059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جيڪي شيون آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ، سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون . اهو غالب ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
جنهن اهل ڪتاب ڪافرن نضيرن ۽ قريظن کي انهن جي شهر مان ڪڍيو . پهرَين لڏڻ ۾ اوهان نه ٿي ڀانئيو ته ، اهي نڪرندا ۽ ڪافرن کي يقين هو ته ، ڪوٽ ۽ ماڙيون انهن کي الله جي رسول جي جنگ کان پناھ ۾ رکندا . پوءِ انهن تي الله جي طرفان اتان هيبت آئي، جتان انهن نه ٿي ڀانئي ۽ الله انهن جي دلين ۾ خوف وڌو ۽ پنهنجا گھر پنهنجي هٿن سان ۽ مسلمانن جي هٿان ٿي ڊاٺائون . پوءِ ، اي دانائو! انهن کي ڏسي عبرت وٺو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
۽ جيڪڏهن الله انهن جي لڏڻ جي تقدير نه لکي ها ته ، دنيا ۾ عذاب ڪرين ها ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
هي عذاب ۽ لڏڻ انهيءَ ڪري هو، جو اهي الله ۽ رسول جا دشمن هئا . جيڪو الله سان دشمني رکندو ته ، الله انهن کي عقوبت ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
توهان جيڪي انهن جا نخلن جا ساوا وڻ وڍيا يا ٿڙن تي بيٺل ڇڏيا . سي سڀ الله جي حڪم ۽ رضا سان هئا ته ، ڪافر ڀلي خوار ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
۽ انهن لڏي ويندڙن کان پوءِ جيڪا غنيمت الله ، رسول ڏانهن موڪلي ، اهي جنگ جا گھوڙا ۽ اٺ اوهان ڪونه ورهايا آهن . پر الله ورهايا آهن ۽ رسول کي جنهن تي گھري غالب ڪيو آهي ۽ الله هرشيءِ تي قادر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
۽ الله ، رسول ڏانهن جيڪو به واديءِ حُمراءَ ۽ صُفراءَ کان موڪليو آهي ، اهو الله ۽ رسول ۽ قريبن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي ملڪيت آهي . ته سڀ مال اوهان دنيا دارن جي ملڪيت نه ٿئي ۽ اوهان کي جيڪي به رسول ڏئي ، سو وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي جھلي ته ، ان کان جھلجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو . جيڪو سخت عقوبت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
اها غنيمت فقير مهاجرن جي لاءِ آهي . جيڪي پنهنجي حويلين مان لوڌيا ويا ، الله کان ثواب ۽ راضپو گھرن ٿا ۽ الله ۽ رسول کي فتح ڏين ٿا . اهي سچا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
۽ جن صحابين حويليون ڏنيون ۽ مهاجرن جي اچڻ کان اڳ دلين ۾ ايمان کي جاءِ ڏنائون ۽ جيڪي انهن وٽ لڏي آيا انهن سان حب رکن ٿا ۽ پنهنجي دلين ۾ ڪا تڪليف نه ٿا ڀانئين . ان ڪري جيڪي انهن کي ڏين ٿا ۽ پنهنجا سر قربان ڪن ٿا . جيتو ڻيڪ انهن کي پنهنجي ضرورت پڻ هئي ۽ جن جو اندر بخل کان پناھ ۾ ڪيو ويو . پوءِ اهي فلاح وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪي مومن انهن کان پوءِ آيا ۽ چون ٿا ته ، اسان جا رب! اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن کي بخش . جيڪي ايمان ۾ اسان کان اڳ ٿيا ۽ اسان جي قلبن ۾ مومنن سان دشمني نه ڪجين . اي اسان جا رب! تحقيق تون بخشيندڙ ۽ مهربان آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
ڇا منافقن کي نه ٿو ڏسين؟ جيڪي پنهنجي ڪافر ڀائرن کي چون ٿا . جيڪي اهل ڪتاب مان آهن ته ، جيڪڏهن مسلمان توهان کي ڪڍندا ته ، اوهان سان گڏ لڏينداسون ۽ اوهان جي مخالفت ۾ هميشه ڪنهن جو به چيو نه ڪنداسون . جيڪڏهن توهان سان جنگ ڪندا ته توهان کي فتح ڏينداسون ۽ الله شاهد آهي ته ، اهي ڪوڙا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
جيڪڏهن ڪافر نڪرندا ته ، منافق انهن سان نه نڪرندا ۽ جيڪڏهن مسلمان ڪافرن سان جنگ ڪندا ته ، انهن کي فتح نه ڏيندا ۽ جيڪڏهن انهن جا همراھ ٿيندا ته پٺي ڏئي ڀڄندا . پوءِ ڪافر فتح وارا نه ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
البته انهن جي سينن ۾ الله جي عذاب کان اوهان جو گھڻو خوف آهي . ڇاڪاڻ ته اهي پروڙيندڙ ناهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
اوهان سان اهل ڪتاب صفون ڪري جنگ نه ڪندا پر مضبوط ڪيل ڪوٽن ۾. جيڪي ڀتين جي اندر آهن ، تن جي پاڻ ۾ سخت جنگ آهي . تون انهن کي زوراور ڀانئين ٿو ۽ انهن جون دليون پريشان آهن . ان جي ڪري ته ، اهي نه ٿا سمجھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
اهي ڪافر اڳين جي مثل آهن . جيڪي ويجھا گذريا آهن . ڪفر جي عقوبت چکيائون ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
اهي منافق شيطان جي مثل آهن . جڏهن ماڻهوءَ کي چئي ته ڪافر ٿيءُ . پوءِ ڪافر ٿئي تڏهن چئي ته ، مان تو کان بيزار آهيان . مان الله کان ڊڄان ٿو . جيڪو ٻنهي جهانن جو مالڪ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
پوءِ ڪافرن ۽ شيطان جي عقوبت دوزخ ۾ آهي . هميشه ان ۾ هوندا ۽ ڪافرن جي اها جزا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي مومنو! الله کان ڊڄو ۽ سڀ ڪو پنهنجي عملن کي ڏسي . جيڪو سڀاڻي قيامت لاءِ ڪيا اٿئين ۽ الله کان ڊڄو . جيڪو اوهان جا عمل ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
۽ انهن غافلن جي مثل نه ٿيو . جن الله کي وساريو . پوءِ انهن کي سندن نفس وساريندا . اهي غافل ڪافر آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
اهلِ دوزخ ۽ اهلِ جنت برابر نه آهن . اهلِ جنت نعمتن کي پهچندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي