004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي ماڻهوئو! رب کان ڊڄو. جنهن اوهان کي هڪ آدم جي نفس مان خلقيو ۽ ان مان عورت حوا خلقيائين ۽ انهن مان گھڻا مرد ۽ عورتون پکيڙيائين ۽ الله کان ڊڄو. جنهن جو سُنهن ڪريو ٿا ۽ قرابت کان ڊڄو. تحقيق الله اوهان تي نگهبان آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ پنهنجو بڇڙو مال يتيمن جي ڀلي مال سان نه مٽايو ۽ انهن جا مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. تحقيق اهو وڏو گناھ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
جيڪڏهن توهان ڊڄو ٿا ته، يتيم ڇوڪرين ۾ عدل نه ڪري سگهندؤ. پوءِ ٻين عورتن مان جيڪي اوهان لاءِ حلال آهن، تن مان پرڻو ڪيو. ٻه يا ٽي يا چار. پوءِ جيڪڏهن ڊڄو ته گھڻين زالن ۾ عدل نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ هڪ زال يا ٻانهي ، جيڪا اوهان جي پنهنجي ملڪيت هجي، طلب ڪريو. اهو ڪم ان کي ويجهو آهي. ته جيئن ظلم نه ڪريو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ عورتن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي مهر مان ڪجھ رضا سان بخشين ته ، پوءِ خوشيءَ سان آسودا ٿي کائو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ پنهنجي اولاد مان بي سمجھن کي پنهنجو اهو مال نه ڏيو ، جيڪو الله اوهان کي پنهنجي جسم کي قائم رکڻ لاءِ ڏنو آهي. انهن کي ان مان طعام کارايو ۽ ڪپڙا ڍڪايو ۽ ظاهر ڳالھ چئون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ يتيمن کي آزمايو. ايستائين جو اهي بلوغت کي پهچن. پوءِ جڏهن انهن ۾ سڌي واٽ تي هلڻ ڏسو. پوءِ انهن کي سندن مال ڏيو ۽ ان مال کي اسراف ڪري نه کائو ۽ نه وڏي ٿيڻ جي خوف کان جلدي ڪري ۽ جيڪو دنيا دار هجي، سو ڀلي ته پرهيز ڪري ۽ جيڪو محتاج هجي ، سو شريعت جي حڪم موجب کائي. پوءِ جڏهن انهن کي سندن مال ڏيو ته انهن تي شاهد ڪريو ۽ الله حساب ڪندڙ ڪافي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
ننڍن پُٽن جو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جي تَرڪي ۾ حصو آهي ۽ ننڍين توڙي وڏين عورتن جو انهن جي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جي تَرڪي ۾ حصو آهي. ٿوري مال ۽ گھڻي مال ۾ سڀني جو حصو مقرر آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جڏهن ورهاڱي جي وقت مائٽ ۽ يتيم ۽ مسڪين اچي حاضر ٿين. پوءِ ان مان رزق ڏيون ۽ شريعت جي مطابق ڳالھ چئون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ جيڪي ورهائين ، سي ڀلي ته ڊڄن. جيڪڏهن پنهنجي پٺيان ننڍو اولاد ڇڏين . ان تي ڊڄن . پوءِ الله کان ڊڄن ۽ ڀلي ته سڌي ڳالھ ڪن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
تحقيق اهي جيڪي ناحق يتيمن جو مال کائين ٿا، اهي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باھ ٿا ڀرين ۽ سگهو ئي دوزخ ۾ رسندا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
الله توهان کي توهان جي اولاد جي لاءِ وصيت ٿو ڪري . پٽ جي پتي ٻن ڌيئن جي برابر آهي. پوءِ جيڪڏهن ڌيئون ٻن کان وڌيڪ هجن، ته انهن لاءِ ترڪي جا ٻه ڀاڱا آهن ۽ جيڪڏهن ڌيءَ هڪ هجي ته، ان لاءِ اڌ آهي ۽ جيڪڏهن اولاد هوندو ته، ماءُ پيءُ مان هر هڪ کي سندس ترڪي مان ڇهون حصو ملندو. پوءِ جيڪڏهن ميت کي اولاد نه هجي ۽ ماءُ پيءُ ئي سندس وارث هجن ته، ماءُ جو ٽيون حصو ٿيو. پوءِ جيڪڏهن ان جا ڀائر ۽ ڀينرون هجن ته، پوءِ ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي. پر ان وصيت کان پوءِ جيڪا قرض ڏيڻ جِي ڪري ويو. توهان جا پيءَ ۽ توهان جا پٽ. اوهان نه ٿا ڄاڻو ته، انهن مان ڪهڙو اوهان لاءِ گھڻو نفعو ڪندڙ آهي؟ پر هيءَ پتي الله جي طرفان مقرر ڪيل آهي. بيشڪ الله عالِم ۽ دانا آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
۽ عورتن جي ترڪي مان مڙسن لاءِ اڌ حصو آهي. جيڪڏهن انهن کي اولاد نه هجي. پر جيڪڏهن اولاد هجي ته، عورتن جي ترڪي مان مڙسن لاءِ چوٿون حصو آهي. ان وصيت کان پوءِ جيڪا قرض ڪڍي ڏيڻ کان پوءِ ڪري وڃو ۽ زالن لاءِ مڙسن جي ترڪي مان چوٿون حصو آهي. جيڪڏهن مڙسن کي اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن مڙسن جو اولاد هجي ته، زالن لاءِ ترڪي مان اٺون حصو آهي. قرض ڏيڻ لاءِ جيڪا وصيت ڪري وڃو، قرض ڪڍي ڪري. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي ميت جي ميراث ٿا ورهايو، جيڪو بي اولاد هجي يا بي اولاد عورت ۽ ان کي ڀاءُ يا ڀيڻ آهي ته، انهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي ڀيڻ ڀاءَ هڪ کان وڌيڪ هجن، ته پوءِ اهي ٽئين حصي جا ڀائيوار آهن. ان وصيت کان پوءِ جيڪا قرض ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي ۽ نقصان نه پهچايو هجي. هي حڪم الله جو آهي ۽ الله عالِم ۽ بردبار آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
هي الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جو چيو ڪندو، الله ان کي جنت ۾ داخل ڪندو. جنهن جي هيٺان نهرون جاري آهن. اهي ان ۾ هميشه رهندا. ۽ اهو وڏو ڇوٽڪارو آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ الله جون حدون لنگهيندو، ته ان کي دوزخ ۾ داخل ڪندو. اهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ توهان جي عورتن مان جيڪي زنا ڪن، ته پوءِ انهن تي توهان مان چئن مردن جي شاهدي وٺو ۽ جيڪڏهن شاهدي ڏين، ته انهن کي گھرن ۾ بند رکو. ايستائين جو انهن کي موت ماري يا انهن لاءِ الله شريعت جي ڪا واٽ بيان ڪري.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ توهان مان مرد لِواطو ڪن ، ته انهن ٻنهي کي ايذاءُ ڏيو. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ صالح عمل ڪن ته ٻنهي کي ڇڏيو. بيشڪ الله توبه قبوليندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
الله وٽ صرف انهن جي توبه قبول آهي، جن بي خبري ۾ ڪا برائي ڪئي. پوءِ جلدي توبه ڪيائون. پوءِ الله انهن جي توبه قبوليندڙ آهي ۽ الله عالِم ۽ دانا آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ انهن جي توبه قبول نه آهي، جيڪي برايون ڪندا رهندا، ايستائين جو انهن کي موت اچي رسندو آهي ۽ چوندا آهن ، ته هاڻي مان توبه ٿو ڪريان ته، انهن جي توبه قبول ناهي، جيڪي ڪفر ۾ ٿا مرن. انهن لاءِ اسان ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي مومنو! اوهان کي جائز ناهي، ته عورتن کي زوري ميراث ۾ آڻيو ۽ انهن کي نڪاح کان ان ڪري نه جھليو، ته توهان انهن کي ڏنل مال وٺي سگهو. مگر جيڪڏهن اهي ظاهر زنا ڪن ۽ زالم سان شرع جي حڪم جي مطابق صحبت ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کي نه وڻن ، ته اميد آهي ته جيڪا توهان کي نه وڻي ، ان ۾ الله توهان لاءِ ولد صالح جهڙو ڪو گھڻو خير رکيو هجي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن هڪ عورت جي جاءِ تي ٻي عورت مٽائڻ گھرو ٿا ۽ اڳين عورت کي گھڻو مال ڏئي چڪا آهيو، ته ان مان ڪجھ مال موٽائي نه وٺو. ڇا ظلم ڪري ۽ پڌرو گناھ ڪري ، پوءِ موٽائي وٺندؤ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي