040 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
حٰـمۗ 1ۚ
حٰم
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 2ۙ
قرآن الله وٽان نازل ٿيو آهي . جيڪو غالب ۽ عالِم آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويغَافِرِ الذَّنْۢبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ ذِي الطَّوْلِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ اِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
جيڪو گنهگارن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ گناھ بخشي ٿو ۽ ڪافرن کي سخت عذاب ڏئي ٿو . جيڪو وڏائيءَ جو صاحب آهي . ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي . ان ڏانهن موٽندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا يُـجَادِلُ فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَلَا يَغْرُرْكَ تَــقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ 4
الله جي آيتن ۾ اهي جھيڙو ڪن ٿا . جيڪي ڪافر ٿيا . پوءِ انهن جو شهرن ۾ ڦرڻ توکي نااميد نه ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّالْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ وَهَـمَّتْ كُلُّ اُمَّةٍۢ بِرَسُوْلِهِمْ لِيَاْخُذُوْهُ وَجٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوْا بِهِ الْـحَقَّ فَاَخَذْتُهُمْ ۣ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ 5
قريشن کان اڳ به نوح جي ڪافر قوم ۽ ٻيون قومون جيڪي انهن کان اڳ هيون ، نه مڃيائون ۽ جڏهن سڀني امتن ارادوڪيو ته ، رسولن کي وٺون ۽ انهن کي قتل ڪريون ۽ ڪوڙ تي جھيڙو ٿي ڪيائون ته سچ کي وڃائين . تڏهن مون انهن کي پڪڙيو . پوءِ انهن تي منهنجو عذاب ڪيڏو نه سخت هو ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَذٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَي الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنَّهُمْ اَصْـحٰبُ النَّارِ ڤ 6
انهيءَ جي مثل قريشن مان جن ڪفر ڪيو ، تن تي الله جو عذاب لازم ٿيو. اهي دوزخي آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَّذِيْنَ يَـحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهٗ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَّحْـمَةً وَّعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِيْنَ تَابُوْا وَاتَّبَعُوْا سَبِيْلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْـجَــحِيْمِ 7
ڪي ملائڪ منهنجوعرش کڻن ٿا ۽ جيڪي ملائڪ ان جي چوڌاري آهن ، سي سڀ الله جي حمد جون تسبيحون چون ٿا ۽ الله تي ايمان آڻين ٿا ۽ مؤمنن جي بخشش جي دعا گھرن ٿا ۽ چون ٿا ته ، اي اسان جا رب! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم سڀني کان ڪشادو آهي . پوءِ تون انهن کي بخش جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي دين جا تابع ٿيا ۽ انهن کي دوزخ جي عذاب کان پناھ ۾ رکجين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبَّنَا وَاَدْخِلْهُمْ جَنّٰتِ عَدْنِ ۨالَّتِيْ وَعَدْتَّهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ وَاَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 8ۙ
اي اسان جا رب! بهشت ۾ داخل ڪرينُ روبرو لقاءَ تي بيهارينُ ، جو جيڪو تو مؤمنن سان وعدو ڪيو آهي ۽ انهن سان جن ، مائٽن سان ۽ عورتن سان ۽ اولاد سان ڀلائي ڪئي. تحقيق تون غالب ۽ دانا آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقِهِمُ السَّيِّاٰتِ ۭ وَمَنْ تَقِ السَّيِّاٰتِ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِـمْتَهٗ ۭ وَذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9ۧ
۽ انهن کي براين کان پناھ ۾ رک ۽ ان ڏينهن جنهن کي تون مَٺائي کان ڇڏائيندين . پوءِ تحقيق تو انهن تي رحم ڪيو ۽ اهو وڏو ڇوٽڪارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللّٰهِ اَكْبَرُ مِنْ مَّقْتِكُمْ اَنْفُسَكُمْ اِذْ تُدْعَوْنَ اِلَى الْاِيْـمَانِ فَتَكْفُرُوْنَ 10
تحقيق ملائڪ ڪافرن کي سڏ ڪندا ته، اڄ الله جو بغض ان بغض کان وڏو آهي ، جيڪو توهان پاڻ سان رکيو آهي . انهيءَ سبب جي ڪري جو رسولن اوهان کي ايمان ڏانهن ٿي سڏيو ۽ اوهان انهن کي نه ٿي مڃيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا رَبَّنَآ اَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَاَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوْبِنَا فَهَلْ اِلٰى خُرُوْجٍ مِّنْ سَبِيْلٍ 11
چوندا، اي اسان جا رب! تو اسان کي ٻه ڀيرا ماريو ۽ ٻه ڀيرا جياريو . پوءِ اسان اڄ پنهنجا گناه مڃون ٿا . پوءِ ڇا دوزخ مان دنيا ڏانهن نڪرڻ جي ڪا واٽ آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكُمْ بِاَنَّهٗ ٓ اِذَا دُعِيَ اللّٰهُ وَحْدَهٗ كَفَرْتُمْ ۚ وَاِنْ يُّشْرَكْ بِهٖ تُؤْمِنُوْا ۭ فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيْرِ 12
هيءُ عذاب انهيءَ ڪري آهي ، جو جڏهن رسول انهن کي سڏيندا هئا ته ، هي انهن کي ڪونه مڃيندا هئا ۽ جيڪڏهن شيطان انهن کي شرڪ ڏانهن سڏيندو هو ته، ان کي مڃيندا هئا. پوءِ اڄ وڏي مٿاهين الله جي وس آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمْ اٰيٰتِهٖ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ رِزْقًا ۭ وَمَا يَتَذَكَّرُ اِلَّا مَنْ يُّنِيْبُ 13
الله اهو آهي ، جيڪو اوهان کي وحدانيت جا معجزا ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ ڪڪرن مان مينهن نازل ڪري ٿو ۽ نصيحت ۽ عبرت وارو ته رڳو اهو ئي ٿيندو ، جيڪو خوف رکي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَادْعُوا اللّٰهَ مُـخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 14
پوءِ الله جي عبادت ڪريو ۽ دين کي الله لاءِ خالص ڪريو . جيتوڻيڪ ڪافر ان کي برو ڀانئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ ذُو الْعَرْشِ ۚ يُلْقِي الرُّوْحَ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۙ15
الله پاڪ ۽ مٿاهن درجن وارو آهي ۽ عرش جو صاحب آهي . جيڪو جبرئيل کي وحي سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي گھري ان رسول ڏي موڪلي ٿو ته، الله سان ملڻ واري ڏينهن کان ڊيڄاري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ هُمْ بٰرِزُوْنَ ڬ لَا يَـخْـفٰى عَلَي اللّٰهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۭ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۭ لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ 16
جنهن ڏينهن اهي قبرن مان نڪرندا ته ، الله کان انهن جي عملن جو ڪو ذرو ڳجھو نه رهندو . ان ڏينهن ڪنهن جي بادشاهي هوندي؟ هڪڙي غالب الله جي خلاصي بادشاهي هوندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلْيَوْمَ تُـجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا كَسَبَتْ ۭ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 17
ان ڏينهن هر شخص کي ان جي عملن جي جزا ڏني ويندي . ان ڏينهن ظلم نه ٿيندو . تحقيق الله جلد حساب ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ اِذِ الْقُلُوْبُ لَدَى الْحَـنَاجِرِ كٰظِمِيْنَ ڛ مَا لِلظّٰلِمِيْنَ مِنْ حَمِيْـمٍ وَّلَا شَفِيْعٍ يُّــطَاعُ ۭ18
۽ قريشن کي گڏجڻ واري ڏينهن کان ڊيڄار . جڏهن دليون نڙيءَ تي اچي پُڄنديون ۽ غم سان ڀريل هونديون . ڪافرن جو نه ڪو يار ۽ نه ڪو ڇڏائيندڙ هوندو . جنهن جو الله چيو مڃي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَعْلَمُ خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُوْرُ 19
الله اکين جون چوريون ۽ سيني جا ڳجها خطرا ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاللّٰهُ يَـقْضِيْ بِالْـحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَـقْضُوْنَ بِشَيْءٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ ۧ20
۽ الله حق سان نبيريندو ۽ جن جي الله کان سواءِ عبادت ٿا ڪن ، سي ڪو ذرو به ڪونه نبيريندا . تحقيق الله ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي