1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

035 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

35:1

اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ جَاعِلِ الْمَلٰۗىِٕكَةِ رُسُلًا اُولِيْٓ اَجْنِحَةٍ مَّثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۭ يَزِيْدُ فِي الْـخَلْقِ مَا يَشَاۗءُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1‏۝

حمد آھي الله کي ، جيڪو آسمان ۽ زمين جو خلقيندڙ آھي . ملائڪن کي خلق ڏانھن موڪليائين . کي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نوراني کنڀ آھن ۽ جنھن کي گھري اڃا به وڌيڪ کنڀ ڏئي . تحقيق الله هر شيءِ تي قادر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:2

مَا يَفْتَحِ اللّٰهُ لِلنَّاسِ مِنْ رَّحْـمَةٍ فَلَا مُـمْسِكَ لَهَا ۚ وَمَا يُـمْسِكْ ۙ فَلَا مُرْسِلَ لَهٗ مِنْۢ بَعْدِهٖ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 2‏۝

الله جيڪا رحمت ماڻهن تي پکيڙيندو ته ، ان کي ڪير به جهليندڙ ناهي ۽ جنهن کي الله جهلي ته ، ان کي الله کانسواءِ ٻيو ڪو موڪليندڙ ناهي ۽ الله غالب ۽ دانا آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:3

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ ۭ هَلْ مِنْ خَالِقٍ غَيْرُ اللّٰهِ يَرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ڮ فَاَنّٰى تُـؤْفَكُوْنَ 3‏۝

اي انسانو! الله جي نعمت کي ياد ڪريو . جيڪا توهان تي ڪيائين . الله کانسواءِ ڪير به خلقيندڙ ناهي . جيڪو اوهان کي آسمانن مان رزق ڏئي ٿو ۽ زمين مان کاڌو ٿو ڏئي . الله کانسواءِ ڪو معبود ناهي . پوءِ ان کان ڇو ٿا ڦرو ؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:4

وَاِنْ يُّكَذِّبُوْكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّنْ قَبْلِكَ ۭ وَ اِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 4‏۝

۽ جي توکي نه ٿا مڃين ته ڪافرن اڳين رسولن کي به ڪونه مڃيو هو ۽ سڀني شين کي الله ڏانهن موٽڻو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:5

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا ۪ وَلَا يَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 5‏۝

اي انسانو الله جا واعدا سچا آهن ۽ توهان کي دنيا جون لذتون غافل نه ڪن ۽ ٺڳيندڙ شيطان اوهان کي الله کان غافل نه ڪري .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:6

اِنَّ الشَّيْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّا ۭ اِنَّـمَا يَدْعُوْا حِزْبَهٗ لِيَكُوْنُوْا مِنْ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 6‏؀ۭ

اهو شيطان اوهان جو دشمن آهي . پوءِ توهان به ان کي پنهنجو دشمن ڪري وٺو ۽ اهو پنهنجي جماعت کي ان لاءِ ٿو سڏي ته اهي دوزخي ٿين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:7

اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ڛ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 7‏۝ۧ

جيڪي ڪفر ڪندا ته ، انهن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جيڪي ايمان آڻين ۽ صالح عمل ڪن ته انهن لاءِ مغفرت ۽ وڏو اجر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:8

اَفَـمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ فَرَاٰهُ حَسَـنًا ۭ فَاِنَّ اللّٰهَ يُضِلُّ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ڮ فَلَا تَذْهَبْ نَفْسُكَ عَلَيْهِمْ حَسَرٰتٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِـيْمٌۢ بِـمَا يَصْنَعُوْنَ 8‏۝

ڇا پوءِ اهو شخص جنهن برن عملن کي چگو ڪري ڏيکاريو . پوءِ اهو انهن کي ڀلو ٿو سمجهي . پوءِ الله جنهن کي گهري گمراهه ڪري ۽ جنهن کي گهري هدايت ڪري . پوءِ تنهنجو نفس ڪافرن جي گمراهيءَ تي پشيمان نه ٿئي . تحقيق الله اوهان جا ڪم ڄاڻيندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:9

وَاللّٰهُ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ الرِّيٰحَ فَتُـثِيْرُ سَحَابًا فَسُقْنٰهُ اِلٰى بَلَدٍ مَّيِّتٍ فَاَحْيَيْنَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ كَذٰلِكَ النُّشُوْرُ 9‏۝

تحقيق الله اهو آهي ، جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو . جيڪي ڪڪرن کي پکڙين ٿيون . پوءِ انهن کي مئل زمين ڏانهن هلائي ٿو . جنهن سان ان کي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو .اهڙي طرح اوهان کي الله قبرن مان جياريندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:10

مَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعِزَّةَ فَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ جَمِيْعًا ۭ اِلَيْهِ يَصْعَدُ الْكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالْعَمَلُ الصَّالِحُ يَرْفَعُهٗ ۭ وَالَّذِيْنَ يَمْكُرُوْنَ السَّـيِّاٰتِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَمَكْرُ اُولٰۗىِٕكَ هُوَ يَبُوْرُ ۝10

جيڪو آخرت جي عزت جو ارادو ڪري ته ، الله وٽ دنيا جي عزت ۽ ذاڪرن جا سڀئي پاڪ ڪلمه الله ڏانهن وڃن ٿا ۽ الله مومنن جا صالح عمل کڻي ٿو وٺي ۽ جيڪي قريشن جهڙا برايون ٿا ڪن ته انُھن لاءِ سخت عذاب ۽ سخت عقوبت آھي . انھن ڪافرن جا عمل ضايع ٿيندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:11

وَاللّٰهُ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ جَعَلَكُمْ اَزْوَاجًا ۭ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ اُنْـثٰى وَلَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِهٖ ۭ وَمَا يُعَمَّرُ مِنْ مُّعَمَّرٍ وَّلَا يُنْقَصُ مِنْ عُـمُرِهٖٓ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ ؀11

۽ الله اوھان کي مٽي مان خلقيو . پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان پيدا ڪيائين . پوءَ اوھان مان نر ماديون ڪيائون . اهڙي ڪا مادي حمل سان ناهي ۽ نه ئي ڪا ويامندڙ ، جنهن جي الله کي خبر نه هجي ۽ نه ڪنھن عمر واري جي عمر وڌائي ٿو ۽ نه عمر گھٽائي ٿو . مگر اھو لوح محفوظ ۾ لکيل آھي . تحقيق اھو علم الله لاءِ آسان آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:12

وَمَا يَسْتَوِي الْبَحْرٰنِ ڰ ھٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ سَاۗىِٕــغٌ شَرَابُهٗ وَھٰذَا مِلْحٌ اُجَاجٌ ۭ وَمِنْ كُلٍّ تَاْكُلُوْنَ لَـحـْـمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ فِيْهِ مَوَاخِرَ لِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ ؀12

۽ ٻه درياءَ برابر نه آھن . ھڪڙو مٺو ۽ ٿڌو . ان جو پاڻي ڳسندڙ آھي ۽ ٻيو کارو ڪڙو سمنڊ آھي ۽ سڀني مان تازي مڇي جوگوشت کائو ٿا ۽ زيور موتي ۽ لعل ڪڍو ٿا ۽ انھن کي پايو ٿا . تون ڏسين ٿو ته ، ٻيڙيون انھن کي چِيري ھلن ٿيون ۽ رزق کي واپار سان طلب ڪريو . من اوھين شڪر ڪريو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:13

يُـوْلِـجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُـوْلِـجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۙ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ڮ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ وَالَّذِيْنَ تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ مَا يَـمْلِكُوْنَ مِنْ قِطْمِيْرٍ ۝ۭ13

رات کي ڏينھن ۾ داخل ٿو ڪري ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ٿو . ڪري سج ۽ چنڊ کي مطيع ڪيائين . سڀئي تارا سڌي مقرر ڪيل مدت تي ھلن ٿا ۽ اھڙو اوھان جو مالڪ الله آھي . ان جي ئي بادشاھي آھي ۽ الله کان سواءِ جن بتن جي عبادت ٿا ڪريو ، سي ڪنھن ٿوري ذري جا به مالڪ نه آھن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:14

اِنْ تَدْعُوْهُمْ لَا يَسْمَعُوْا دُعَاۗءَكُمْ ۚ وَلَوْ سَمِعُوْا مَا اسْتَجَابُوْا لَكُمْ ۭ وَيَوْمَ الْقِيٰمَةِ يَكْفُرُوْنَ بِشِرْكِكُمْ ۭ وَلَا يُنَبِّئُكَ مِثْلُ خَبِيْرٍ ۝ۧ14

جيڪڏھن انھن کي سڏ ٿا ڪريو ته ، توھان جو سڏ نه ٿا ٻڌن ۽ جي ٻڌن ٿا ته پڻ اوھان کي جواب ڏيڻ جي قدرت ناھين ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي عبادت ڪرڻ کي نه مڃيندا ۽ الله وانگر ڪير به توکي قيامت جي خبر ڪونه ڏيندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:15

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَاۗءُ اِلَى اللّٰهِ ۚ وَاللّٰهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ ؀15

اي انسانو اوھان الله جا محتاج آھيو ۽ الله بي نياز ۽ ساراھيل آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:16

اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِـخَلْقٍ جَدِيْدٍ ؀ۚ16

جي گھري ته ، اوھان کي ختم ڪري ۽ ٻئي مخلوق کي آڻي . جيڪا الله تي ايمان آڻي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:17

وَمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ ؀17

۽ الله لاءِ ڪو ڪم ڏکيو نه آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:18

وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَاِنْ تَدْعُ مُثْقَلَةٌ اِلٰى حِمْلِهَا لَا يُحْمَلْ مِنْهُ شَيْءٌ وَّلَوْ كَانَ ذَا قُرْبٰى ۭ اِنَّـمَا تُنْذِرُ الَّذِيْنَ يَـخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ ۭ وَمَنْ تَزَكّٰى فَاِنَّـمَا يَتَزَكّٰى لِنَفْسِهٖ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ الْمَصِيْرُ ؀18

۽ ڪوبه نفس ٻئي جو گناھ نه کڻندو ۽ جيڪڏھن ڪو ڳرو بار کڻندڙ سڏ ڪندو سندس گناھن کي کڻائڻ لاءِ يا پنهنجي بار کڻڻ لاءِ ته ، ان جو ڪو ذرو به ڪير نه کڻندو . جيتوڻيڪ ھجيس پيءَ يا پٽ ۽ تنھنجو ڊيڄارڻ انهن کي فائدو ڏيندو ، جيڪي دل ۾ الله کان ڊڄن ٿا ۽ الله جي خوف کان نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو دل پاڪ ڪندو ته ، اھو پاڻ کي نفعو ڪندو ۽ الله ڏانھن موٽندؤ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:19

وَمَا يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ؀ۙ19

۽ برابر ناھن ڪافر جيڪي دل جا انڌا ۽ اکين وارا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

35:20

وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النُّوْرُ ؀ۙ20

۽ اونداھي ۽ روشني برابر نه آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي