037 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 182 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالصّــٰۗفّٰتِ صَفًّا 1ۙ
قسم آهي انهن ملائڪن جو جيڪي صفون قائم ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًا 2ۙ
پوءِ محشر ڏانهن ڪاهيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالتّٰلِيٰتِ ذِكْرًا 3ۙ
جيڪي لوح محفوظ ۾ پڙهن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌ 4ۭ
اها ڳالھ ته الله هڪڙو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ 5ۭ
آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ۽ اوڀرندي جو رب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِزِيْنَةِ ۨالْكَـوَاكِبِ 6ۙ
۽ اسان زمين جي ويجهي آسمان کي تارن سان سينگاريو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَحِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ مَّارِدٍ 7ۚ
۽ آسمانن کي سرڪش جنن کان پناھ وارو ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰي وَيُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ ڰ 8
۽ مَلَاُ الاَعليٰ جي ملائڪن جون ڳالهيون نه ٻڌي سگهن ۽ سڀني طرفن کان جنن کي لوڌيوويندو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويدُحُوْرًا وَّلَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌ 9ۙ
۽ انهن لاءِ هميشه واري موت جو عذاب آهي يا هي هميشه وارو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَــطْفَةَ فَاَتْــبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ 10
مگر اهو جن جيڪو ڪا ڳالھ جهٽي . پوءِ ٻئي جن کي ٻڌائي . پوءِ ان کي ڪرندڙ تارو رسي ۽ ان کي ماري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا ۭ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِيْنٍ لَّازِبٍ 11
پوءِ ڪافرن کان پڇ ته ، ڪافر ڏاڍا آهن يا اُهي جن کي اسان آسمانن ۾ خلقيو . اسان ڪافرن کي چنبڙندڙ مٽيءَ مان خلقيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ عَـجِبْتَ وَيَسْخَرُوْنَ ۠12
بلڪه تو کي عجب ٿو لڳي ته ، ڪافر چٿر ٿا ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا ذُكِّرُوْا لَا يَذْكُرُوْنَ ۠13
۽ جڏهن نبي نصيحت ٿا ڪن ته ، نصيحت کي نه ٿا مڃين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا رَاَوْا اٰيَةً يَّسْتَسْخِرُوْنَ ۠14
۽ جڏهن معجزا ٿا ڏسن ته ، چٿر ٿا ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِـحْرٌ مُّبِيْنٌ ښ 15
۽ چون ٿا ته ، هي قرآن ته پڌرو جادو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَّعِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ ۙ16
۽ ڪيئن جيئرا ٿينداسيون ؟ جڏهن مري وينداسون ۽ هڏا ۽ خاڪ هونداسون . قبرن مان ڪيئن اٿنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوَاٰبَاۗؤُنَا الْاَوَّلُوْنَ ۭ17
اسان جا مائٽ ڪيئن اٿندا ؟ جيڪي اڳ ئي خاڪ ٿي چڪا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ نَعَمْ وَاَنْتُمْ دَاخِرُوْنَ ۚ18
چئو ، هائو اوهين عذاب ۾ خوار ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِنَّـمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ يَنْظُرُوْنَ 19
۽ اهو عذاب ته هڪڙي هڪل ئي آهي . پوءِ اهي جيئرا ٿيندا ۽ عذاب ڏسندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْا يٰوَيْلَنَا ھٰذَا يَوْمُ الدِّيْنِ 20
پوءِ چوندا، اسان کي هلاڪي آهي . هي قيامت جو ڏينهن آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي