038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
ص . قسم آهي قرآن جو . جيڪو نصيحت جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
بلڪه جيڪي ڪفر ڪن ٿا ، سي مخالفت ۽ بد بختي ۾ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
اسان انهن کان اڳ ڪيترين امتن کي هلاڪ ڪيوسون . پوءِ دانهون ڪيائون ۽ اهو وقت ڇوٽڪاري جو نه هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
۽ عجب ٿا ڪن ته ، انهن وٽ انهن مان رسول آيو ۽ ڪافر چون ٿا ته ، هي نبي ڪوڙو جادوگر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
۽ سڀني مخلوقن لاءِ هڪ الله ڪيئن ٿو چئي؟ تحقيق اها ڳالھ نبيءَ جي عجيب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
۽ ڪافرن جي جماعت اٿي ٿي وڃي ته ، هلو بتن جي عبادت تي صبر ڪريو . تحقيق رسول جي مراد توحيد آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
جيڪا ڳالھ اسان اڳين دينن ۾ ڪانه ٻڌي ۽ رسول جو هي دين ته ڪوڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
۽ ڪيئن قرآن ۽ وحي اسان مان هڪڙي ماڻهوءَ تي نازل ٿئي ٿو ۽ اهي منهنجي قرآن کي مڃڻ ۾ شڪ ۾ آهن . انهيءَ سبب جي ڪري جو منهنجو عذاب ڪونه چکيواٿن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
يا رب جي رحمت جا خزانه انهن جي اختيار ۾ آهن . جيڪو غالب ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
يا آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ، انهن جي بادشاهي آهي. پوءِ ڀلي رسيون ٻڌي آسمانن ۾ چڙهي وڃن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
اڳين جماعتن جو لشڪر هلاڪ ٿيل ۽ ڀڄايل جي مثال آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
۽ قريشن کان اڳ نبين کي نوح جي قوم نه مڃيو ۽ عادين جي ۽ فرعون جي قوم . جيڪو لوھ جي ڪِليُن وارو هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
۽ ثمود جي قوم ۽ لوط جي قوم ۽ شعيب جي قوم جيڪا وڻن واري هئي . اهي سڀ ڦِريلون جماعتون هيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
۽ رسولن کي نه مڃيائون ۽ منهنجو عذاب پهتن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
۽ قريش ته رڳو قيامت جي هڪڙي هڪل جا منتظر آهن ۽ اها موٽندي ڪانه .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ قريش چون ٿا ته ، اي اسان جا رب! اسان کي اسان جي عملن جو ڪتاب قيامت کان اڳ سگهو دنيا ۾ ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
قريش جيڪو چون ٿا ، ان تي صبر ڪر ۽ اسان جي ٻانهي دائود کي ياد ڪر . جيڪو عبادت ۽ قوت وارو هو ۽ الله ڏانهن موٽندڙ هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
اسان جبلن کي ان جو فرمان بردار ڪيو . جيڪي صبح ۽ سانجهي تسبيح ڪندا هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
سڀئي پکي ۽ شيون گڏجي ان ڏانهن موٽندا هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
۽ اسان ان جي حڪومت مضبوط ڪئي ۽ ان کي نبوت ۽ سڀني مسئلن ۾ حقاني جواب ڏنوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي