1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

041 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

41:1

حٰـمۗ 1‏۝ۚ

حم .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:2

تَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2‏۝ۚ

هيءَ سورت بخشيندڙ ۽ بخشائيندڙ الله جي طرفان نازل ڪئي وئي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:3

كِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3‏۝ۙ

هي قرآن آهي ، جنهن جي معنيٰ ظاهر ڪيل آهي ۽ قرآن عربي ۾ قريشن جي قوم لاءِ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:4

بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4‏؀

بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي . پوءِ گھڻا عرب ڦري وڃن ٿا ۽ نه ٿا مڃن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:5

وَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5‏۝

۽ ڪافر چون ٿا ته ، توهان جيڪي اسان کي نصيحت ڪريو ٿا. ان کان اسان جا قلب پردن ۾ آهن ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙائپ آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي . پوءِ اي نبي ! پنهنجي دين تي عمل ڪر ۽ اسان پنهنجي دين تي عمل ٿا ڪريون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:6

قُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6‏۝ۙ

چؤ ته ، مان توهان جهڙو ماڻهو آهيان . مگر مون ڏانهن وحي اچي ٿي ته ، ان هڪ کان سواءِ ڪو معبود ناهي . پوءِ ان جي يادگيري تي هميشگي ڪريو ۽ ان کان بخشش گھرو ۽ مشرڪن لاءِ هلاڪي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:7

الَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7‏۝ۙ

جيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي قيامت کي نه مڃيندڙ آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:8

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8‏۝ۧ

تحقيق جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته ، انهن لاءِ بنا حساب جي ثواب آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:9

قُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9‏۝ۚ

چؤ ته ، ان الله سان ڇو ٿا ڪفرڪريو؟ جنهن زمين ٻن ڏينهن ۾ خلقي ۽ ڇو ٿا ان جا شريڪ ٺاهيو. اهو الله ٻنهي جهانن جو مالڪ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:10

وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ ۝10

۽ پورن چئن ڏينهن ۾ ، زمين جي مٿان جبل ميخون ڪري ٺاهيائين ۽ زمين ۾ برڪت ڪيائين ۽ ان ۾ ماڻهن لاءِ کاڌو رکيائين . پڇندڙن لاءِ صاف بيان آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:11

ثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ ؀11

پوءِ الله آسمانن جوڙڻ تي برابر ٿيو ۽ اهي دونهان هئا. پوءِ الله آسمانن ۽ زمين کي چيو ته ، راضي ٿي اچو يا زور سان . چيائون ته ، راضي ٿي آياسين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:12

فَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ ؀12

پوءِ ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان جوڙيائين ۽ هر آسمان ۾ پنهنجو حڪم موڪليائين ۽ دنيا جي آسمان کي تارن سان سينگاريائين . جيڪي شيطان کان حفاظت ڪن ٿا . اهڙي غالب دانا جي قدرت آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:13

فَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۝ۭ13

پوءِ جي قريش ايمان کان ڦرندا ته ، چَئينُ ته ، مان توهان کي عذاب کان ڊيڄاريان ٿو . جيڪو عادين ۽ ثمودين وانگر هلاڪ ڪندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:14

اِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ ؀14

جڏهن اڳ ۽ پوءِ انهن وٽ رسول آيا ته ، غيرالله جي عبادت نه ڪريو. ته چيائون ته ، جيڪڏهن الله اسان جي هدايت گھري ٿو ته ملائڪ رسول نازل ڪري . پوءِ اسان اوهان جي رسالت کي نه ٿا مڃون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:15

فَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ ؀15

پر عادين زمين ۾ ناحق هٺ ڪيو ۽ چيائون ته اسان کان طاقت ۾ ڪو به زور ڪونهي . نه ڏٺائون ته ، جنهن الله انهن کي خلقيو آهي ، سو انهن کان طاقت ۾ زور آهي ۽ اسان جي آيتن ۽ قدرتن کي ڪونه مڃيندا هئا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:16

فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ ؀16

پوءِ انهن تي پهرين نحس اربع جي ڏينهن کان اٺ ڏينهن گرم هوا موڪلي سون ته ، انهن کي دنيا ۾ خوار ڪندڙ عذاب چکايون ۽ آخرت جو عذاب تمام خوار ڪندڙ آهي ۽ اهي ڇوٽڪارو نه وٺي سگهندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:17

وَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۝ۚ17

پر ثمودن کي اسان هدايت جي واٽ ڏيکاريسون ته ڪفر کي ايمان کان ڀلو ڀانيَئُون . پوءِ انهن کي سندن عملن جي ڪري خوار ڪندڙ عذاب جي هڪ هڪل ورتو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:18

وَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ؀ۧ18

۽ مومنن کي ڇڏايوسون جيڪي ڊڄندڙ هئا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:19

وَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ ؀19

۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن دوزخ ڏانهن گڏ ٿيندا . پوءِ اهي ڪاهيا ويندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

41:20

حَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ ؀20

ايستائين جو اهي ان وٽ ايندا ۽ سندن عملن جي شاهدي سندن ڪن ۽ اکيون ۽ کلون ڏينديون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي