055 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اَلرَّحْمٰنُ 1ۙ
الله .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلَّمَ الْقُرْاٰنَ 2ۭ
نوراني قرآن قلبن ۾ سيکاريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَلَقَ الْاِنْسَانَ 3ۙ
انسان کي خلقيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلَّمَهُ الْبَيَانَ 4
ڳالهائڻ سيکاريائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْـبَانٍ 5۠
سج ۽ چنڊ حساب سان هلن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدٰنِ 6
۽ گاھ ۽ وڻ سجدو ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالسَّمَاۗءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيْزَانَ 7ۙ
۽ آسمان مٿاهان ڪيائين ۽ تارازي رکيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ 8
ته تورڻ ۾ ظلم نه ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَقِيْمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ 9
۽ عدل سان سڌي توريو ۽ تورڻ ۾ گھٽ نه توريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْاَرْضَ وَضَعَهَا لِلْاَنَامِ ۙ10
۽ ماڻهن جي نفعي لاءِ زمين جوڙيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْهَا فَاكِهَةٌ ۽ وَّالنَّخْلُ ذَاتُ الْاَكْمَامِ ۖ11
ان ۾ ميوا آهن ۽ غلاف ڍڪيل کجيون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ ۚ12
۽ گاھ ۽ خوشبوءَ وارا داڻا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 13
پوءِ اي جنو ۽ انسانو! الله جي ڪهڙي قدرت کي نه ٿا مڃو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ ۙ14
الله انسان کي پڪل ٺڪريءَ جهڙي مٽيءَ مان پيدا ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَخَلَقَ الْجَاۗنَّ مِنْ مَّارِجٍ مِّنْ نَّارٍ ۚ15
۽ جنن کي ٻرندڙ باھ مان خلقيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 16
پوءِ اي جنو ۽ انسانو! الله جي ڪهڙي قدرت کي نه ٿا مڃو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ ۚ17
اوڀرندن ۽ اولهندن ٻنهي جو مالڪ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 18
پوءِ الله جي ڪهڙي قدرت کي نه ٿا مڃو ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيٰنِ ۙ19
ٻه درياءَ وهائي ٿو . جيڪي گڏجن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيٰنِ ۚ20
انهن جي وچ ۾ قدرت جو پردو آهي ته ، ڪڙو مٺي تي غالب نه ٿئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي