1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

057 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

57:1

سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1‏۝

آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به شيون آهن ، الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون . جيڪو الله غالب ۽ دانا آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:2

لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۚ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 2‏۝

آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي بادشاهي آهي . اهو ماري ۽ جياري ٿو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:3

هُوَ الْاَوَّلُ وَالْاٰخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ ۚ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 3‏۝

اهو اڳ ۽ پوءِ ۽ ظاهر ۽ مخفي آهي ۽ اهو سڀني شين کي ڄاڻندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:4

هُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْـتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ ۭ يَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْــرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ مَعَكُمْ اَيْنَ مَا كُنْتُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 4‏۝

ان آسمان ۽ زمين ڇهن ڏينهن ۾ خلقيا . پوءِ عرش تي غالب ٿيو . ڄاڻي ٿو، جيڪو زمين ۾ اندر آهي ۽ جيڪو ان کان ٻاهر آهي ۽ جيڪو آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي شيون آسمان ڏانهن چڙهن ٿيون ۽ اوهان جتي به آهيو . الله اوهان سان هر هنڌ گڏ آهي ۽ الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:5

لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 5‏۝

آسمانن ۽ زمين ۾ الله جي بادشاهي آهي ۽ سڀ شيون الله ڏانهن موٽنديون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:6

يُوْلِجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُوْلِجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۭ وَهُوَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 6‏۝

رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو . جيڪو دلين ۾ آهي ، اهو ڄاڻي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:7

اٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاَنْفِقُوْا مِـمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِيْنَ فِيْهِ ۭ فَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَاَنْفَقُوْا لَهُمْ اَجْرٌ كَبِيْرٌ 7‏۝

الله ۽ رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان مال مان زڪوات ڏيو ، جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو خليفو بنايائين . پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ مال خرچ ڪن ته انهن لاءِ وڏو اجر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:8

وَمَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ ۚ وَالرَّسُوْلُ يَدْعُوْكُمْ لِتُؤْمِنُوْا بِرَبِّكُمْ وَقَدْ اَخَذَ مِيْثَاقَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8‏۝

۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله ۽ رسول کي نه ٿا مڃو؟ جيڪو اوهان کي سڏي ٿو ته ، الله تي ايمان آڻيو ۽ تحقيق ميثاق جي ڏينهن الله اوهان کان وعدو ورتو ته ، وعدو پورو ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:9

هُوَ الَّذِيْ يُنَزِّلُ عَلٰي عَبْدِهٖٓ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَكُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَاِنَّ اللّٰهَ بِكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 9‏۝

الله اهو آهي ، جنهن پنهنجي ٻانهي تي پڌري معنيٰ واريون آيتون نازل ڪيون . جيئن اوهان کي ڪفر جي اونداهيءَ کان ايمان جي نور ڏانهن ڪڍي . تحقيق الله اوهان تي مهربان ۽ بخشيندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:10

وَمَا لَكُمْ اَلَّا تُنْفِقُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَلِلّٰهِ مِيْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ لَا يَسْتَوِيْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَقٰتَلَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِيْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَقٰتَلُوْا ۭ وَكُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ ۝ۧ10

۽ الله جي واٽ ۾ مال ڇو نه ٿا خرچ ڪن ؟ ۽ الله جا خزانا آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اوهان مان اهي برابر ناهن ، جن مڪي جي فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪيائون . اهي درجي ۾ انهن کان وڏا آهن . جن مڪي جي فتح کان پوءِ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪيائون ۽ سڀني اصحابن سان الله بهشت جو وعدو ڪيو آهي ۽ الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:11

مَنْ ذَا الَّذِيْ يُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهٗ لَهٗ وَلَهٗ ٓ اَجْرٌ كَرِيْمٌ ۝ۚ11

آهي ڪير جيڪو ڀلي نيت سان الله کي اوڌر ڏئي؟ ته الله ان کي وڌائي ڏئي ۽ ان لاءِ وڏو ثواب آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:12

يَوْمَ تَرَى الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ يَسْعٰى نُوْرُهُمْ بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ بُشْرٰىكُمُ الْيَوْمَ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۝ۚ12

قيامت جي ڏينهن مومن مَردن ۽ مومن عورتن کي ڏسندين ته سندن عملن جو نور انهن جي منهن جي آڏو ۽ ساڄي پاسي هلندو . انهن کي بهشت جي بشارت آهي . جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون . ان ۾ هميشه هوندا . اها وڏي بخشش آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:13

يَوْمَ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالْمُنٰفِقٰتُ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا انْظُرُوْنَا نَقْتَبِسْ مِنْ نُّوْرِكُمْ ۚ قِيْلَ ارْجِعُوْا وَرَاۗءَكُمْ فَالْتَمِسُوْا نُوْرًا ۭ فَضُرِبَ بَيْنَهُمْ بِسُوْرٍ لَّهٗ بَابٌ ۭ بَاطِنُهٗ فِيْهِ الرَّحْمَةُ وَظَاهِرُهٗ مِنْ قِبَلِهِ الْعَذَابُ ۝ۭ13

ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون مومنن کي چونديون ته، اوهان اسان ڏانهن نهاريو ته اوهان جي نور مان ڪجھ وٺون . ملائڪ چوندن ته دنيا ڏانهن موٽو پوءِ نور جي طلب ڪريو . پوءِ انهن جي وچ ۾ ڀت اڏي ويندي . جنهن جو در بهشت ۾ هوندو . جنهن ۾ مومن هوندا ۽ ان جي ٻاهرئين پاسي دوزخ هوندي . جنهن ۾ منافق هوندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:14

يُنَادُوْنَهُمْ اَلَمْ نَكُنْ مَّعَكُمْ ۭ قَالُوْا بَلٰى وَلٰكِنَّكُمْ فَتَنْتُمْ اَنْفُسَكُمْ وَتَرَبَّصْتُمْ وَارْتَبْتُمْ وَغَرَّتْكُمُ الْاَمَانِيُّ حَتّٰى جَاۗءَ اَمْرُ اللّٰهِ وَغَرَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ ؀14

اهي منافق مومنن کي سڏ ڪندا ته ، ڇا اسان اوهان سان گڏ ڪونه هئاسون؟ مومن چوندا ته ، هئاسين . پر اوهان پنهنجون دليون شڪ واريون ڪيون ۽ ڪافرن جي فتح جا منتظر هئو ۽ رسول ۾ شڪ ٿي ڪيَوَ ۽ اوهان کي حرص ٺڳيو . ايستائين جو الله جو عذاب آيو ۽ شيطان اوهان کي الله کان ٺڳيو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:15

فَالْيَوْمَ لَا يُؤْخَذُ مِنْكُمْ فِدْيَةٌ وَّلَا مِنَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ۭ مَاْوٰىكُمُ النَّارُ ۭ هِىَ مَوْلٰىكُمْ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ ؀15

پوءِ اڄ اوهان جو ڪو فديو قبول نه ٿيندو ۽ نه ئي ڪافرن جو . اوهان جي جاءِ دوزخ آهي . اهو شيطان اوهان جو رفيق آهي ۽ اها بري جاءِ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:16

اَلَمْ يَاْنِ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ الْحَقِّ ۙ وَلَا يَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ الْاَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوْبُهُمْ ۭ وَكَثِيْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ ؀16

ڇا مومنن کي قلب ۾ الله جو ذڪر ڪرڻ وقت خشوع نه ٿو وڻي؟ جيڪو الله جي طرفان نازل ٿئي ٿو ۽ اڳين يهودين وانگر نه ٿين . جن جون عمرون ڊگھيون ۽ قلب ڪارا ٿين ۽ انهن مان گھڻا بي دين ٿيا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:17

اِعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ يُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ قَدْ بَيَّنَّا لَكُمُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ ؀17

ڄاڻيو ته ، الله قلب جي زمين کي فسق سان مرڻ کان پوءِ ان کي جياري ٿو . اوهان لاءِ معجزا بيان ڪياسون . من اوهين پروڙيو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:18

اِنَّ الْمُصَّدِّقِيْنَ وَالْمُصَّدِّقٰتِ وَاَقْرَضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعَفُ لَهُمْ وَلَهُمْ اَجْرٌ كَرِيْمٌ ؀18

تحقيق صدقا ڏيندڙ مرد ۽ صدقا ڏيندڙ عورتون ۽ جيڪي ڀلي نيت سان الله کي اوڌر ڏيندا ته ، انهن جو اجر وڌيڪ ٿيندو ۽ انهن لاءِ بهشت آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:19

وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرُسُلِهٖٓ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصِّدِّيْقُوْنَ ڰ وَالشُّهَدَاۗءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ لَهُمْ اَجْرُهُمْ وَنُوْرُهُمْ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَحِيْمِ ۝ۧ19

۽ جيڪي الله ۽ رسول تي ايمان آڻين ته ، اهي سچا ۽ شهيد آهن . الله وٽ انهن لاءِ اجر ۽ نور آهي ۽ جيڪي ڪفر ڪن ۽ قرآن کي نه مڃين ته ، اهي دوزخي آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

57:20

اِعْلَمُوْٓا اَنَّـمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَّلَهْوٌ وَّزِيْنَةٌ وَّتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِي الْاَمْوَالِ وَالْاَوْلَادِ ۭ كَمَثَلِ غَيْثٍ اَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهٗ ثُـمَّ يَهِيْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُـمَّ يَكُوْنُ حُطَامًا ۭ وَفِي الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۙ وَّمَغْفِرَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانٌ ۭ وَمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَآ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ ؀20

چاڻيو ته ، دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ غفلت آهي ۽ سينگار ۽ فخر آهي ،اوهان جي وچ ۾ ۽ مال ۽ اولاد جي گھڻائي مِينهن جي مثل آهي . جيڪو پوک ڪندڙ کي عجب ۾ ٿو وجهي . ساوڪ ٿئي پوءِ سڪي وڃي . پوءِ ان کي زردو ڏسي ٿو . پوءِ ذرا ذرا ٿئي ۽ آخرت ۾ مال تي سخت عذاب آهي ۽ الله جي رحمت ۽ راضپو آهي . دنيا جي حويلي ته رڳو ٺڳيءَ جو سامان آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي