1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

005 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

5:1

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1‏۝

اي مومنو! پنهنجا وعده وفا ڪريو. توهان جي لاءِ چوپايا جانور حلال آهن. مگر جيڪي توهان کي پڙهي ٻڌايا ويندا ۽ جڏهن توهان احرام ۾ هجو، ته توهان تي شڪار ڪرڻ حلال نه آهي. تحقيق الله جيڪو گھري سو حڪم ڪري.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:2

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2‏۝

اي مومنو! الله جي تعظيم ڏنل مڪانن جي عزت نه ڪرڻ حلال نه ڄاڻو ۽ نه رجب جي مهيني جي عزت نه ڪرڻ حلال ڄاڻو ۽ نه هدين جي ۽ نه حرم جي سامان جي ۽ نه ڪعبي ڏانهن قصد ڪندڙن جي ، جيڪي پنهنجي رب کان فضل ۽ راضپو طلب ڪن ۽ جڏهن احرام مان نڪرو ته پوءِ شڪار ڪريو ۽ ڪافرن سان بغض توهان کان اهو ڪم نه ڪرائي، جو انهن توهان کي مڪي کان جھليو هو ته، توهان انهن تي حرم ۾ ظلم ڪريو ۽ ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ همراهي ڪريو. گناھ ۽ ظلم ۾ همراهي نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو. تحقيق الله ڏاڍي عذاب وارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:3

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3‏۝

اوهان تي يارهن شيون حرام آهن. مردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جيڪو غيرالله جي نالي سان ڪُٺائون ۽ ٻوساٽيل ۽ ڦيهيل ۽ کڏ ۾ ڪريل ۽ سڱ هنيل ۽ مِرونءَ جو کاڌل مگر جنهن کي اوهان حلال ڪري وٺو ۽ جيڪو بت خاني ۾ ذبح ڪيو ويو ۽ تيرن سان فال وجھڻ حرام آهي ۽ اهي سڀئي حرام آهن. اڄ ڪافر دين اسلام کان نا اميد ٿي پيا. پوءِ انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو. اڄ اوهان جي دين اسلام کي نهايت تي رسايم ۽ توهان تي پنهنجي نعمت تمام ڪيم ۽ مون توهان لاءِ دين اسلام پسند ڪيو. پوءِ جنهن کي موت جهڙي ضروري بک لڳي ۽ گناھ جو قصد نه هجيس، ته پوءِ ڀلي حرام کائي. پوءِ الله بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:4

يَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4‏۝

تو کان پڇن ٿا ته، اسان لاءِ ڪهڙيون شيون حلال آهن؟ انهن کي چؤ ته، توهان لاءِ پاڪ شيون ۽ جن کي اوهان سيکاريو. جيئن باز ۽ ڦاڙيندڙ ڪتو جيڪو بڇيو ٿا . انهن کي الله جي ڏنل عقل مان سيکاريو اٿوَ. اوهان وٽ جيڪا شيءِ جھلي کڻي اچن ۽ ان مان نه کائين، اهو کائو. انهن کي موڪلڻ وقت ٽي ڀيرا بسمله چئو ۽ الله کان ڊڄو. تحقيق الله تڪڙو حساب وٺندڙ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:5

اَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5‏۝ۧ

اڄ اوهان لاءِ پاڪ شيون حلال ٿيون ۽ ڪتاب وارن جي ڪٺل اوهان لاءِ حلال آهن ۽ اوهان جو ڪٺل پڻ انهن لاءِ حلال آهي ۽ آزاد ڪيل مومن عورتون ۽ اهل ڪتاب مان آزاد ڪيل عورتون حلال آهن. انهن سان پرڻجڻ کان اڳ جڏهن انهن کي سندن مهر ڏيو. انهن سان پرڻجڻ ۾ پرهيزگاري ڪريو. نه ظاهر زنا ڪريو ۽ نه ڳجھا يار ٺاهيو. جيڪو ايمان سان ڪفر ڪندو ته، ان جا عمل ضايع ٿي ويا ۽ اهو آّخرت ۾ خساري وارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:6

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6‏۝

اي مومنو! جڏهن نماز پڙهڻ جو ارادو ڪريو، ته پنهنجو منهن ڌوئو ۽ ٻانهون ٺونٺين تائين ۽ پنهنجي مٿن جي مٿان مک ڪريو ۽ پير ڀيڏين تائين ڌوئو ۽ جيڪڏهن تڙ وارا هجو ته، سڄو جسم پاڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان مريض هجو يا مسافر يا جيڪو اوهان مان قضا حاجت کان آيو يا عورتن سان جماع ڪريو ۽ پاڻي نه لهو ته پاڪ خاڪ سان تيمم ڪريو. پوءِ پنهنجي منهن ۽ ٻانهن تي خاڪ سان مک ڪريو. الله نه ٿو چاهي ته توهان تي رڳو پاڻيءَ سان پاڪائي فرض ڪري. پوءِ اوهان کي ڏکيائي ٿئي. پر چاهي ٿو ته، اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان تي پنهنجو گھڻيون نعمتون ڪري. اميد ته الله جو شڪر ڪندؤ.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:7

وَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

۽ الله جون نعمتون ياد ڪريو. جيڪي توهان تي آهن ۽ الله جا وعده جيڪي توهان سان محڪم ڪيائين. جڏهن چيَوَ ته، اسين فرمانبردار آهيون ۽ الله کان ڊڄو. تحقيق الله دلين وارن جو عالِم آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:8

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

اي مومنو! عدل کي قائم ڪندڙ ۽ الله ڪارڻ عدل سان شاهدي ڏيندڙ ٿيو. اوهان کي ڪنهن قوم جي دشمني ان لاءِ نه اڀاري، ته اوهان ظلم ڪريو. انهن سان عدل ڪريو ۽ اهو عدل ادب کي ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄو. تحقيق الله اوهان جا ڪم ڄاڻي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:9

وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9‏۝

۽ الله انهن مومنن سان وعدو ڪيو آهي ، جن نيڪ عمل ڪيا ته، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:10

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ ۝10

۽ جن ڪفر ڪيو ۽ قرآن کي نه مڃيائون. اهي دوزخ وارا آهن.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:11

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۝ۧ11

اي مومنو! الله جون نعمتون ياد ڪريو. جيڪي اوهان تي آهن. جڏهن ڪافرن جي قوم ارادو ڪيو ته، توکي قتل ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيرين. پوءِ الله انهن جا هٿ تو کان روڪيا ۽ الله کان ڊڄو ۽ مومن ڀلي ته الله تي توڪل ڪن.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:12

وَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ ؀12

۽ الله يعقوب جي اولاد کان عهد ورتو ۽ انهن مان ٻارهن وڏيرا شام ڏانهن موڪلياسون ۽ الله بني اسرائيل کي چيو ته، جيڪڏهن اوهان نماز ادا ڪندؤ ۽ زڪوات ڏيندؤ ته، آئون اوهان ساڻ آهيان ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻيندؤ ۽ انهن کي عزت ڏيندؤ ۽ الله ڪارڻ قرض ڏيندؤ ۽ ڀلو قرض ته، اوهان جا گناھ لاهيندس ۽ اوهان کي بهشت ۾ داخل ڪندس. جنهن جي هيٺان نهرون جاري آهن. ان کان پوءِ جيڪو اوهان مان ڪفر ڪري، ته اهو سڌي واٽ کان گمراھ ٿي ويو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:13

فَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ ؀13

پوءِ انهن جي عهد ڀڃڻ جي سبب اسان انهن تي لعنت ڪئي ۽ انهن جا قلب ڪارا ڪري ڇڏيا. الله جي ڪلام کي سندن جاين تان ڦيرائي ٿا ڇڏين ۽ ڪي نصيحتون وساري ڇڏيائون ۽ تون هميشه انهن جي خيانتن کان واقف آهين. مگر انهن مان ڪي ٿورا. پوءِ انهن کي بخش ڪر ۽ انهن کان منهن موڙ. تحقيق الله نيڪن کي دوست رکي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:14

وَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ ؀14

۽ نصرانين کان عهد ورتوسون. پوءِ ڪا نصيحت وساري ويٺا. جيئن محمد تي ايمان نه آندائون. پوءِ اسان انهن ۾ قيامت جي ڏينهن تائين بغض ۽ دشمني وجھي ڇڏي ۽ سگهو ئي الله انهن کي بدلو ڏيندو، جيڪو ڪجھ اهي ڪن ٿا.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:15

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ؀ۙ15

اي اهل توريت! توهان وٽ محمد رسول آيو. جيڪو گھڻيون اهي ڳالهيون بيان ڪري ٿو، جيڪي اوهان توريت مان لڪائي ڇڏيون آهن ۽ گھڻيون بخش ڪري ٿوڇڏي. تحقيق اوهان وٽ الله وٽان نور محمد رسول ۽ روشن قرآن آيو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:16

يَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ ؀16

الله ان سان انهن کي هدايت ڪري ٿو، جيڪي ان جي رضا جا تابع ٿين ٿا. سلامتيءَ وارين واٽن جي ۽ انهن کي الله جي حڪم سان ڪفر جي اونداهي کان ايمان جي نور جي طرف ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ انهن کي سڌي واٽ جي طرف هدايت ڪري ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:17

لَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

تحقيق اهي ڪافر آهن، جيڪي چون ٿا ته، اسان جو الله معبود عيسيٰ پٽ مريم جو آهي. چؤ ته، الله کان سواءِ ڪو ملڪ جو مالڪ ناهي ۽ جيڪڏهن گھري ته، عيسيٰ پٽ مريم جي کي ماري ۽ ان جي ماءُ کي ۽ جيڪي هن زمين ۾ آهن، سڀني کي ۽ الله جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي شيون گھري خلقي ٿو ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:18

وَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ؀18

يهودين ۽ نصارن چيو ته، اسين الله جو اولاد آهيون ۽ ان جا محبوب آهيون. پوءِ چؤ ته، ڇو توهان جي گناهن جي ڪري توهان تي عذاب ڪندو آهي؟ بلڪه توهان به ٻين مخلوقن جهڙا بشر آهيو. جنهن کي گھري بخش ڪري ۽ جنهن کي گھري عذاب ڪري ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهي الله جي لاءِ ئي آهي ۽ جيڪو ڪجھ انهن جي وچ ۾ آهي ۽ ان ڏانهن موٽڻو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:19

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۧ19

اي اهل توريت! اوهان وٽ اسان جو رسول آيو. جيڪو اوهان لاءِ رسولن جي نه هئڻ وقت دين ظاهر ڪري ٿو. متان قيامت ۾ چئو، ته اسان وٽ ڪو بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو. پوءِ تحقيق توهان وٽ بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

5:20

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ ؀20

۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، اي منهنجي قوم! الله جون نعمتون ياد ڪريو، جيڪي اوهان تي آهن. جڏهن توهان مان نبي ڪيائين ۽ توهان کي مصر ملڪ جو بادشاھ ڪيائين ۽ جيڪو توهان کي ڏنائين، اهو سڄي جهان مان ڪنهن کي ڪونه ڏنائين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي