043 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 89 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
حٰــمۗ ڔ 1
حٰم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
قسم آهي روشن ڪتاب جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 3ۚ
جيڪو قرآن اسان عربي ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي . من اوهين پروڙيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّهٗ فِيْٓ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِيٌّ حَكِيْمٌ 4ۭ
تحقيق هي قرآن لوح محفوظ مان آهي . جيڪو اسان وٽ مٿاهون حڪمت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِيْنَ 5
اوهان جي منهن ڦيرائڻ جي ڪري ، اسان قرآن کي اوهان کان ڪيئن جهليون . جيڪڏهن اوهان گنهگارن جي جماعت آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِيٍّ فِي الْاَوَّلِيْنَ 6
۽ اسان اڳين امتن ۾ ڪيترا ئي نبي موڪليا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ نَّبِيٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 7
۽ انهن وٽ جيڪو به نبي ايندو هو ته، ان تي چٿر ڪندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَهْلَكْنَآ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّمَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِيْنَ 8
۽ اسان تمام طاقت وارن کي عذاب سان هلاڪ ڪيوسون ۽ اڳين هلاڪ ٿيلن جا قصا گذري چڪا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ لَيَقُوْلُنَّ خَلَقَهُنَّ الْعَزِيْزُ الْعَلِيْمُ 9ۙ
۽ جي قريشن کان پڇندين ته ، آسمان ۽ زمين ڪنهن خلقيا آهن؟ ته چوندا ته ، انهن کي الله خلقيو آهي . جيڪو غالب ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّجَعَلَ لَكُمْ فِيْهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۚ10
جنهن ، زمين کي اوهان جي آرام جي جاءِ ڪري جوڙيو ويو ۽ ان ۾ اوهان لاءِ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين هلڻ لاءِ واٽون ۽ رستا جوڙيائين . من اوهان مقصد ڏانهن هدايت وارا ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْ نَزَّلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ ۚ فَاَنْشَرْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذٰلِكَ تُـخْـرَجُوْنَ 11
۽ الله اهو آهي ، جيڪو آسمان مان ماڻهن لاءِ اندازي تي پاڻي نازل ڪري ٿو . پوءِ ان سان مئل زمين کي جياري ٿو . اهڙي طرح اوهان کي قبرن مان جيارينداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْفُلْكِ وَالْاَنْعَامِ مَا تَرْكَبُوْنَ ۙ12
۽ الله اهو آهي ، جنهن سڀني حيوانن جا نر مادي جا جوڙا خلقيا ۽ اوهان لاءِ ٻيڙيون ۽ چوپايا خلقيائين . جن تي اوهان سواري ڪري پهچو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِتَسْتَوٗا عَلٰي ظُهُوْرِهٖ ثُـمَّ تَذْكُرُوْا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ اِذَا اسْـتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَـقُوْلُوْاسُـبْحٰنَ الَّذِيْ سَـخَّــرَ لَنَا ھٰذَا وَمَا كُنَّا لَهٗ مُقْرِنِيْنَ ۙ13
انهن جي پٺيءَ تي چڙهي . پوءِ جڏهن چوپاين تي چڙهو ته ، الله جي نعمت کي ياد ڪريو ۽ چئو ته ، الله پاڪ آهي ، جنهن اسان لاءِ اهڙا ٽهندڙ ِمرُون مطيع ڪيا ۽ اسان انهن کي هيرائي نه سگهون ها .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّآ اِلٰى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُوْنَ 14
۽ اسان الله جي طرف موٽون ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَعَلُوْا لَهٗ مِنْ عِبَادِهٖ جُزْءًا ۭ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ مُّبِيْنٌ ۧ15
۽ ڪافر الله جي ٻانَهن مان سندس پٽ ٿا ٺاهين . تحقيق ڪافر منهنجين نعمتن کي پڌرا نه مڃيندڙ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمِ اتَّـخَذَ مِـمَّا يَـخْلُقُ بَنٰتٍ وَّاَصْفٰىكُمْ بِالْبَنِيْنَ 16
۽ الله مخلوقن کي پنهنجون ڌيئون ڪيئن ڪندو؟ ۽ اوهان کي پٽن سان ڀلو ڪندو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِـمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّهُوَ كَظِيْمٌ 17
۽ انهن جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو؟ جڏهن انهن مان ڪنهن کي ان جي گھر ۾ ڌيءَ ڄمڻ جي خبر پهچي ٿي . جنهن کي الله جي صفت مقرر ڪن ٿا ته، انهن جو منهن ڦري ڪارو ٿئي ٿو ۽ ان جي دل غم سان ڀرجي وڃي ٿي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْـحِلْيَةِ وَهُوَ فِي الْـخِـصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ 18
الله ڌيئن کي پنهنجو ڪيئن ڪندو ؟ جيڪي زيورن ۽ نعمتن ۾ نپائجن ٿيون ۽ اهي دشمنن سان جنگ جي مقابلي ۾ ظاهر نه ٿيون ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَعَلُوا الْمَلٰۗىِٕكَةَ الَّذِيْنَ هُمْ عِبٰدُ الرَّحْـمٰنِ اِنَاثًا ۭ اَشَهِدُوْا خَلْقَهُمْ ۭ سَـتُكْتَبُ شَهَادَتُهُمْ وَيُسْــَٔــلُوْنَ 19
۽ ڪافر ملائڪن کي جيڪي الله جا ٻانها آهن ، ڌيئون ڪيئن ٿا ٺاهين؟ ڇا ڪافر ملائڪن کي خلقڻ وقت موجود هئا . سگهو ئي ڪافرن جي شاهدي لکائينداسون ۽ انهن کان پڇا ڪبي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْا لَوْ شَاۗءَ الرَّحْـمٰنُ مَا عَبَدْنٰهُمْ ۭ مَا لَهُمْ بِذٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۤ اِنْ هُمْ اِلَّا يَـخْرُصُوْنَ ۭ20
۽ ڪافر اهو پڻ چون ٿا ته ، جي الله گهري ها ته ، اسان بتن جي عبادت نه ڪريون ها . انهن کي ڪا خبر ناهي اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي