053 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 62 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالنَّجْمِ اِذَا هَوٰى 1ۙ
قسم آهي تاري جو جڏهن ڪِري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوٰى 2ۚ
ته اوهان جو رسول گمراھ ناهي . نه ئي هوش وڃايو اٿس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى 3ۭ
۽ نه ئي نفس جي خيال مان ڳالهائي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى 4ۙ
هيءُ قرآن الله جو موڪليل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلَّمَهٗ شَدِيْدُ الْقُوٰى 5ۙ
ان کي جبرئيل سيکاريو آهي . جيڪو قوت جو مالڪ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذُوْ مِرَّةٍ ۭ فَاسْتَوٰى 6ۙ
پوءِ ان جون پکڙانڊيون آسمان تي برابر ٿيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰى 7ۭ
پوءِ اهو اوڀرندي جي مٿاهين ڪنڌيءَ سان هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ دَنَا فَتَدَلّٰى 8ۙ
پوءِ ويجهو ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى 9ۚ
پوءِ اکين جي ٻن ڪنارن وانگر ويجهو ٿيو . بلڪه اڃا به ويجهو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَوْحٰٓى اِلٰى عَبْدِهٖ مَآ اَوْحٰى ۭ10
پوءِ الله پنهنجي ٻانهي ڏانهن موڪليو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11
جيڪو موڪليو ويو . جيڪو قلب ڏٺو . ان ۾ شڪ نه ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰي مَا يَرٰى 12
ڇو ٿا ان ۾ شڪ ڪيو ، جيڪو نبيءَ ڏٺو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰى ۙ13
تحقيق نبيءَ الله کي ٻيو ڀيرو ڏٺو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعِنْدَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى 14
سدرة المنتهيٰ وٽ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعِنْدَهَا جَنَّةُ الْمَاْوٰى ۭ15
جنهن وٽ بهشت جو ماڳ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشٰى ۙ16
جتي سدرة المنتهيٰ کي ٽن صفاتي نورن ڍڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17
جن ڦري نبيءَ جي اک کي الله جي نور کان ڍڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰيٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى 18
تحقيق الله جي ذات کي ڏٺائين جيڪا تمام وڏي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى ۙ19
ڇا تو ان لات ۽ عُزيٰ بت کي ڏٺو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى 20
۽ مَنات کي ، جيڪو ٽيون آهي . پويون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي