1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

039 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

39:1

تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1‏۝

قرآن الله وٽان نازل ٿيو آهي . جيڪو غالب ۽ حڪمت وارو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:2

اِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2‏۝ۭ

اسان تو تي قرآن سچ سان نازل ڪيو . پوءِ الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ الله لاءِ پنهنجو دين خالص ڪريو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:3

اَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3‏۝

ڄاڻ ته ، الله جو دين سچو ۽ پاڪ آهي ۽ جيڪي الله کي ڇڏي بتن کي دوست ۽ معبود ٿا بنائين ۽ چون ٿا ته، اسان بتن جي عبادت رڳو ان لاءِ ٿا ڪريون ته، اهي اسان کي الله جي گھڻو ويجهو ڪن . تحقيق الله انهن جي وچ ۾ ان ڳالھ جو حڪم ڪندو ، جنهن ۾ شڪ ٿا ڪن . تحقيق الله انهن کي هدايت نه ٿو ڪري ، جيڪي ڪوڙ ٿا هڻن ۽ ڪفر ٿا ڪن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:4

لَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4‏۝

جيڪڏهن الله پٽ وٺي ته ، هوند پنهنجي مخلوق مان جنهن کي گھري چونڊي . پر الله اولاد کان پاڪ آهي ۽ اهو هڪڙو الله غالب ۽ قهر ڪندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:5

خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5‏۝

آسمان ۽ زمين سچي حڪمت سان پيدا ڪيائين ۽ رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي فرمان بردار ڪيائين . هر تارو آسمان ۾ پنهنجي مقرر ڪيل صحيح وقت تي هلي ٿو . الله اهڙو غالب ۽ بخشيندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:6

خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6‏۝

۽ اوهان کي آدم جي هڪڙي جيءَ مان خلقيائين . پوءِ ان مان حوا کي پيدا ڪيائين ۽ اوهان لاءِ بهشت جي جانورن مان اَٺ قسمن جا جانور خلقيائين .اوهان کي مائن جي پيٽن ۾ هڪ صورت کان پوءِ ٻي صورت ۾ ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪيائين . اهڙو آهي الله جيڪو اوهان جو مالڪ آهي . ان جي ئي بادشاهي آهي . ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي . پوءِ ان کان ڪيئن ٿا ڦرو ؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:7

اِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته ، الله اوهان کان بي پرواھ آهي ۽ ٻانهن جي ڪفر ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته ، اوهان کان راضي ٿيندو ۽ ڪو شخص ٻئي جو گناھ نه کڻندو . پوءِ قيامت جي ڏينهن الله ڏانهن موٽندؤ . پوءِ اوهان کي اوهان جي عملن جي جزا ڏيندو . جيڪو اوهان جي سينن ۾ آهي ، اهو الله ڄاڻي ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:8

وَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8‏۝

۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي . جيئن ڪو مرض ته، الله کان دعا پُني ٿو . الله ڏانهن گھڻو موٽي ٿو . پوءِ جڏهن ان کي پاڻ وٽان صحت ۽ مال ڏئي ٿو ته ، ان الله کي وساري ٿو ڇڏي ، جنهن کان اڳ ۾ دعا ٿي گھريائين ۽ الله جي دشمن بتن کي شريڪ ٿو بنائي ته ، ماڻهن کي الله جي واٽ کان گمراھ ڪري . چؤ ته، پنهنجي دنيا جي ٿورڙين نعمتن سان دنيا جي حياتي ۾ ڪفر ڪرڻ سان فائدو وٺ . تحقيق تون باھ جي لائق آهين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:9

اَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9‏۝ۧ

ڇا برابر آهي ، اهو شخص جيڪو رات جي طرفن ۾ عبادت ڪري ۽ سجدو ۽ قيام ڪري ۽ قيامت کان ڊڄي ۽ رب جي رحمت ۾ اميد ڪري . چؤ ته ، برابر ناهن جيڪي عالِم آهن ۽ جيڪي جاهل آهن ۽ نصيحت ته دانا قبول ڪندا آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:10

قُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ ؀10

چئو ته، اي مومن ٻانهؤ! نيڪوڪارن لاءِ الله کان ڊڄو . انهن لاءِ هن دنيا ۾ بهشت آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي ۽ صابرن کي سندن اجر بي حساب ڏينداسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:11

قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۝ۙ11

چؤ ته، مون کي امر ٿيو آهي ته، الله جي ٻانهپ ڪريان ۽ خالص الله جي عبادت ڪريان .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:12

وَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ ؀12

۽ مون کي امر ٿيو آهي ته، مان پهريون فرمان بردار هجان .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:13

قُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ ؀13

چؤ ته، مان ڊڄان ٿو ته ، جيڪڏهن الله جو چيو نه ڪندس ته قيامت جي ڏينهن مون کي عذاب ڏيندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:14

قُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ؀ۙ14

چؤ ته ، الله جي ٻانهپ ڪريان ۽ ان لاءِ مان پنهنجي عبادت خالص ڪريان .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:15

فَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ ؀15

پوءِ الله کان سواءِ جنهن جي گھرو عبادت ڪريو . تحقيق جيڪي پنهنجي نفس کي ۽ پنهنجي اولاد کي قيامت جي ڏينهن خوار ڪندا . اهي خساري وارا آهن . ڄاڻ ته اها خواري پڌري خواري آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:16

لَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ ؀16

انهن لاءِ ڇت جي مٿان کان ۽ زمين جي هيٺان کان باھ هوندي . الله پنهنجي ٻانهن کي اهڙي دوزخ کان ڊيڄاري ٿو . پوءِ اي منهنجا ٻانهؤ! مون کان ڊڄو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:17

وَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ؀ۙ17

۽ جيڪي بتن جي عبادت ڪرڻ کان پرهيز ڪن ٿا ۽ الله ڏانهن موٽن ٿا . انهن لاءِ بشارت آهي . پوءِ منهنجي ٻانهن کي سرهو ڪر .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:18

الَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ ؀18

جيڪي قرآن ٻُڌن ٿا ۽ نيڪين جا تابع ٿين ٿا . انهن مومنن کي الله هدايت ڪئي آهي . اهي عقل وارا آهن.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:19

اَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ؀ۚ19

پوءِ ڇا جن ڪافرن تي دوزخ جو عذاب واجب ٿيندو . تون انهن کي باھ مان ڪڍندين؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

39:20

لٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ ؀20

پر جيڪي الله کان ڊڄن ٿا ، انهن لاءِ مٿي هوا ۾ ماڙيون اڏيل آهن . جن جي هيٺان نهرون جاري هونديون . الله جو وعدو آهي . ۽ الله وعدي جي خلاف نه ڪندو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي