052 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 49 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالطُّوْرِ 1ۙ
قسم آهي طور سينا جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكِتٰبٍ مَّسْطُوْرٍ 2ۙ
۽ قسم آهي ، ڪتاب جو جيڪو لکيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْ رَقٍّ مَّنْشُوْرٍ 3ۙ
پکڙيل ڪاغذن تي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالْبَيْتِ الْمَعْمُوْرِ 4ۙ
۽ قسم آهي بيت المعمور جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالسَّقْفِ الْمَرْفُوْعِ 5ۙ
۽ قسم آهي مٿاهين ڇت جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْبَحْرِ الْمَسْجُوْرِ 6ۙ
۽ قسم آهي درياءَ ڀريندڙ جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ 7ۙ
تحقيق الله جو عذاب واقع ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍ 8ۙ
۽ ان کي ڪو جھليندڙ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّوْمَ تَـمُوْرُ السَّمَاۗءُ مَوْرًا 9ۙ
۽ جنهن ڏينهن آسمان ڦاٽندا . ڦاٽڻ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّتَسِيْرُ الْـجِبَالُ سَيْرًا ۭ10
۽ جبل اُڏامندا . اڏامڻ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ11
پوءِ ان ڏينهن ڪوڙن لاءِ هلاڪي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ خَوْضٍ يَّلْعَبُوْنَ ۘ12
جيڪي ڪوڙن ۾ غافل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ يُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا ۭ13
جنهن ڏينهن لوڌيا ويندا . لوڌڻ ،
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهٰذِهِ النَّارُ الَّتِيْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ 14
چئيبَن ته ، هيءَ دوزخ آهي . جنهن کي اوهان ڪونه مڃيندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَسِحْرٌ ھٰذَآ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَ ۚ15
يا هيءَ باھ جادو آهي . هينئر اوهان هيءَ باھ نه ٿا ڏسو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْٓا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا ۚ سَوَاۗءٌ عَلَيْكُمْ ۭ اِنَّـمَا تُـجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 16
پَئو ان ۾ . صبر ڪريو يا نڪرو . اوهان تي برابر آهي . اوهان کي اوهان جي عملن جي جزا ڏني ويندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّنَعِيْمٍ ۙ17
تحقيق نيڪو ڪار بهشت ۾ نعمتن جون لذتون وٺندا هوندا
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفٰكِهِيْنَ بِـمَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۚ وَوَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْـجَحِيْمِ 18
ان سان جيڪو الله ڏيندن ۽ الله دوزخ جي عذاب کان پناھ ۾ رکندن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكُلُوْا وَاشْرَبُوْا هَنِيْۗــــًٔـــۢا بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۙ19
۽ چئبن ته ، کائو ۽ پيئو ۽ پنهنجي ڀلن عملن جي ڪري آسودا ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمُتَّكِــــِٕيْنَ عَلٰي سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ ۚ وَزَوَّجْنٰهُمْ بِـحُوْرٍ عِيْنٍ 20
۽ صفون ڪيل وهاڻن تي تڪيو ڪندا هوندا ۽ اڇيون وڏين اکين واريون حورون کين پرڻائينداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي