051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
قسم آهي هوائن جو ، جيڪي اڏائين ٿيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
پوءِ ڀريل ڪڪرن کي کڻن ٿيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
پوءِ قسم آهي ٻيڙين جو جيڪي سولائيءَ سان هلن ٿيون
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
پوءِ اهو ملائڪ جيڪو کاڌي کي ورهائي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
تحقيق اوهان سان قيامت جو وعدو سچو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
۽ تحقيق جزا واقع ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
۽ قسم آهي آسمان جو جيڪو ملائڪن جي واٽن جو مالڪ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
تحقيق توهان ڪافر شڪ جي ڪوڙي ڳالھ ۾ آهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
ان کي قرآن ۽ نبيءَ کان جھليو ٿو وڃي ، جيڪو الله وٽ لوڌيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
شال! ڪوڙا ڪافر قتل ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
جيڪي دل جي ڪاراڻ ۾ غافل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
پڇن ٿا ته ، قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
جنهن ۾ اهي باھ جي عذاب ۾ پوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
پنهنجي عذاب کي چکيو . هي اهو عذاب آهي ، جنهن جي اوهان تڪڙ ڪندا هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
تحقيق پرهيزگار بهشت ۽ نهرن ۾ هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
اهي نعمتون وٺندا ، جيڪي الله ڏيندن . اهي ان کان اڳ نيڪ عمل ڪندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
رات جو ٿورو سمهندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
۽ سحر جي قوت بخشش گھرندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ پنهنجي مالن مان سائلن ۽ ماٺ ڪندڙن کي حصو ڏيندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
۽ زمين ۾ يقين ڪندڙن لاءِ عبرتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي