036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يٰسۗ ۚ 1
يٰس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
قسم آهي حڪمت واري قرآن جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
ته تون موڪليل آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
توحيد جي سڌي واٽ تي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
قرآن کي الله غالب ۽ بخشيندڙ نازل ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
ته قريشن جي قوم کي ڊيڄارين ۽ ڪنهن نبيءَ پنهنجي مائٽن کي ڪونه ڊيڄاريو . پوءِ اهي الله کان غافل آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
تحقيق گھڻن قريشن تي عذاب لازم ٿي پيو آهي . پوءِ اهي تو کي ڪونه مڃيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
تحقيق اسان انهن جي ڳچين ۾ طوقَ وجهي ڇڏيا آهن . پوءِ اهي کاڏين تائين ٻڌل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ اسان انهن جي منهن کان ۽ پٺيان مضبوط بند هڻي ڇڏيو آهي . جيڪو انهن کي ايمان آڻڻ کان جهلي ٿو . پوءِ اسان انهن جون اکيون ڍڪي ڇڏيون آهن . پوءِ اهي ايمان کي نه ٿا ڏسن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
۽ انهن وٽ برابر آهي . خواھ ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ته تو کي نه مڃيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
۽ تنهنجو ڊيڄارڻ ان کي ئي فائدو ڏيندو ، جيڪو نصيحت جو تابع ٿئي ۽ دل ۾ الله کان ڊڄي . پوءِ انهن کي مغفرت ۽ سڳوري بهشت جي بشارت ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
اسان مئل دليون ۽ جسم جياريون ٿا ۽ اهي عمل لکايون ٿا ، جيڪي اڳ ڪن ۽ جيڪي پوءِ . انهن کي ثواب پهچي ٿو ۽ اسان لوح محفوظ ۾ سڀ شيون پڌريون لکيون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ ڪافرن لاءِ نصيحت ۾ ڳوٺ وارن جو قصو بيان ڪر . جڏهن انهن وٽ عيسيٰ جا پيغام کڻي ايندڙ آيا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
۽ جڏهن اسان انطاڪين جي ڳوٺ ڏانهن ٻه رسول صادق ۽ مصدق موڪليا . پوءِ انهن کي نه مڃيائون ۽ انهن کي بند ڪيائون .پوءِ ٽيون رسول موڪليوسون . چيائون ته اسان اوهان ڏانهن رسول آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
ڪافرن چيو ته ، اوهان ته اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ الله ڪو رسول ڪونه موڪليو آهي ۽ اوهان دعويٰ ۾ ڪوڙا آهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
رسولن چيو ته ، الله ڄاڻي ٿو ته اسان اوهان ڏانهن رسول آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ اسان تي رڳو پڌرو دين پهچائڻ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
۽ ڪافرن چيو ته اسان تي اوهان جي ڪري ڏڪار آيو ۽ جيڪڏهن اهڙن ڪوڙن کان پاڻ کي نه جهليندؤ ته ، اوهان کي سنگسار ڪنداسين ۽ اوهان کي اسان کان ڏکوئيندڙ عذاب پهچندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
ان تي چيائون ته ، توهان تي پنهنجي ڪفر جي ڪري ڏڪار آيو . ڇا جيڪڏهن توهان کي خير جي نصيحت ٿا ڪريون ته اسان کي عذاب ڏيندؤ؟ بلڪه توهان ظالم قوم آهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ ان شهر جي گھٽين مان هڪ مرد نالي حبيب نجار ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته ، اي قوم! رسولن جا تابع ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي