046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
حٰــمۗ 1ۚ
حٰم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
قرآن ، غالب ۽ حڪمت واري الله وٽان نازل ٿيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
۽ اسان آسمانَ ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي ، رڳو سچ سان خلقيا ۽ سڀني جي عمر معين آهي . ۽ جيڪي ڪفر ڪن ٿا . اهي نبين جي ڊيڄارڻ تي اکيون پورين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
چؤ ، مون کي انهن بتن جي خبر ڏيو ، الله کي ڇڏي جن جي عبادت ٿا ڪريو. مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙيون مخلوق خلقيون آهن؟ يا انهن جو آسمان ۾ ڪو ڀائيوار آهي يا مون وٽ ڪو الله جو ڪتاب آڻيو ، جيڪو قرآن کان اڳ نازل ٿيو هجي يا ڪا يقيني خبر .جيڪڏهن توهان سچا آهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
ان ڪافر کان وڌيڪ ڪو گمراھ ناهي جيڪو غيرالله جي ٻانهپ ڪري . جيڪي قيامت تائين جواب نه ڏئي سگهن ۽ اهي انهن جي سڏڻ کان غافل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
قيامت ۾ جڏهن سڀ ماڻهو گڏ ٿيندا . اتي بت ڪافرن جا دشمن هوندا . ڪافرن جي عبادت کي ڪونه مڃيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
۽ جڏهن انهن وٽ اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ، ڪافر قرآن کي چون ٿا ، جڏهن انهن وٽ اچي ٿو ته، هي پڌرو جادو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
بلڪه چون ٿا ته ، نبيءَ ڪوڙ ٻَڌو آهي . چؤ ته جي مون ڪوڙ ٻَڌو هوندو ته ، مون کي الله کان ڪير به ڇڏائيندڙ ناهي . اهو انهن ڳالهين کي گھڻو ڄاڻندڙ آهي ، جن ۾ شڪ ڪريو ٿا . منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد ڪافي آهي . اهو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙآهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
چؤ ته مان اڳين نبين کان نئون آيل رسول ناهيان . نه ٿو ڄاڻان ته مون سان اوهان ڪيئن ڪندؤ ؟ اوهان سان ڪيئن ٿيندو . رڳو وحيءَ جو تابع آهيان جيڪا مون ڏانهن اچي ٿي ۽ مان ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
چؤ ته ، مون کي خبر ڏيو ، جيڪڏهن هي قرآن الله وٽان آهي ۽ اوهان ان کي نه ٿا مڃو ۽ بني اسرائيل جي عالِم جي مثل هن قرآن کي مڃيو . پوءِ ايمان آندائين ۽ توهان ڇو ٿا هٺ ڪريو؟ تحقيق الله ظالمن جي جماعت کي هدايت نه ٿو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
۽ ڪافر مومنن کي چون ٿا ته ، جيڪڏهن هي دين ڀلو هو ته ، مومن هن قرآن ڏانهن اسان کان مهندار ٿيا ۽ جڏهن ڪافر هدايت کي نه رسيا آهن ته پوءِ سگهو ئي چوندا ته هي قرآن آڳاٽو ڪوڙو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
۽ قرآن کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب توريت آهي . جيڪو مهندار ۽ رحمت آهي ۽ هي قرآن ان کي سچو ڪندڙ آهي . جيڪو عربي زبان ۾ آهي . ته جيئن تون مڪي جي ظالمن کي ڊيڄارين ۽ مومنن کي بشارت ڏين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
تحقيق جيڪي چون ٿا ته ، اسانجو مالڪ الله آهي ۽ ان جي يادگيريءَ تي قائم بيهن ته انهن تي خوف ناهي ۽ نه ئي غم وارا ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اهي بهشت جا صاحب آهن . هميشه ان ۾ هوندا . الله عملن جي جزا ڏيندن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
۽ انسان کي وصيت ٿا ڪريون ته ، پنهنجي ماءُ پيءُ سان احسان ڪري . جيئن ان کي ان جي ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ گھڻي شفقت ۽ تڪليف سان کنيو ۽ ان کي مشقت ۽ تڪليف سان ڄڻيائين ۽ حمل جي کير ڏيڻ جي مدت ٽيھ مهينا آهي . پوءِ وڏو ٿيندو . ايستائين جو بلوغت کي پهچي ٿو ۽ چاليھ ورهن کي پهچي ٿو ۽ چئي ٿو ته منهنجا رب مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي نعمت جو شڪرانو ڪيان جيڪا تو مون تي ڪئي . مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي ايمان ڏنئي ۽ جيڪي تو کي وڻن ، مون کي تن صالح عملن جي توفيق ڏيجين ۽ منهنجي پٽن پوٽن کي صالح ڪر . تحقيق مان تو ڏانهن موٽيس ۽ مان مسلمان آهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
انهن شخصن جا ڪيل ڀلا عمل قبول ڪنداسون ۽ انهن جا گناھ معاف ڪنداسون . اهي جنتي آهن . الله انهن سان سچو وعدو ڪيو . اهو وعدو جيڪو توهان سان ڪيو ويو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ جيڪو ڪافر پنهنجي ماءُ پيءُ کي چئي ٿو ته ، توهان کان پريشان ۽ تنگ آهيان . ڇا مون سان وعدو ٿا ڪيو ته قبر مان نڪرندس . تحقيق مون کان اڳ ڪفر ۾ جماعتون گذريون ۽ ان جا ماءُ پيءُ الله کي فرياد ٿا ڪن ۽ پنهنجي پٽ کي چون ٿا ته ، ايمان آڻ . نه ته هلاڪ ٿيندين . تحقيق الله جو وعدو سچو آهي . پوءِ ڪافر چئي ٿو ته ، الله جا وعدا ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
انهن ڪافرن تي عذاب واجب ٿي چڪو آهي . اڳين ڪافرن سان گڏ باھ ۾ داخل ڪيا ويندا . جِنَ هجن توڙي ماڻهو . اهي خساري وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
۽ سڀني مومنن ۽ ڪافرن کي سندن عملن جي موافق درجا ملندا ۽ عملن جي جزا ملندن ۽ انهن سان ظلم نه ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
۽ قيامت جي ڏينهن ڪافر دوزخ جي روبرو ٿيندا ۽ الله چوندو ته دنيا ۾ لذتون ۽ نعمتون وڃايَوَ ۽ انهن مان اتي فائدو ورتوَ. اڄ خواري وارو عذاب توهان جي ناحق هٺ ڪرڻ ۽ توهان جي فسق ڪرڻ جي سبب ڏنو ويندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي