044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
حٰــمۗ ڔ 1
حٰم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
هي قرآن روشن ڪتاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
اسان سڄو قرآن مبارڪ رات ۾ نازل ڪيو . اسان قرآن سان ڊيڄاريندڙ آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
جيڪي به حڪمت جا ڪم هوندا آهن ، ان رات ۾ نبيريندا آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
يا جيڪي ڪم اسان وٽان ٿيندا ، سي اسان ان رات ۾ موڪليندا آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
الله وٽان رحمت . تحقيق الله ٻڌي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
جيڪو آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي ۽ ان جو جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي . جيڪڏهن يقين ڪندڙ آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي . اهو جياري ۽ ماري ٿو . اوهان جو ۽ اوهان جي اڳين مائٽن جو رب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
بلڪه مڪي جا ڪافر شڪ ۾ توحيد کان غافل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
پوءِ تون ان ڏينهن جو منتظر ٿي ، جنهن ڏينهن آسمان پڌرو دونهون آڻيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
جنهن ڪافرن کي بي هوش ڪيو ۽ چيائون ته ، هي ڏکوئيندڙ عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
اسان جا رب اسان تان هي عذاب لاھ . هاڻي اسان محمد کي مڃينداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
پوءِ انهن کي نصيحت فائدو نه ڏنو . تحقيق انهن وٽ پڌرن معجزن سان رسول آيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
پوءِ رسول کان ڦريا ۽ رسول جي نالي چيائون ته ، هي لُهار جو سيکاريل آهي . چريو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
اسان اهو ڏڪار جو عذاب ٿورو ٿورو ڪري لاٿو . اوهان وري ڪفر ۾ ٿا موٽو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
جڏهن انهن کي بدر جي وڏي ڏينهن عذاب ۾ وٺنداسون . عقوبت ڪنداسون ۽ لاهينداسون ڪونه .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
۽ تحقيق قريشن کان اڳ فرعون جي قوم کي عذاب ڏنوسون ۽ انهن وٽ سڳورو رسول موسيٰ آيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
ته ، اي الله جا ٻانهؤ ! مون ڏانهن اچو . مان اوهان لاءِ امانت وارو رسول آهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ الله جي عبادت کان هٺ نه ڪريو . مون توهان وٽ پڌرو معجزو آندو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ مان الله جي پناھ ٿو وٺان منهنجي ۽ اوهان جي . منهنجي سنگسار ڪرڻ تي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي