060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي مومنو! ڪافرن کي ڳجھا دوست نه ڪري وٺو . جيڪي منهنجا ۽ اوهان جا دشمن آهن . انهن سان دوستيون ڪريو ٿا ۽ تحقيق ان دين کي نه ٿا مڃين ، جيڪو اوهان وٽ الله کان آيو . رسول کي ۽ اوهان کي الله تي ايمان آڻڻ جي ڪري مڪي مان لوڌي ڪڍيائون . جيڪو اوهان جو مالڪ آهي . جيئن ته ، منهنجي واٽ ۾ جنگ ڪرڻ ۽ منهنجي راضپي جي طلب لاءِ نڪتا آهيو . پر انهن سان ڳجھي دوستي ٿا ڪريو ۽ مان ڄاڻان ٿو . جيڪي ڳجھو ٿا ڪريو ۽ جيڪي پڌرو ٿا ڪريو ۽ جيڪي اوهان مان ڪافرن سان دوستي ڪندا ته ، اهي الله جي واٽ کان گمراھ ٿيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
جيڪڏهن ڪافر اوهان کي اڪيلو ڏسن ته ، اوهان جا دشمن ٿين ۽ پنهنجا هٿ اوهان کي ڪهڻ لاءِ ۽ زبانون گارين لاءِ ڊگھيرين ۽ محبت رکن ٿا ته ، من اوهين ڪافر ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
اوهان جون ڪافرن سان قرابتون اوهان کي فائدو نه ڏينديون . نه اوهان جو ڪافر اولاد اوهان کي فائدو ڏيندو . قيامت ۾ الله اوهان ۾ جدائي ڪندو ۽ الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
۽ تحقيق اوهان لاءِ ابراهيم جي پيروي ڪرڻ ڀلي آهي ۽ انهن جي جيڪي ان سان گڏ هئا . جڏهن ڪافرن کي چيائون ته ، اسان اوهان جي انهن بتن کان بيزار آهيون ، جن کي توهان الله کان سواءِ پوڄيو ٿا . اوهان جي دوستي کي نه ٿا مڃون ۽ اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض هميشه لاءِ ظاهر آهي . جيستائين الله کي هڪڙو ڀانئَين ايمان آڻيندؤ . مگر ابراهيم پنهنجي پيءَ سان ڳالھ ڪئي هئي ته ، تو لاءِ الله کان بخشش گھرندس ۽ الله وٽ تو لاءِ ڪنهن شيءِ لاءِ قادر نه آهيان . اسان جا رب! تو تي اعتماد ٿا ڪريون ۽ تو ڏانهن موٽئون ٿا ۽ تو ڏانهن مري موٽنداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
اي اسان جا رب! اسان کي عاجز رهيل نه ڪجين . متان ڪافر شڪ ڪن ۽ اسان کي بخش ڪجين . اسان جا رب! تون غالب ۽ دانا آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
تحقيق توهان لاءِ انهن نبين جي پيروي ڀلي آهي ، جيڪي الله کان ۽ قيامت جي ڏينهن کان ڊڄن ٿا ۽ جيڪو دين کان ڦرندو ته الله بي پرواھ ۽ ساراهيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
سگهو اوهان جي ۽ اوهان جي دشمنن جي وچ ۾ الله دوستي ڪندو ۽ الله قادر آهي ۽ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
الله اوهان کي انهن سرڪشن سان دوستي کان نه ٿو جھلي ، جن اوهان سان دين ۾ جنگ نه ڪئي ۽ نه ئي اوهان کي حويلين مان لوڌيائون . جيڪڏهن انهن سان احسان ۽ عدل ڪندؤ ته ، الله عدل ڪندڙن سان محبت رکي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
الله اوهان کي انهن سان دوستي کا منع ٿو ڪري ، جن اوهان سان دين ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن ڳوٺن مان لوڌيائون ۽ اوهان کي لوڌڻ ۾ همراهي ڪيائون . انهن سان دوستي نه رکو ۽ جيڪو انهن سان دوستي رکندو ته اهو ظالمن مان آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اي مومنو! جڏهن اوهان وٽ مومن عورتون مڪي کان لڏي اچن ته ، انهن جوايمان آزمايو . الله انهن جو ايمان ڄاڻي ۽ جي ڄاڻو سچيون مومن عورتون ته ، اهي ڪافرن کي موٽائي نه ڏيو . اهي ڪافرن تي حلال نه آهن ۽ نه ئي ڪافر مڙس انهن لاءِ حلال آهن ۽ جيڪو خرچ ڪيائون ، سو ِڏيَونُ ۽ اوهان تي گناھ ناهي جيڪڏهن انهن کي پرڻئو ۽ مهر ڏيو۽ پاڻ وٽ ڪافر عورتون نه جھليو ۽ انهن ڪافر عورتن کان اوهان جو ڪيل خرچ گھرو ۽ ڀلي ڪافر مڙس مومن عورتن کان خرچ گھرن . هيءُ الله جو حڪم آهي . جيڪو توهان جي وچ ۾ حڪم ٿو ڪري ۽ الله عالِم ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن اوهان جو مال اوهان جي ڪافر عورتن ڏانهن رهيو آهي ته ، برابر ڪيو اوترو ئي ۽ انهن کي ڏيو ، جن جو مال عورتن کنيو . ان جي برابر جيڪو خرچ ڪيائون . الله کان ڊڄو . جنهن تي اوهين ايمان آڻيو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي نبي! جڏهن تو وٽ مومن عورتون اچن ۽ وعدو ڪن ته ، الله سان شرڪ ڪونه ڪنديونسين ۽ نه چوري ڪنديونسين ۽ نه زنا ڪنديونسين ۽ نه ڌيئون مارينديونسين ۽ نه ڪوڙا بهتان هڻنديونسين . جيئن پنهنجي هٿن پيرن جي وچان ڪوڙا بهتان جوڙين ۽ شرع جي حڪم تي تنهنجون بي فرمان ڪونه ٿينديونسين . پوءِ انهن جو وعدو قبول ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گھر . تحقيق الله انهن کي معاف ڪندو ۽ بخش ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي مومنو! انهن ڪافرن سان دوستي نه رکو ، جن تي الله جو ڏمر آهي . تحقيق ڪافر آخرت جي نعمتن کان نا اميد آهن . جيئن ڪافر مري جيئڻ کان نا اميدي ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي