058 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
قَدْ سَمِعَ اللّٰهُ قَوْلَ الَّتِيْ تُجَادِلُكَ فِيْ زَوْجِهَا وَتَشْـتَكِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ڰ وَاللّٰهُ يَسْمَعُ تَحَاوُرَكُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَمِيْعٌۢ بَصِيْرٌ 1
تحقيق الله ان عورت جي ڳالھ ٻُڌي ، جنهن پنهنجي مڙس جي مسئلي تي تو سان جھيڙو ٿي ڪيو ۽ رنائين . جنهن الله سان ظِهار جو قسم کنيو ۽ الله اوهان جو سوال ٻُڌو هي . تحقيق الله ٻُڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَّذِيْنَ يُظٰهِرُوْنَ مِنْكُمْ مِّنْ نِّسَاۗىِٕــهِمْ مَّا هُنَّ اُمَّهٰتِهِمْ ۭ اِنْ اُمَّهٰتُهُمْ اِلَّا اڿ وَلَدْنَهُمْ ۭ وَاِنَّهُمْ لَيَقُوْلُوْنَ مُنْكَرًا مِّنَ الْقَوْلِ وَزُوْرًا ۭ وَاِنَّ اللّٰهَ لَعَفُوٌّ غَفُوْرٌ 2
جيڪي ظِهار جو قسم کڻن . جيئن چَوَن ته ، منهنجي عورت جي پٺي منهنجي ماءُ جي پٺيءَ جي مثل آهي . ان جي عورتن مان قسم کڻندڙ جون مائرون نه آهن . مگر جيڪي انهن کي ڄاوا تن جون مائرون آهن . اهي قسم کڻندڙ بڇڙي ۽ ڪوڙي ڳالھ ٿا ڪن . تحقيق الله بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ يُظٰهِرُوْنَ مِنْ نِّسَاۗىِٕهِمْ ثُـمَّ يَعُوْدُوْنَ لِمَا قَالُوْا فَتَحْرِيْرُ رَقَبَةٍ مِّنْ قَبْلِ اَنْ يَّـتَـمَاۗسَّا ۭ ذٰلِكُمْ تُوْعَظُوْنَ بِهٖ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 3
جيڪي ظِهار جو قسم جن عورتن تي کڻن ۽ وري انهن عورتن ڏانهن وڃن ، جن جو قسم کنيائون .ته پوءِ انهن سان گڏجڻ کان اڳ ، ان جو ڪفارو غلام آزاد ڪرڻ آهي ۽ الله اوهان جي عملن جي خبر رکندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَنْ لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَّتَمَـاۗسَّا ۚ فَـمَنْ لَّمْ يَسْتَطِعْ فَاِطْعَامُ سِـتِّيْنَ مِسْكِيْنًا ۭ ذٰلِكَ لِتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَلِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 4
پوءِ جيڪو ٻانهي جي سگھ نه رکي ته انهن سان گڏجڻ کان اڳ ٻه مهينا لاڳيتو روزا رکي . پوءِ جيڪو روزا نه رکي سگهي ته ، سٺ مسڪينن کي طعام کارائيندو . هي حڪم انهن لاءِ آهي ، جيڪي الله ۽ رسول کي مڃين ٿا ۽ اهي الله جون حدون آهن ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يُحَاۗدُّوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ كُبِتُوْا كَــمَا كُبِتَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ وَقَدْ اَنْزَلْنَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۭ وَلِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 5ۚ
تحقيق جيڪي الله ۽ رسول سان دشمني رکن ٿا ته ، انهن جي ايمان کان پاڙ وڍي وئي آهي . جيئن انهن کان اڳين جي پاڙ وڍيائين ۽ تحقيق اسان پڌرا معجزا نازل ڪيائين ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ يَبْعَثُهُمُ اللّٰهُ جَمِيْعًا فَيُنَبِّئُهُمْ بِـمَا عَـمِلُوْا ۭ اَحْصٰىهُ اللّٰهُ وَنَسُوْهُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 6ۧ
جنهن ڏينهن الله سڀني کي جياريندو . پوءِ عملن جي جزا ڏيندن . الله انهن جا عمل ياد ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن وساري ڇڏيا آهن ۽ الله سڀني شين جو شاهد آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ مَا يَكُوْنُ مِنْ نَّجْوٰى ثَلٰثَةٍ اِلَّا هُوَ رَابِعُهُمْ وَلَا خَمْسَةٍ اِلَّا هُوَ سَادِسُهُمْ وَلَآ اَدْنٰى مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْثَرَ اِلَّا هُوَ مَعَهُمْ اَيْنَ مَا كَانُوْا ۚ ثُـمَّ يُنَبِّئُهُمْ بِـمَا عَـمِلُوْا يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 7
ڇا نه ٿو ڏسين ته ، جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ، الله ڄاڻي ٿو ۽ ٽِن جي ڪا ڳالھ ڳجھي ناهي . مگر الله انهن سان چوٿون آهي ۽ اهي پنج آهن . مگر الله انهن سان ڇهون آهي ۽ ٽن کان گھٽ نه آهن . نه ئي گھڻا آهن . مگر انهن سان جتي ڪٿي گڏ آهي . پوءِ قيامت جي ڏينهن عملن جي جزا ڏيندن . تحقيق الله سڀني شين کي ڄاڻندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نُهُوْا عَنِ النَّجْوٰى ثُـمَّ يَعُوْدُوْنَ لِمَا نُهُوْا عَنْهُ وَيَتَنٰجَوْنَ بِالْاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَمَعْصِيَتِ الرَّسُوْلِ ۡ وَاِذَا جَاۗءُوْكَ حَيَّوْكَ بِـمَا لَمْ يُحَيِّكَ بِهِ اللّٰهُ ۙ وَيَقُوْلُوْنَ فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ لَوْلَا يُعَذِّبُنَا اللّٰهُ بِـمَا نَقُوْلُ ۭ حَسْبُهُمْ جَهَنَّمُ ۚ يَصْلَوْنَهَا ۚ فَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 8
ڇا تون انهن کي نه ٿو ڏسين ، جن کي جماعت ۾ ڳجھيون ڳالهيون ڪرڻ کان منع ڪئي وئي . پوءِ وري به الله جون منع ڪيل ڳجهيون ۽ ظلمن جون ۽ رسول جي بي فرمانيءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته ، تو تي سلام ان لفظ سان چون ٿا ، جيڪو تحيت ناهي ۽ پنهنجي دل ۾ چون ٿا ته جيڪو اسان چئون ٿا ، الله ان تي اسان کي عذاب نه ٿو ڪري . دوزخ ڪافي ٿيندن . ان ۾ پوندا . پوءِ انهن لاءِ اها بري جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا تَنَاجَيْتُمْ فَلَا تَتَـنَاجَوْا بِالْاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَمَعْصِيَتِ الرَّسُوْلِ وَتَنَاجَوْا بِالْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اِلَيْهِ تُحْشَرُوْنَ 9
اي مومنو! جڏهن پاڻ ۾ ڳجھيون ڳالهيون ڪريو ته ، گناهن جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرمانيءَ جو ڳجهو ارادو نه ڪريو ۽ نيڪ عملن جي ۽ ادب جي ڳجهي نيت ڪريو ۽ الله کان ڊڄو . جنهن ڏانهن اٿاريا ويندؤ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا النَّجْوٰى مِنَ الشَّيْطٰنِ لِيَحْزُنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيْسَ بِضَاۗرِّهِمْ شَـيْـــــًٔا اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 10
ڳجھي ڳالھ ڪرڻ شيطان جي خطرن مان آهي ته ، مومنن کي غم وارو ڪري ۽ شيطان مومنن کي نقصان نه رسائي سگھندو . مگر جنهن کي الله گھري ۽ مومن الله تي اعتماد ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قِيْلَ لَكُمْ تَفَسَّحُوْا فِي الْمَجٰلِسِ فَافْسَحُوْا يَفْسَحِ اللّٰهُ لَكُمْ ۚ وَاِذَا قِيْلَ انْشُزُوْا فَانْشُزُوْا يَرْفَعِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ ۙ وَالَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ دَرَجٰتٍ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 11
اي مومنو! جڏهن مجلس ۾ اوهان جا ڀائر اوهان کي چون ته ، ڪشادا ٿيو ته ، انهن کي جاءِ ڏيو ته الله اوهان جي دل ڪشادي ڪري ۽ جڏهن چون ته مجلس مان اٿو ته ، نڪرو . الله مومنن کي اوهان مان مٿاهون ڪندو ۽ جن کي الله علم ڏنو آهي ، اهي درجن ۾ آهن ۽ الله اوهان جا عمل ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا نَاجَيْتُمُ الرَّسُوْلَ فَقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقَةً ۭ ذٰلِكَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَاَطْهَرُ ۭ فَاِنْ لَّمْ تَجِدُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي مومنو! جڏهن پنهنجو حال رسول وٽ عرض ڪريو ته ، حال عرض ڪرڻ جي وقت نذرانو حاضر ڪريو . اهو ادب اوهان لاءِ ڀلو ۽ پاڪائي آهي . پوءِ جنهن وٽ نه هجي ته ، ان کي پڻ الله بخشيندو ۽ رحم ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويءَاَشْفَقْتُمْ اَنْ تُقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقٰتٍ ۭ فَاِذْ لَمْ تَفْعَلُوْا وَتَابَ اللّٰهُ عَلَيْكُمْ فَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ13
ڇو ٿا خوف ڪريو؟ حال عرض ڪرڻ وقت صدقي حاضر ڪرڻ تي . پوءِ هاڻي جيڪڏهن نذرانو حاضر نه ڪندا ته معاف آهي ۽ الله اوهان تي موٽيو . پوءِ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ رسول جو چيو ڪريو ۽ الله اوهان جي عملن کان واقف آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ تَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۭ مَا هُمْ مِّنْكُمْ وَلَا مِنْهُمْ ۙ وَيَحْلِفُوْنَ عَلَي الْكَذِبِ وَهُمْ يَعْلَمُوْنَ ۚ14
ڇا تون منافقن کي نه ٿو ڏسين؟ جيڪي ڪافرن سان دوستي ٿا ڪن . جن تي الله جو ڏمر آهي . منافق نه مومنن مان آهن ۽ نه ئي ڪافرن مان ۽ ڪوڙا قسم ٿا کڻن ته ، اسان مسلمان آهيون ۽ اهي ڄاڻن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 15
الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي . تحقيق اهي برا عمل ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِتَّخَذُوْٓا اَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 16
ڪوڙن قسمن کي قتل ٿيڻ کان ڍال بنائين ٿا . پوءِ الله جي دين کان جھلين ٿا . پوءِ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَنْ تُغْنِيَ عَنْهُمْ اَمْوَالُهُمْ وَلَآ اَوْلَادُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۭ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 17
الله جي اڳيان انهن جا مال ۽ انهن جا اولاد ذرو به فائدو نه ڏيندا ۽ اهي دوزخي آهن . جنهن ۾ هميشه هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ يَبْعَثُهُمُ اللّٰهُ جَمِيْعًا فَيَحْلِفُوْنَ لَهٗ كَـمَا يَحْلِفُوْنَ لَكُمْ وَيَحْسَبُوْنَ اَنَّهُمْ عَلٰي شَيْءٍ ۭ اَلَآ اِنَّهُمْ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 18
جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جياريندو . پوءِ الله وٽ قسم کڻندا ته ، اهي ڪوڙا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِسْتَحْوَذَ عَلَيْهِمُ الشَّيْطٰنُ فَاَنْسٰـىهُمْ ذِكْرَ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حِزْبُ الشَّيْطٰنِ ۭ اَلَآ اِنَّ حِزْبَ الشَّيْطٰنِ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ 19
انهن تي شيطان غلبو ڪيو آهي . پوءِ انهن کي الله جي ذڪر کان غافل ڪيائين . اهي شيطان جو لشڪر آهن . ڄاڻ ته شيطان جي لشڪر وارا خساري وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يُحَاۗدُّوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اُولٰۗىِٕكَ فِي الْاَذَلِّيْنَ 20
تحقيق جيڪي الله ۽ رسول سان دشمني رکن ٿا ، اهي خوار ٿيندڙن مان آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي