054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
قيامت ويجهي ٿي آهي ۽ چنڊ ڦاٽو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
جيڪڏهن معجزا ڏسن ٿا ته ، چون ٿا ته هي معجزا هميشه ٿيندڙ جادو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ پنهنجي خواهشن ۽ حرصن جا تابع ٿين ٿا ۽ انهن جو هر عمل لکيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
تحقيق انهن لاءِ قرآن ۾ اهي خبرون آيون ، جن ۾ نصيحت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
۽ گھڻيون حڪمتون آهن . پوءِ انهن کي ڊيڄاريندڙن فائدو نه ڏنو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
پوءِ ان کان منهن ڦيرايائون . جنهن ڏينهن اسرافيل عذاب جي طرف سڏ ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
انهن جون اکيون ڦڪيون ٿينديون . قبرن مان ماڪڙ جي مثل نڪرندا . جيڪي سڄي زمين ۾ پکريل هجن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
سڏيندڙ ڏانهن تڪڙ ڪندا . ڪافر چوندا ته ، اڄ اسان تي ڏکيو ڏينهن آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
ان کان اڳ نوح جي قوم نه مڃيو . پوءِ اسان جي ٻانهي نوح کي نه مڃيائون . چيائون ته ، چريو آهي ۽ ان کي لوڌيائون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ رب کي سڏ ڪيائين ته ، مان لوڌيل عاجز ٿيو آهيان . پوءِ مدد ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اسان آسمان مان پاڻي هاريندڙ در کوليا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ زمين مان چشمه وهاياسون . پوءِ آسمان ۽ زمين جو پاڻي الله جي تقدير ڪيل موجب گڏ ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ نوح کي ٻيڙي تي کنيوسون . جيڪا تختن ۽ لوھ جي ڪوڪن جي ٺهيل هئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
اسان جي نگهبانيءَ ۾ هلي ٿي . اها ڪافرن لاءِ جزا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ تحقيق اسان ٻيڙيءَ جو هلڻ معجزو ڪري ڇڏيو . پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ انهن تي منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
تحقيق اسان قرآن کي ياد ڪندڙن لاءِ سولو ڪيو . پوءِ آهي ڪو قرآن کي ياد ڪندڙ ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عادين هود کي نه مڃيو . پوءِ انهن تي منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
اسان انهن تي سخت تيز هوا موڪلي اربع جي سخت ڏينهن لاڳيتو ست ڏينهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
ماڻهن جون سِريون پٽيندو هو . ڄڻ ته کجين جا ٿڙ پٽيل هجن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي