049 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيِ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 1
اي مومنو! الله ۽ سندس رسول جي اڳيان ٿي نه هلو ۽ الله کان ڊڄو . جيڪو ٻُڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْٓا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَـجْـهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَـجَــهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَـحْبَــطَ اَعْــمَالُكُمْ وَاَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ 2
اي مومنو! پنهنجو آواز نبي ءَ جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ نه ان سان وڏي آواز سان ڳالهايو . جيئن هڪ ٻئي سان وڏي آواز سان ڳالهائيندا آهيو. تحقيق اوهان جا عمل ضايع ٿي ويندا ۽ اوهان نبيءَ جو ادب نه ٿا ڄاڻو سڃاڻو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى ۭ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 3
تحقيق جيڪي الله جي رسول جي اڳيان پنهنجو آواز هيٺاهون ڪن ٿا . الله انهن جا قلب ادب سان ڀري ڇڏيا آهن . انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَاۗءِ الْحُـجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ 4
تحقيق جيڪي تو کي حجري جي در جي ٻاهران سڏين ٿا . انهن مان گھڻا بي عقل آهن ، ادب نه ٿا ڄاڻن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَـخْرُجَ اِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
۽ جي صبر ڪري بيهن . جيستائين تون ٻاهر اچين ته ، ان ۾ انهن لاءِ ڀلائي آهي ۽ الله مهربان ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ جَاۗءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَيَّنُوْٓا اَنْ تُصِيْبُوْا قَوْمًۢا بِجَــهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰي مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِيْنَ 6
اي مومنو! جيڪڏهن توهان وٽ ڪو فاسق سنت جو تارڪ ڪا خبر آڻي ته ، ان جو چيو نه ڪريو ۽ ڳالھ جي جاچ ڪريو . متان فاسق جي چئي تي ڪنهن قوم کي ايذاءُ رسايو .پوءِ ڦري پنهنجي ڪم تي پشيمان ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاعْلَمُوْٓا اَنَّ فِيْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ ۭ لَوْ يُطِيْعُكُمْ فِيْ كَثِيْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَيْكُمُ الْاِيْـمَانَ وَزَيَّنَهٗ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَكَرَّهَ اِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوْقَ وَالْعِصْيَانَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ 7ۙ
ڄاڻو ته ؛ اوهان وٽ الله جو رسول آهي . جيڪڏهن دين جي گھڻن ڪمن ۾ توهان جو چيو ڪري ته ، اوهان کي ڏک رسي . پر الله اوهان کي ايمان مٺو ڪيو آهي ۽ اوهان جي دلين م ايمان کي سينگاريائين ۽ اوهان کي ڪفر ۽ بڇڙائي ۽ گناھ ڪَڙا ڪيائين . اهي اصحابي سڌي واٽ تي آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَنِعْمَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 8
الله انهن تي احسان ڪيو آهي ۽ نعمت به ۽ الله دانا ۽ عالِم آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ طَاۗىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَي الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِيْ تَبْغِيْ حَتّٰى تَفِيْۗءَ اِلٰٓى اَمْرِ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ فَاۗءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَاَقْسِطُوْا ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 9
۽ جي مسلمانن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته ، انهن ۾ صلح ڪرايو . پوءِ جي هڪڙي ٻئي تي ظلم ڪيو هجي ته جيڪي ظلم ٿا ڪن انهن کي قتل ڪريو . جيستائين شريعت جي حڪم ڏانهن موٽن . پوءِ جي موٽن ته، انهن ۾ عدل سان صلح ڪرايو ۽ پوري طرح شرع ڪريو . تحقيق الله عدل ڪندڙن سان محبت رکي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَ اَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَـمُوْنَ ۧ10
مومن پاڻ ۾ ڀائر آهن . پوءِ پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ الله کان ڊڄو . من الله اوهان تي رحم ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُوْنُوْا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاۗءٌ مِّنْ نِّسَاۗءٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۚ وَلَا تَلْمِزُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ ۭ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِيْـمَانِ ۚ وَمَنْ لَّمْ يَتُبْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 11
اي مومنو! هڪ ٻئي تي چٿر نه ڪريو . متان اهي ضعيف چٿر ڪندڙن کان ڀلا هجن ۽ نه هڪ عورت ٻئيءَ تي چٿر ڪري متان اهي ضعيف عورتون چٿر ڪندڙن کان ڀليون هجن ۽ نه هڪ ٻئي ۾ عيب ڪڍو ۽ نه ئي هڪ ٻئي تي برا نالا رکو . اسلام آڻڻ کان پوءِ برو نالو رکڻ بڇڙو ڪم آهي . پوءِ جي توبه نه ڪندا ته اهي ظالم آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِيْرًا مِّنَ الظَّنِّ ۡ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّلَا تَجَسَّسُوْا وَلَا يَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا ۭ اَيُـحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ يَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِيْهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِيْمٌ 12
اي مومنو! بري گمان ڪرڻ کان پاسو ڪريو . تحقيق مومنن ۾ بڇڙو گمان ڪرڻ گناھ آهي ۽ عيبن جي پڇا نه ڪريو ۽ نه هڪ ٻئي جي گلا ڪريو . اوهان مان ڪنهن کي پنهنجي ڀاءُ جو گوشت کائڻ ڪيئن وڻندو ؟ جيڪو مري ويو هجي . پوءِ پسند نه ڪيو ۽ الله کان ڊڄو . تحقيق الله توبه قبولي ٿو ۽ رحم ڪري ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّاُنْثٰى وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا ۭ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌ خَبِيْرٌ 13
اي انسانو! اسان اوهان کي مرد ۽ عورت مان خلقيو ۽ اوهان جون ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهياسين ته ، هڪ ٻئي کي سڃاڻو . تحقيق الله وٽ سڳورو پرهيزگار هوندو . تحقيق الله عالِم ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا ۭ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَلٰكِنْ قُوْلُوْٓا اَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْاِيْـمَانُ فِيْ قُلُوْبِكُمْ ۭ وَاِنْ تُطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَا يَـلِتْكُمْ مِّنْ اَعْـمَالِكُمْ شَـيْـــــًٔا ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
اعرابين چيو ته اسان مومن آهيون . الله چيو ته ، اوهان جي دلين ۾ اڃا ايمان ناهي . پر چئو ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ اوهان جي دلين ۾ ايمان داخل ناهي ٿيو ۽ جيڪڏهن الله ۽ رسول جو چيو ڪندؤ ته ، الله اوهان جي عملن ۾ ڪو ذرو به گھٽ نه ڪندو . تحقيق الله بخشيندڙ ۽ مهربان آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ثُـمَّ لَمْ يَرْتَابُوْا وَجٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 15
اهي ئي مومن آهن ، جيڪي الله ۽ رسول تي ايمان آڻين . پوءِ شڪ نه ڪن ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجي مال ۽ جان سان ڪافرن سان جنگ ڪن . اهي سچا مومن آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِيْنِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 16
چؤ ته ، ڇا الله کي پروڙايو ٿا ته اسين ديندار آهيون؟ ۽ جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ، سو الله ڄاڻي ٿو ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَـمُنُّوْنَ عَلَيْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا ۭ قُلْ لَّا تَـمُنُّوْا عَلَيَّ اِسْلَامَكُمْ ۚ بَلِ اللّٰهُ يَـمُنُّ عَلَيْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِيْـمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 17
۽ عرب اسلام آڻڻ جو تو تي احسان ٿا ڪن ۽ چؤ ته ، اسلام آڻڻ جو مون تي احسان نه ڳڻيو . بلڪه الله اوهان تي احسان ڪيو ، جو اوهان کي ايمان جي واٽ ڏيکاريائين . جيڪڏهن اوهان سچا آهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ18
تحقيق الله آسمانن ۽ زمين جا ڳجھ ڄاڻي ٿو ۽ الله اوهان جا عمل ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي