1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

047 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 38 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

47:1

اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ 1‏۝

اهي جن ڪفر ڪيو ۽ مومنن کي الله جي دين کان جهليائون . انهن جا عمل ضايع ٿي ويا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:2

وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِـمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ 2‏۝

۽ جيڪي الله تي ايمان آڻين ۽ صالح عمل ڪن ۽ قرآن کي مڃين ، جيڪو محمد رسول تي نازل ٿيو آهي . جيڪو الله جي طرفان سچو آهي . الله انهن جون مدايون لاهيندو ۽ انهن جا قلب پاڪ ڪندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:3

ذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَاَنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْـحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ 3‏۝

هي حڪم انهيءَ ڪري آهي جو جيڪي ڪافر آهن ، سي ڪوڙ جا تابع ٿين ٿا ۽ مومن حق جا تابع ٿين ٿا. جيڪورب وٽان آهي . اهڙي طرح الله ماڻهن لاءِ انهن جا مثال بيان ڪري ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:4

فَاِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ ۭ حَتّىٰٓ اِذَآ اَثْـخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ ڎ فَاِمَّا مَنًّـۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا ڃ ذٰ۩لِكَ ړ وَلَوْ يَشَاۗءُ اللّٰهُ لَانْتَـصَرَ مِنْهُمْ وَلٰكِنْ لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُمْ بِبَعْـضٍ ۭ وَالَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَنْ يُّضِلَّ اَعْـمَالَهُمْ 4‏۝

پوءِ جنگ ۾ ڪافرن سان گڏجو ته ، هڻو انهن ڪافرن جا ڪنڌ . جڏهن انهن کي رتو ڇاڻ ڪريو ته پوءِ انهن کي قيدي ڪري قابو ٻڌو . پوءِ يا ته احسان ڪري ڇڏي ڏيونُ يا مال جو فديو وٺو. جڏهن پنهنجا جنگ جا هٿيار رکن . اهو اوهان کي حڪم آهي ۽ جي الله گھري ته بنا جنگ جي اوهان جو غلبو ڪري . پوءِ اوهان مان هڪڙن کي ٻين سان آزمائي ٿو ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ٿين ٿا ته ، انهن جا عمل ضايع نه ٿيندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:5

سَيَهْدِيْهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ 5‏۝ۚ

سگهو الله هدايت ڪندن ۽ قلبن کي صالح ڪندن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:6

وَيُدْخِلُهُمُ الْــجَــنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ 6‏۝

۽ جنت ۾ داخل ڪندو .جنت کي سندن عملن مان سڃاڻپ ڪرائيندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:7

يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ يَنْصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ 7‏۝

اي مومنو! جيڪڏهن الله جي دين کي نصرت ڏيندؤ ته اهو توهان کي مدد ڏيندو ۽ اوهان جا پير ثابت قدم رکندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:8

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَاَضَلَّ اَعْــمَالَهُمْ 8‏۝

۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندا ته ، انهن لاءِ هلاڪي آهي ۽ انهن جا عمل ضايع ٿيندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:9

ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْـمَالَهُمْ 9‏؀

هن ڳالھ جي ڪري قرآن کي پسند نه ٿا ڪن . جيڪو الله نازل ڪيو آهي . پوءِ انهن جا عمل باطل ٿي ويا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:10

اَفَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۡ وَلِلْكٰفِرِيْنَ اَمْثَالُهَا ؀10

ڇو نه ٿا زمين ۾ هلن ڦرن ته ، ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ گذريا ، تن جي عاقبت ڪيئن ٿي؟ الله انهن کي هلاڪ ڪيو ۽ ڪافر قريشن لاءِ پڻ اهڙي هلاڪي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:11

ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَاَنَّ الْكٰفِرِيْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ ۝ۧ11

سبب ان جو هي آهي ته ، الله مومنن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪو مددگار ناهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:12

اِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَتَمَتَّعُوْنَ وَيَاْكُلُوْنَ كَـمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ ؀12

تحقيق الله مومنن کي بهشت ۾ داخل ڪندو . جن صالح عمل ڪيا ، جنهن جي هيٺان نهرون جاري هونديون ۽ جيڪي ڪفر ڪن ٿا، سي دنيا ۾ فائدو وٺندا ۽ ان مان ايئن کائيندا ، جيئن حيوان کائيندا آهن ۽ انهن جي جاءِ دوزخ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:13

وَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ هِىَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْيَتِكَ الَّتِيْٓ اَخْرَجَتْكَ ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ ؀13

۽ ڪيترا ڳوٺ ، جن جا ڪافر مڪي جي انهن ڪافرن کان گھڻا طاقتور هئا . جن تو کي مڪي مان ڪڍيو. انهن کي هلاڪ ڪيوسون . انهن کي ڪير به ڇڏائيندڙ ڪونه هو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:14

اَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ ؀14

ڇا جيڪو الله جي نور ايمان تي مومن آهي ، سو انهن ڪافرن جي مثل آهي؟ جن جا برا عمل چڱا ڪري ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ حرص جا تابع آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:15

مَثَلُ الْـجَنَّةِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ فِيْهَآ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّاۗءٍ غَيْرِ اٰسِنٍ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهٗ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِيْنَ ڬ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۭ وَلَهُمْ فِيْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَـمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِي النَّارِ وَسُقُوْا مَاۗءً حَمِيْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَاۗءَهُمْ ؀15

مثال ؛ الله متقين سان بهشت جو وعدو ڪيو آهي . جنهن جي هيٺان نهرون جاري هونديون. جيڪي رنگن جي ڪري ڦريل نه هونديون ۽ کير جون نهرون هونديون ۽ خمر جون نهرون هونديون ، جيڪي پيئندڙن کي لذت ڏينديون ۽ ماکيءَ جون نهرون هونديون . جن ۾ دنيا جي ماکيءَ کان صاف ماکي هوندي ۽ انهن لاءِ بهشت ۾ سڀ ميوا هوندا ۽ رب جي بخشش هوندي . ڇا اهو بهشتي ان جي مثل آهي ، جيڪو هميشه دوزخ ۾ هوندو ۽ ٽهڪندڙ پاڻي پيئندو . پوءِ انهن جا آنڊا ڇڄي پوندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:16

وَمِنْهُمْ مَّنْ يَّسْتَمِعُ اِلَيْكَ ۚ حَتّىٰٓ اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَاذَا قَالَ اٰنِفًا ۣ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ ؀16

۽ ڪي منافق اهڙا آهن ، جيڪي تو وٽ قرآن ٻڌن ٿا . پوءِ جڏهن تو وٽان وڃن ٿا ته ، عالِم صحابين کان پڇن ٿا ته ، هينئر نبيءَ ڪهڙيون ڳالهيون چيون ؟ ڄڻ ته ٻڌائون ئي ڪونه . الله انهن جي قلبن تي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي حرص جا تابع ٿين ٿا ۽ تنهنجي ڳالھ ڪونه ٿا ٻڌن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:17

وَالَّذِيْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّاٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ ؀17

۽ جيڪي هدايت وارا آهن ، تن کي تنهنجي ڳالھ وڌيڪ هدايت ڏئي ٿي ۽ انهن کي ادب ۽ ڊپ ڏئي ٿي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:18

فَهَلْ يَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِيَهُمْ بَغْتَةً ۚ فَقَدْ جَاۗءَ اَشْرَاطُهَا ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَاۗءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ ؀18

پوءِ ڪافر قيامت جا منتظرآهن . تحقيق جيڪا انهن وٽ اوچتي ايندي . تحقيق پوءِ قيامت جون نشانيون آيون . پوءِ انهن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو ؟ پوءِ جڏهن موت ايندن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:19

فَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوٰىكُمْ ۝ۧ19

پوءِ ڄاڻ ته الله کان سواءِ ڪو معبود ناهي ۽ پنهنجي ۽ مومن مردن ۽ مومن عورتن جي گناهن جي بخشش گھر ۽ الله ڄاڻي ٿو ته ، اوهان جي موٽڻ جي جاءِ بهشت آهي يا دوزخ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

47:20

وَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ ۚ فَاِذَآ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَـمَةٌ وَّذُكِرَ فِيْهَا الْقِتَالُ ۙ رَاَيْتَ الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ يَّنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۭ فَاَوْلٰى لَهُمْ ۝ۚ20

۽ مومن چون ٿا ته، اهڙي سورت ڇو نه ٿي نازل ٿئي ؟ جيڪا منافقن کي نفاق جي خبر ڏئي ٿي . پوءِ جڏهن پڌري سورت نازل ٿئي ٿي. جنهن ۾ جنگ جي معنيٰ ۽ بيان آهي ته ، منافقن کي ڏسين ٿو . جن جي دلين ۾ شڪ آهي . توڏانهن ان شخص وانگر نهارين ٿا ، جنهن تي سقرات جي وقت ڍڪر ايندو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي