050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ق . قسم آهي قرآن سڳوري جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
بلڪه ڪافر عجب ٿا ڪن ته ، اسان وٽ ماڻهو رسول ٿي آيو آهي ۽ ملائڪ نه آيو ۽ ڪافر چون ٿا ته ، هي عجب جهڙي ڳالھ ٿو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
جڏهن مرنداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون ته ، پوءِ ڪيئن جيئرا ٿينداسون ؟ اهو موٽڻ ۽ جيئرو ٿيڻ عقل کان پري آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
اسان ڄاڻون ٿا ته ، جيڪو زمين ان جي مرڻ سان گھٽائي ٿي ۽ اسان وٽ لوح محفوظ ڪتاب ۾ لکيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪه مرڻ جي حق کي به نه ٿا مڃن ، جيستائين انهن کي اچي نه ٿو ۽ اهي موت جي امر ۾ شڪ ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇو نه ٿا عبرت لاءِ آسمان ڏانهن ڏسن؟ جيڪو انهن جي مٿان آهي ۽ اسان ڪيئن ان کي جوڙيو آهي ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪو سوراخ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ اسان زمين وڇائيسين ۽ ان ۾ ڏونگرن کي ميخون ڪري وڌوسون ۽ اسان ان ۾ سڀ تازا ميوا اُپايا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
ان کي ڏسن ۽ ان مان سڀئي ڊڄندڙ ۽ توبه ڪندڙ ٻانها نصيحت وٺن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ ڪڪرن مان برڪت وارو پاڻي وسايون ٿا . پوءِ ان سان باغ ۽ سنگ لڻيل اپايون ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ ڊگھيون کجيون جن جا گونَر گھڻا ڀريل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
ٻانهن لاءِ روزي آهي ۽ مينهن سان مئل زمين کي جياريون ٿا . اهڙي طرح مُردا قبرن مان جيئرا ٿي نڪرندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
قريشن کان اڳ نوح جي قوم به نه مڃيو ۽ کوھ وارن ۽ ثمود جي قبيلي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عادي ۽ فرعون ۽ لوط جا ڀائر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ جهنگ جي وڻن جا صاحب ۽ تُبَع جي قوم . انهن سڀني رسولن کي نه مڃيو ۽ انهن تي منهنجو عذاب واجب ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا آدم کي پهرئين دفعي خلقڻ ۾ عاجز ٿياسين ؟ بلڪه ڪافر نئين خلقڻ جي شڪ ۾ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ تحقيق اسان ماڻهوءَ کي خلقيو ۽ ان جي اندر جي ڳجھن وسوسن کي ڄاڻون ٿا ۽ اسان اوهان کي نڙيءَ جي نسن کان به ويجها آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
۽ جڏهن ٻه ڪاتب ملائڪ انسان کي نگهبانيءَ لاءِ وٺن ٿا . هڪڙو ساچي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويهي ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
جيڪا ڳالھ ڳالهائي ٿو ته ، ان وٽ نگهبان ۽ حاضر آهن ۽ لکي رکن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ تحقيق موت جي سخت سقرات دنيا ۾ ايندي ۽ تون ان کان ڀڄندڙ آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ ملائڪ صُور ڦوڪيندو . اهو ڏينهن عذاب جي وعدي جو ڏينهن آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي