042 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 53 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
حٰــمۗ 1ۚ
حم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعۗسۗقۗ 2
عسق .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذٰلِكَ يُوْحِيْٓ اِلَيْكَ وَاِلَى الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكَ ۙ اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
ايئن وحي موڪلي ٿو تنهنجي طرف ۽ انهن جي طرف جيڪي تو کان اڳ هئا . الله غالب ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ 4
جيڪي شيون آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ، سڀ ان جون آهن ۽ اهو مٿاهون اعليٰ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَكَادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِي الْاَرْضِ ۭ اَلَآ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 5
ويجهو آهي ته قيامت جي ڏينهن آسمان مٿان ڦاٽن ۽ ملائڪ الله جي حمد جون تسبيحون چون ٿا ۽ زمين وارن لاءِ بخشش ٿا گھرن . تحقيق الله مهربان ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهُ حَفِيْــظٌ عَلَيْهِمْ ڮ وَمَآ اَنْتَ عَلَيْهِمْ بِوَكِيْلٍ 6
۽ جيڪي ڪافر الله کان سواءِ بتن کي الله جا دوست ڪري ٿا وٺن ته ، الله دنيا جي مليل عمر تائين انهن تي نگاھ رکي ٿو ۽ تون انهن جو ذميدار ناهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنْذِرَ يَوْمَ الْـجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ فَرِيْقٌ فِي الْــجَنَّةِ وَفَرِيْقٌ فِي السَّعِيْرِ 7
۽ انهيءَ ڪري ئي تو ڏانهن عربي ٻوليءَ ۾ قرآن موڪليوسين ته ، مڪي شهر کي ۽ ان جي ٻاهرين پاسي کي قيامت کان ڊيڄارين. جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي . هڪ جماعت بهشت ۾ ۽ ٻي جماعت دوزخ ۾ ويندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَـجَعَلَهُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّلٰكِنْ يُّدْخِلُ مَنْ يَّشَاۗءُ فِيْ رَحْـمَتِهٖ ۭ وَالظّٰلِمُوْنَ مَا لَهُمْ مِّنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ 8
جي هوند الله گھري ته انهن کي هڪڙي جماعت ٺاهي ڇڏي . پر جنهن کي گھري ان کي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ جنهن کي گھري ان کي گمراھ ڪري ته ، ان جو ڪو دوست ناهي ۽ نه ئي ڪو ڇڏائيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمِ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۚ فَاللّٰهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُـحْيِ الْمَوْتٰى ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 9ۧ
ڇا الله کان سواءِ بتن کي دوست ٿا بنائين . پوءِ الله دوستيءَ جي لائق آهي . اهو مون کي جياري ٿو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيْهِ مِنْ شَيْءٍ فَـحُكْـمُهٗ ٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبِّيْ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ڰ وَاِلَيْهِ اُنِيْبُ 10
۽ جنهن مسئلي ۾ شڪ وارا ٿيو ٿا . پوءِ ان ۾ خلاف ڪريو . پوءِ ان خلاف جو حڪم الله وٽان ٿيو آهي. اهڙو آهي الله . ان تي اعتماد ڪريان ٿو ۽ ان ڏانهن موٽندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّمِنَ الْاَنْعَامِ اَزْوَاجًا ۚ يَذْرَؤُكُمْ فِيْهِ ۭ لَيْسَ كَـمِثْلِهٖ شَيْءٌ ۚ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 11
جيڪو آسمان ۽ زمين جو خلقيندڙ آهي ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جي نفس مان عورتون پيدا ڪيائين ۽ چوپاين ۾ نر ۽ مادي جا جوڙا پيدا ڪيائين . انهن مان توهان جي لاءِ گھڻا ٿا ٿين ۽ الله جي شين جو ڪو مثل ناهي ۽ اهو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيَقْدِرُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 12
ان وٽ آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون آهن . جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ۽ مصلحت ڏسي جنهن جو چاهي تنگ ڪري . اهو سڀني شين کي ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويشَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّيْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّالَّذِيْٓ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهٖٓ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى وَعِيْسٰٓى اَنْ اَقِيْمُوا الدِّيْنَ وَلَا تَتَفَرَّقُوْا فِيْهِ ۭ كَبُرَ عَلَي الْمُشْرِكِيْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَيْهِ ۭ اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13
اوهان لاءِ اهڙو دين بيان ڪيائين جهڙي دين جي نوح کي وصيت ڪيائين ۽ اهو ئي وحي تو ڏانهن موڪليوسون ۽ اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي وصيت ڪئي ته ، دين کي قائم ڪيو ۽ ان ۾ اختلاف نه ڪريو ۽ مشرڪن تي دين کي قائم ڪرڻ ڏکيو آهي . تون انهن کي جنهن ڏانهن سڏين ٿو . الله پاڻ ڏانهن جنهن کي گھري ان کي چونڊي ۽ ان کي واٽ ڏيکاري ، جيڪو خوف سان موٽي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا تَفَرَّقُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّي لَّقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۭ وَاِنَّ الَّذِيْنَ اُوْرِثُوا الْكِتٰبَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لَفِيْ شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيْبٍ 14
۽ تنهنجي سچائيءَ تي يقين اچڻ کان پوءِ يهودي تنهنجي نبوت ۾ اختلاف ٿا ڪن . پر حسد جي ڪري نه مڃيائون . جيڪڏهن الله وٽان اڳ ۾ وعدو ٿيل نه هجي ها ته ، قيامت ۾ عذاب ڪندس ۽ جيڪر نبيرو ڪري ڇڏيان ها ۽ تحقيق جن يهودين کي انجيل ڏنو ويو آهي ، اهي ان کان شڪ ۾ آهن ۽ نه مڃيندڙ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلِذٰلِكَ فَادْعُ ۚ وَاسْتَقِمْ كَـمَآ اُمِرْتَ ۚ وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَهُمْ ۭ وَقُلْ اٰمَنْتُ بِـمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنْ كِتٰبٍ ۚ وَاُمِرْتُ لِاَعْدِلَ بَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۭ لَنَآ اَعْـمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْـمَالُكُمْ ۭ لَا حُـجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ۭ15
پوءِ امت کي توحيد سان ڪوٺ ۽ قائم بيھ . جيئن تو کي حڪم ٿيو آهي ۽ ڪافرن جي خواهشن جو تابع نه ٿيءُ ۽ چؤ ته ، انهن ڪتابن تي ايمان آندم ، جيڪي الله وٽان نازل ڪيا ويا ۽ مون کي حڪم آهي ته اوهان جي وچ ۾ عدل ڪريان .الله اسان جو ۽ توهان جو مالڪ آهي . اسان جا عمل توحيد جا آهن ۽ توهان جا عمل ڪفر جا آهن ۽ اسان جي توهان جي وچ ۾ نبيرو ناهي ۽ الله گڏ ڪندو ۽ پنهنجو معاملو نبيريندو ۽ ان ڏانهن موٽنداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ يُحَاۗجُّوْنَ فِي اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا اسْتُجِيْبَ لَهٗ حُـجَّــتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَّلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ 16
۽ جيڪي نبيءَ سان الله جي وحدانيت ۾ دين جي ميثاق جي ڏينهن کي قبول ڪرڻ کان پوءِ جھيڙو ٿا ڪن ، پوءِ انهن جي ڳالھ الله وٽ ڪوڙي آهي ۽ انهن تي الله جو ڏمر آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ وَالْمِيْزَانَ ۭ وَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيْبٌ 17
الله اهو آهي ، جنهن قرآن کي سچ سان نازل ڪيو ۽ ساهمي نازل ڪيائين ۽ تو کي قيامت جي خبر ٻڌايائين ته ويجهي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِهَا ۚ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مُشْفِقُوْنَ مِنْهَا ۙ وَيَعْلَمُوْنَ اَنَّهَا الْـحَقُّ ۭ اَلَآ اِنَّ الَّذِيْنَ يُـمَارُوْنَ فِي السَّاعَةِ لَفِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 18
۽ قيامت جي تڪڙ اهي ٿا ڪن ، جيڪي قيامت کي نه ٿا مڃين ۽ ان کان ڊڄن ٿا ۽ ڄاڻين ٿا ته ، اها حق آهي . ڄاڻ ته ، جيڪي قيامت ۾ شڪ ڪن ٿا . اهي پراهين گمراهي ۾ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ لَطِيْفٌۢ بِعِبَادِهٖ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۚ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيْزُ ۧ19
الله ٻانهن تي مهربان آهي . جنهن کي گهري رزق ڏئي ٿو ۽ اهو قادر ۽ غالب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِيْ حَرْثِهٖ ۚ وَمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَمَا لَهٗ فِي الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِيْبٍ 20
جيڪو عملن جي پوک مان آخرت حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ، ان کي عملن جي پوک مان وڌائي ڏينداسون ۽ جيڪو عملن مان دنيا جي پوک حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ، ان کي دنيا مان ڏينداسون ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ثواب ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي