062 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يُسَـبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ الْمَلِكِ الْقُدُّوْسِ الْعَزِيْزِ الْحَكِـيْمِ 1
جيڪي به شيون آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ، الله جي تسبيح ٿيون چون . اهو الله بادشاھ ، پاڪ ، غالب ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُوَ الَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ يَتْلُوْا عَلَيْهِمْ اٰيٰتِهٖ وَيُزَكِّيْهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَةَ ۤ وَاِنْ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ 2ۙ
جنهن جاهل عربن ۾ عربن مان رسول موڪليو . جيڪو عربن تي الله جون آيتون پڙهي ٿو . شرڪ کان پاڪ ٿو ڪرينُ ۽ ڪتاب ۽ ڳجھيون ڳالهيون سيکارينُ ٿو ۽ رسول کان اڳ عرب پڌري گمراهيءَ ۾ هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاٰخَرِيْنَ مِنْهُمْ لَمَّا يَلْحَقُوْا بِهِمْ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
۽ اڃا ٻيا عرب مسلمان ٿي اوهان سان گڏيا ڪونه آهن ۽ الله غالب ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكَ فَضْلُ اللّٰهِ يُؤْتِيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيْمِ 4
هي الله جو وڏو فضل آهي . جيڪو جنهن کي گھري ڏئي ٿو ۽ الله وڏي ڀلا ئيءَ جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَثَلُ الَّذِيْنَ حُمِّلُوا التَّوْرٰىةَ ثُـمَّ لَمْ يَحْمِلُوْهَا كَمَثَلِ الْحِمَارِ يَحْمِلُ اَسْفَارًا ۭ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِيْنَ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 5
انهن جو مثل ، جن تي توريت تي عمل ڪرڻ جي تڪليف ڪئي سون . پوءِ نه کنيائون . اهي گڏهن جي مثل آهن . جيڪي ڪتابن جون ڀريون کڻن ٿا . مثال تنهن جماعت جو ، جيڪا قرآن کي نه مڃي . الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ هَادُوْٓا اِنْ زَعَمْتُمْ اَنَّكُمْ اَوْلِيَاۗءُ لِلّٰهِ مِنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 6
اي يهوديو! جيڪڏهن ڀانئيو ٿا ته ،اسين الله جي لقاءَ جا ٻين ماڻهن کان سواءِ دوست آهيون ته، پوءِ مرڻ جي خواهش ڪريو . جيڪڏهن اوهان سچا آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا يَتَمَنَّوْنَهٗ ٓ اَبَدًۢا بِـمَا قَدَّمَتْ اَيْدِيْهِمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِالظّٰلِمِيْنَ 7
۽ هرگز ڪڏهن به يهودي پنهنجي بڇڙن عملن جي ڪري موت جي خواهش نه ڪندا ۽ الله ظالمن کي سڃاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِيْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِيْكُمْ ثُـمَّ تُرَدُّوْنَ اِلٰى عٰلِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8ۧ
چؤ ته ، موت کان اوهان ڀڄو ٿا . جيڪو اوهان کي رسندو . پوءِ الله ڏانهن موٽندؤ . جيڪو ڳجھ ۽ پڌري کي ڄاڻي ٿو . پوءِ اوهان کي پنهنجي عملن جي جزا ڏيندو . جيڪي ڪريو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ يَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 9
اي مومنو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز جي ٻانگ ڏني وڃي ته ، خطبي ٻڌڻ جو سعيو ڪريو ۽ سودا ۽ دنيا جا ڪم ڇڏيو . هي سعيو اوهان لاءِ ڀلو آهي . جيڪڏهن ڄاڻو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا قُضِيَتِ الصَّلٰوةُ فَانْتَشِرُوْا فِي الْاَرْضِ وَابْتَغُوْا مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ وَاذْكُرُوا اللّٰهَ كَثِيْرًا لَّعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ 10
پوءِ جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جي رزق جي طلب ڪريو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو . من اوهين ڪامياب ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا رَاَوْا تِجَارَةً اَوْ لَهْوَا ۨانْفَضُّوْٓا اِلَيْهَا وَتَرَكُوْكَ قَاۗىِٕمًا ۭ قُلْ مَا عِنْدَ اللّٰهِ خَيْرٌ مِّنَ اللَّهْوِ وَمِنَ التِّجَارَةِ ۭ وَاللّٰهُ خَيْرُ الرّٰزِقِيْنَ ۧ11
۽ جڏهن قريش شام جا سوداگر ۽ سرود ۽ سودي جا دهل ڏسن ٿا ته ، انهن ڏانهن ڀڄن ٿا ۽ توکي نماز ۾ بيٺل ڇڏين ٿا . چؤ ته رزق الله وٽ آهي . اهو دهلن ۽ سودي کان ڀلو آهي ۽ الله ڀلو رزق ڏيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي