064 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يُسَبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْـحَمْدُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1
جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ، سڀ الله جون تسبيحون ٿا چون . ان جي بادشاهي ۽ ساراھ آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ فَمِنْكُمْ كَافِرٌ وَّمِنْكُمْ مُّؤْمِنٌ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 2
جنهن اوهان کي خلقيو .پوءِ ڪي ڪافر آهن ۽ ڪي مومن ۽ الله اوهان جا عمل ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَاَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
آسمان ۽ زمين سچ سان خلقيائين . اوهان کي جوڙيائين . پوءِ اوهان جي ڀلي صورت ڪيائين ۽ ان ڏانهن موٽندؤ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 4
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ، سڀ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان جا ڳجھ ۽ پڌرا ڄاڻي ٿو ۽ الله سيني جي اندر کي به ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ قَبْلُ ۡ فَذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 5
ڇا توهان کي انهن جي خبر ڪونه پهتي؟ جن اڳي ڪفر ڪيو . پوءِ ڪفر جي عقوبت چکيائون ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكَ بِاَنَّهٗ كَانَتْ تَّاْتِيْهِمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَقَالُوْٓا اَبَشَرٌ يَّهْدُوْنَنَا ۡ فَكَفَرُوْا وَتَوَلَّوْا وَّاسْتَغْنَى اللّٰهُ ۭ وَاللّٰهُ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 6
هن سبب جي ڪري جيئن انهن وٽ معجزن سان رسول ايندا هئا . پوءِ چوندا هئا ته ، ڇا اسان کي اسان جهڙو ماڻهو هدايت ڪندو؟ پوءِ نه مڃيائون ۽ الله کان ڦريا ۽ الله بي پرواھ آهي ۽ الله بي نياز ۽ ساراهيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويزَعَمَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنْ لَّنْ يُّبْعَثُوْا ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتُبْعَثُنَّ ثُـمَّ لَتُـنَبَّؤُنَّ بِـمَا عَمِلْتُمْ ۭ وَذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 7
ڪافر ڀانئين ٿا ته ، مري ڪين اٿنداسون . چؤ ته اٿنداسون ۽ قسم آهي رب جو، البته مري اٿنداسون . پوءِ پنهنجي عملن جي جزا لهندا ۽ اها ڳالھ الله وٽ سولي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَالنُّوْرِ الَّذِيْٓ اَنْزَلْنَا ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 8
پوءِ الله ۽ رسول ۽ قرآن تي ايمان آڻيو . جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ الْجَمْعِ ذٰلِكَ يَوْمُ التَّغَابُنِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9
جنهن ڏينهن اوهان کي گڏ ڪندو . گڏجڻ واري ڏينهن ، جيڪو خساري جو ڏينهن آهي ۽ جيڪي الله کي مڃن ۽ نيڪ عمل ڪن ته ، الله انهن تان گناھ لاهيندو ۽ بهشت ۾داخل ڪندن . جن جي هيٺان نهرون جاري آهن . ان ۾ هميشه هوندا . اهو وڏو ڇوٽڪارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ ۧ10
۽ جيڪي ڪفر ڪن ۽ اسان جي آيتن کي نه مڃين ، اهي اهل دوزخ آهن . ان ۾ هميشه هوندا ۽ اها بري جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَآ اَصَابَ مِنْ مُّصِيْبَةٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ يَهْدِ قَلْبَهٗ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 11
اوهان کي ڏک الله جي حڪم سان رسي ٿو ۽ جيڪو الله کي مڃيندو ته ، ان جو قلب هدايت وارو آهي ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَاَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ ۚ فَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاِنَّـمَا عَلٰي رَسُوْلِنَا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 12
الله ۽ رسول جو چيو ڪريو . پوءِ جيڪڏهن رسول کان ڦرندؤ ته ، اسان جي رسولن تي رڳو پڌرو دين پهچائڻ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 13
ناهي ڪو معبود مگرالله آهي ۽ مومن ڀلي ان تي اعتماد ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنَّ مِنْ اَزْوَاجِكُمْ وَاَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوْهُمْ ۚ وَاِنْ تَعْفُوْا وَتَصْفَحُوْا وَتَغْفِرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
اي مومنو! تحقيق اوهان جون عورتون ۽ اولاد اوهان کي الله کان غافل ڪندڙ دشمن آهن . پوءِ انهن کان ڊڄو ۽ انهن کان پاسو ڪريو ۽ جيڪڏهن ماڻهن کي عفو ڪندؤ ۽ درگذر ڪندؤ ۽ بخشيندؤ ته ، الله معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَآ اَمْوَالُكُمْ وَاَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ ۭ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ ٓ اَجْرٌ عَظِيْمٌ 15
مال ۽ اولاد الله کان جھليندڙ آهن ۽ الله وٽ وڏو ثواب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاتَّقُوا اللّٰهَ مَا اسْتَطَعْتُمْ وَاسْمَعُوْا وَاَطِيْعُوْا وَاَنْفِقُوْا خَيْرًا لِّاَنْفُسِكُمْ ۭ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 16
۽ جيترو ٿي سگهيوَ الله کان ڊڄو ۽ الله جو حڪم ٻڌو ۽ ان جو چيو ڪريو ۽ اهو مال خرچ ڪيو جيڪو پنهنجي لاءِ ڀلو ڀانئيو ۽ جنهن کي الله اندر جي بخل کان پناھ ۾ رکندو ، اهو ڪامياب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ تُقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ شَكُوْرٌ حَلِيْمٌ ۙ17
جيڪڏهن الله کي ڀلو قرض اوڌر تي ڏيندا ته انهن کي وڌائي ڏيندو ۽ انهن جا گناھ بخشيندو ۽ الله شڪريو ڪندڙ ۽ بردبار آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ ۧ18
ڳجھ ۽ پڌري جو ڄاڻندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي