1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

006 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

6:1

اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1‏۝

حمد آهي الله جي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو ۽ اونداهيون ۽ نور پيدا ڪيائين. پوءِ ڪافر پنهنجي رب سان شرڪ ٿا ڪن.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:2

هُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2‏۝

الله اهو آهي، جنهن اوهان کي مٽيءَ مان خلقيو آهي. پوءِ موت کي پيدا ڪيائين ۽ الله وٽ سڀ ڪنهن لاءِ موت مقدر آهي. پوءِ اوهان ان ۾ ڇو ٿا شڪ ڪريو؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:3

وَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3‏۝

۽ الله پاڪ، آسمان ۽ زمين ۾ آهي. اهو اوهان جي اندر جو ۽ ٻاهر جو ڳجھ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان جا ڪم ڄاڻي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:4

وَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4‏؁

۽ جڏهن انهن وٽ الله جي معجزن مان ڪا آيت اچي ٿي، ته ان کان اکيون ٿا پورين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:5

فَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5‏۝

پوءِ تحقيق جڏهن انهن وٽ قرآن آيو ته، انهن ايمان نه آندو. پوءِ انهن کي سگهو ان جي جزا ملندي. جنهن تي چٿرون ٿا ڪن.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:6

اَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6‏۝

ڇا نه ڏٺائون ته، اسان انهن کان اڳ ڪيترين جماعتن کي هلاڪ ڪيو؟ انهن کي اسان زمين ۾ حڪومت جي جاءِ ڏني، جيڪا اوهان کي به نه ڏني سون ۽ انهن تي هڪ ٻئي پٺيان مينهن موڪلياسون ۽ انهن لاءِ نهرون مقرر ڪيوسين. جيڪي انهن جي ماڙين جي هيٺان جاري هجن. پوءِ انهن جي گناهن جي سبب کين هلاڪ ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيونسين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:7

وَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7‏۝

۽ جيڪڏهن اسان تو تي سڄو ڪتاب ڪاغذ تي لکيل نازل ڪيون. پوءِ يقين سان پنهنجا هٿ ان کي لڳائين . تڏهن به ڪافر چوندا ته، هي ته پڌرو سحر آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:8

وَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8‏۝

۽ چون ٿا ته، انهن تي ملائڪ ڇو نه ٿو نازل ٿئي ۽ جيڪڏهن ملائڪ انهن تي نازل ڪيون ها ته، انهن تي عذاب لازم ٿي پئي ها ۽ انهن کي مهلت نه ملي ها.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:9

وَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9‏۝

۽ جيڪڏهن اسان پنهنجو رسول ملائڪ ڪيون ها، ته به ان کي مرد ڪيون ها ۽ ان کي به اهو ئي ڍڪايون ها. جيڪو ماڻهو ڍڪين ٿا. پوءِ به نه مڃين ها.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:10

وَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ؀ۧ10

۽ تحقيق اڳين رسولن تي به چٿرون ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن مان جن چٿر ٿي ڪئي، انهن تي عذاب نازل ٿيو ۽ ان عذاب کي نه ٿي مڃيائون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:11

قُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ ۝11

چؤ، ته زمين تي سير ڪريو. پوءِ ڏسو ته، نه مڃيندڙن جي عاقبت ڪيئن هئي؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:12

قُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ؀12

چؤ ته ، جيڪي شيون آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، ڪنهن جون آهن؟ چؤ ته الله جا فضل آهن. عاصين تي عفو ڪرڻ پاڻ تي فرض ڪيائين. البته توهان کي قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو. جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي. اهي شخص جن پنهنجي نفس کي خساري ۾ وڌو، سي ايمان نه ٿا آڻين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:13

وَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ ؀13

اهي مال جيڪي رات ۽ ڏينهن ۾ آهن ، الله لاءِ آهن ۽ اهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:14

قُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ ؀14

چؤ ته، ڇا الله کان سواءِ ڪنهن کي دوست بنايان ۽ اهو آسمانن ۽ زمين جو خلقيندڙ آهي. اهو مون کي کارائي ٿو ۽ پاڻ نه ٿو کائي. چؤ ته، مون کي امر آهي، ته مان پهريون خالص مسلمان ٿيان ۽ مشرڪن مان نه ٿيان.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:15

قُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ ؀15

چؤ ته، مان ڊڄان ٿو ته، جيڪڏهن مان پنهنجي رب کان مال وٺي بي فرماني ڪندس ته، وڏي ڏينهن تي مون کي عذاب ڪندو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:16

مَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ ؀16

ان ڏينهن تي جنهن کان عذاب هٽايو ويندو ته، ڄڻ ته ان تي رحم ڪيائين ۽ اهو پڌرو ڇوٽڪارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:17

وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

جيڪڏهن الله تو کي ڪو مرض ڏئي ته، ان کي رڳو الله ئي لاهي. ۽ جيڪڏهن تو کي صحت ڏئي ته، اهو هر شيءِ تي قادر آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:18

وَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ ؀18

۽ الله پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي ۽ اهو حڪمت وارو ۽ خبردار آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:19

قُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ؀ۘ19

چؤ ته، ڪهڙي شيءِ جي سڀني کان وڏي شاهدي آهي؟ چؤ ته، منهنجو ۽ توهان جو وڏو شاهد الله آهي ۽ مون ڏانهن هي قرآن موڪليو ويو آهي ته، اوهان کي ڊيڄاريان. جنهن جنهن کي هي قرآن پهچي. ته ڇا توهان شاهدي ڏيو ٿا، ته الله سان گڏ ٻيا معبود آهن؟ چؤ ته، مان بتن جي معبود هجڻ تي شاهد ناهيان. چؤ ته هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ناهي ۽ مان توهان جي بتن کان بيزار آهيان.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

6:20

اَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ؀ۧ20

جن کي اسان توريت ڪتاب ڏنو ، جيئن ابن سلام جنهن قرآن کي ايئن سڃاتو ، جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن. جن پنهنجي پاڻ کي خساري ۾ وڌو ، اهي ايمان نه ٿا آڻين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي