هي ڪافر، جيڪي اوهان جو لشڪر آهن . الله جي حڪم کان سواءِ توهان کي الله جي عذاب کان ڇڏائيندا؟ ڪافر ته رڳو ڪوڙي خيال ۾ آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي