056 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 96 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ 1ۙ
جڏهن قيامت واقع ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ 2ۘ
ان جي واقع ٿيڻ جي وقت تي ڪو شخص نه مڃيندڙ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ 3ۙ
ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي ۽ سچن کي مٿاهون ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذَا رُجَّتِ الْاَرْضُ رَجًّا 4ۙ
جڏهن زمين ڇڪي ويندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّا 5ۙ
۽ جبل اڏامندا . پوءِ رئي ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكَانَتْ هَبَاۗءً مُّنْۢبَثًّا 6ۙ
پکڙندڙ دز .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّكُنْتُمْ اَزْوَاجًا ثَلٰثَةً 7ۭ
۽ اوهان ماڻهو ڦري ٽن قسمن جا ٿيندؤ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ڏ مَآ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ 8ۭ
هڪڙا مومن جيڪي ساڄي هٿ وارا . جيڪي سا ڄي هٿ ۾ صحيفا وٺندا . عجب اهي گھڻا ڀلا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَصْـحٰبُ الْمَشْـَٔــمَةِ ڏ مَآ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ 9ۭ
۽ ٻيا ڪافر جيڪي کاٻي هٿ وارا . عجب اهي کاٻي هٿ وارا گھڻو برا آهن . عملن جي چِٺي کاٻي هٿ ۾ ملندن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالسّٰبِقُوْنَ السّٰبِقُوْنَ ڌ 10
۽ ٽيان مهندار الله جي روبرو آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ الْمُقَرَّبُوْنَ ۚ11
۽ اهي الله کي ويجهو هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 12
نعمت وارين بهشتن ۾ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـلَّةٌ مِّنَ الْاَوَّلِيْنَ ۙ13
اهي جيڪي مهندار آهن ، سي نبين جي جماعت آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَلِيْلٌ مِّنَ الْاٰخِرِيْنَ ۭ14
۽ ڪي ٿورڙا آخري نبيءَ جي امت مان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلٰي سُرُرٍ مَّوْضُوْنَةٍ ۙ15
۽ زربفتن جي تختن تي تڪيا ڪندا هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمُّتَّكِـــِٕيْنَ عَلَيْهَا مُتَقٰبِلِيْنَ 16
ان تي هڪ ٻئي جي سامهون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَــطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۙ17
انهن تي نينگر ڦرندا هوندا . جيڪي هميشه سندن غلام هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبِاَكْوَابٍ وَّاَبَارِيْقَ ڏ وَكَاْسٍ مِّنْ مَّعِيْنٍ ۙ18
صراحيون ۽ ڪؤنرا ۽ شراب جا پيالا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَّا يُصَدَّعُوْنَ عَنْهَا وَلَا يُنْزِفُوْنَ ۙ19
نه ان سان مٿي جو سور ٿيندو ۽ نه بي هوش ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفَاكِهَةٍ مِّـمَّا يَتَخَيَّرُوْنَ ۙ20
۽ جيڪي ميوا چاهيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي