048 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا 1ۙ
اسان تنهنجي لاءِ مڪو فتح ڪيوسين . جيڪا پڌري فتح آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّيَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَمَا تَاَخَّرَ وَيُتِـمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَـقِيْمًا 2ۙ
۽ الله تنهنجا اڳيان ۽ پويان گناھ بخشي ۽ تو تي پنهنجي نعمت گھڻي ڪري ۽ تو کي شريعت جي سڌي واٽ ڏيکاري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّيَنْصُرَكَ اللّٰهُ نَــصْرًا عَزِيْزًا 3
۽ الله تنهنجي مدد ڪري ٿو ۽ غلبي واري مدد .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ فِيْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِيْنَ لِيَزْدَادُوْٓا اِيْـمَانًا مَّعَ اِيْـمَانِهِمْ ۭ وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْمًا حَكِـيْمًا 4ۙ
الله اهو آهي ، جنهن مومنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته ، انهن جو ايمان تي گھڻو يقين ٿئي ۽ الله جا لشڪر آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ الله دانا ۽ عالِم آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّاٰتِهِمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِيْمًا 5ۙ
۽ البته الله مومن مَردن ۽ مومن عورتن کي بهشت ۾ داخل ڪندو . جنهن جي هيٺان نهرون جاري هونديون . هميشه ان ۾ هوندا ۽ انهن تان سندن گناھ لاهي ڇڏيندو ۽ الله وٽ اها بهشت وڏي ڇوٽڪاري جي جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّيُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِيْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْمُشْرِكِيْنَ وَالْمُشْرِكٰتِ الظَّاۗنِّيْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۭ عَلَيْهِمْ دَاۗىِٕرَةُ السَّوْءِ ۚ وَغَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَاَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۭ وَسَاۗءَتْ مَصِيْرًا 6
۽ الله منافق مَردن ۽ منافق عورتن تي ۽ مشرڪ مَردن ۽ مشرڪ عورتن تي عذاب ڪندو . جيڪي الله ۾ گمان رکن ٿا ، بڇڙو گمان . انهن تي عذاب ڦري ايندو ۽ الله انهن تي ڏمر ڪيو ۽ انهن کي رحمت کان تڙي ڇڏيائين ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين ۽ دوزخ بري جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْـمًا 7
۽ الله جا لشڪر آسمانن ۽ زمين جا آهن ۽ الله غالب ۽ حڪمت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّآ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِيْرًا 8ۙ
اسان تو کي امت تي شاهد ڪري موڪليو آهي ۽ بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُعَزِّرُوْهُ وَتُوَقِّرُوْهُ ۭ وَتُسَـبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 9
ته ماڻهو الله ۽ رسول کي مڃين ۽ رسول کي تعظيم ڏين ۽ صبح ۽ سانجهي الله جي پاڪائي بيان ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يُبَايِعُوْنَكَ اِنَّـمَا يُبَايِعُوْنَ اللّٰهَ ۭ يَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَيْدِيْهِمْ ۚ فَــمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّـمَا يَنْكُثُ عَلٰي نَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَوْفٰى بِــمَا عٰهَدَ عَلَيْهُ اللّٰهَ فَسَيُؤْتِيْهِ اَجْرًا عَظِيْمًا ۧ10
تحقيق جيڪي تابعداري ۾ تنهنجو هٿ ٿا وٺن ، اهي ڄڻ ته ، الله جو هٿ ٿا وٺن . جيئن مختيار وڪيل جو هٿ مالڪ جو هٿ هوندو آهي . الله جو هٿ مومنن جي هٿ جي مٿان آهي . پوءِ جيڪو الله جو وعدو ڀڃندو ته ، پاڻ کي نقصان ڏيندو ۽ جيڪو الله سان پنهنجو وعدو نڀائيندو ته ، الله سگهو ئي وڏو ثواب ڏيندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَيَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَآ اَمْوَالُنَا وَاَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا ۚ يَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَيْسَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا ۭ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 11
سگهو ئي اعرابي منافق جيڪي جنگ ۾ وڃڻ کان رهجي ويا آهن؛ تو کي چوندا ته ، اسان کي اسان جي مالن ۽ اولادن اسان کي جهليو . هاڻي اسان جي لاءِ بخشش گھر . پر اها ڳالھ زبان سان چوندا ۽ انهن جي قلب ۾اها ڳالھ ناهي . چؤ انهن کي الله کان ڪير ڇڏائيندو؟ جيڪڏهن انهن کي نقصان پهچائڻ چاهي . وڻيس ته اوهان کي نفعو رسائي . بلڪه الله اوهان جي عملن کان واقف آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَالْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰٓى اَهْلِيْهِمْ اَبَدًا وَّزُيِّنَ ذٰلِكَ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ ښ وَكُنْتُمْ قَوْمًۢا بُوْرًا 12
بلڪه اي منافقو! اوهان گمان ٿي ڪيو ته ، رسول جنگ کان ڪڏهن موٽي ڪونه ايندو ۽ نه مومن پنهنجي گھرن ڏانهن موٽندا ۽ اوهان کي اها ڳالھ دل ۾ وڻي ٿي ۽ رسول جي قتل ٿيڻ جو بڇڙو گمان ٿي رکيَوَ ۽ اوهان هلاڪ ٿيندڙ قوم ۽ بڇڙي نيت وارا آهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ لَّمْ يُؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ فَاِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَعِيْرًا 13
۽ جيڪو الله ۽ رسول کي نه مڃي . پوءِ اسان نه مڃيندڙن لاءِ دوزخ جي باھ تيار ڪئي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 14
۽ آسمانن ۽ زمين جو ملڪ الله جو آهي ۽ جنهن کي گھري بخشي ٿو ۽ جنهن کي گھري عذاب ڏئي ٿو ۽ الله رحم ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَيَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْــطَلَقْتُمْ اِلٰى مَغَانِـمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ ۚ يُرِيْدُوْنَ اَنْ يُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ ۭ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ ۚ فَسَيَقُوْلُوْنَ بَلْ تَـحْسُدُوْنَنَا ۭ بَلْ كَانُوْا لَا يَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 15
سگهو ئي پوئتي رهجي ويل منافق چوندا . جنهن وقت توهان خيبر جي غنيمت جي طرف ويندؤ ته، انهن کي وٺو ته اسان کي ڇڏيو ته اوهان جا تابع ٿيون . ارادو ٿا ڪن ته ، الله جي حڪم کي بدلايون ته انهن کي نه هلائجو . چؤ ته هرگز نه هلندا . اهڙي طرح الله اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي . پوءِ چو ٿا ته اسان سان حسد ٿا ڪريو ۽ مال جو بخل ٿا ڪريو . بلڪه منافق ٿورڙو پروڙيندڙ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ لِّـلْمُخَلَّفِيْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَـتُدْعَوْنَ اِلٰى قَوْمٍ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ يُسْلِمُوْنَ ۚ فَاِنْ تُطِيْعُوْا يُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَـنًا ۚ وَاِنْ تَتَوَلَّوْا كَـمَا تَوَلَّيْتُمْ مِّنْ قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 16
انهن پوئتي رهجي ويل اعرابي منافقن کي چؤ ته ، سگهو ئي اوهان کي يما ۾ ڪافرن جي قوم سان جنگ جي طرف سڏينداسين ، جيڪي سخت جنگجو آهن . انهن سان جنگ ڪجو . ان وقت تائين جيستائين مسلمان ٿين . پوءِ جي الله جو چيو ڪندؤ ته اوهان کي ڀلو اجر ڏيندو ۽ جي ڦرندؤ. جيئن اوهين اڳي ڦريا ته ، اوهان کي عذاب ڪندو . ڏکوئيندڙ عذاب .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَيْسَ عَلَي الْاَعْـمٰى حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْمَرِيْضِ حَرَجٌ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ17
انڌي تي جنگ فرض ناهي نه ئي ڪو بار . نه ئي منڊي تي ڪو بار . نه ئي مريض تي ڪو بار ۽ جيڪو الله ۽ رسول جو چيو ڪندو ته بهشت ۾ داخل ڪندن . جنهن جي هيٺان نهرون جاري وهن ٿيون ۽ جيڪو رسول جي حڪم کان ڦرندو ته ، عذاب ڪندن . ڏکوئيندڙ عذاب .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ رَضِيَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِيْنَ اِذْ يُبَايِعُوْنَكَ تَـحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِيْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ عَلَيْهِمْ وَاَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيْبًا ۙ18
تحقيق الله انهن مومنن کان راضي ٿيو، جن وڻ جي هيٺان تنهنجي بيعت ڪئي . پوءِ الله ڄاڻي ورتي جيڪا مومنن جي قلبن ۾ ڏکيائي هئي . پوءِ الله انهن تي آرام نازل ڪيو ۽ سگهو ئي خيبر جي فتح ڏنائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّمَغَانِـمَ كَثِيْرَةً يَّاْخُذُوْنَهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْمًا 19
۽ جيڪي گھڻيون غنيمتون ورتائون ۽ الله غالب ۽ حڪمت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِـمَ كَثِيْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَكَفَّ اَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ ۚ وَلِتَكُوْنَ اٰيَةً لِّــلْمُؤْمِنِيْنَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيْمًا ۙ20
الله اوهان سان وعدو ڪيو آهي ته ، اوهان شام ۽ روم ۾ گھڻيون غنيمتون وٺندؤ . پوءِ جلد اوهان کي هيءَ خيبر جي غنيمت ڏنائين ۽ ڪافرن جي هٿن کي اوهان کي ايذاءَ ڏيڻ کان روڪيائين ۽ ڀلي ته مڪي جي فتح مومنن لاءِ عبرت هجي ۽ الله اوهان کي سڌي واٽ ڏيکاري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي