1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

034 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

34:1

اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1‏۝

سڀ ساراهه الله جي آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ سڀ شيون ان جون آهن ۽ ان جي آخرت ۾ ساراهه آهي ۽ اهو دانا ۽ خبردار آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:2

يَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2‏۝

جيڪو زمين ۾ اندر آهي ۽ جيڪو ٻاهر آهي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو آسمانن کان لهي ٿو ۽ جيڪو آسمانن ۾ چڙهي ٿو ۽ بخشيندڙ ۽ مهربان آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:3

وَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3‏۝

۽ ڪافرن چيو ته ، اسان تي قيامت نه ايندي . چؤ ته ، ضرور ايندي ۽ قسم آهي رب جو ! اوهان تي ايندي . جيڪو غيب ڄاڻي ٿو ۽ ان کان ڪو ماڪوڙي جيترو به آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل ناهي ۽ جيڪو به ماڪوڙي کان ننڍو يا وڏو آهي ، سو لوح محفوظ ۾ پڌرو لکيل آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:4

لِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4‏۝

الله انهن کي جزا ڏيندو. جن الله تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون .انهن لاءِ بخشش ۽ جنت جو سڳورو رزق آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:5

وَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5‏۝

۽ جيڪي منهنجي آيتن ۽ عيب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ مون کي عذاب ڪرڻ کان عاجز ٿا سمجهن . انهن لاءِ ڏاڍو ڏکوئيندڙ عذاب آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:6

وَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6‏۝

۽ جيڪي عالم آهن ، سي ڏسن ٿا ته ، جيڪو قرآن تو تي رب جي طرفان نازل ٿيو آهي ، سو حق آهي ۽ الله جي واٽ جي طرف هدايت ڪري ٿو . جيڪو غالب ۽ ساراهيل آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:7

وَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7‏۝ۚ

۽ ڪافر پاڻ ۾ چون ٿا ته ، ڇا توهان کي هڪڙو اهڙو مرد نه ڏيکاريون؟ جيڪو چئي ٿو ته جڏهن توهان مرندؤ ۽ ذرذرا ٿي ويندؤ ته نَون جسمن سان اٿندؤ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:8

اَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8‏۝

يا ته الله تي ڪوڙ ٿو ٻڌي يا ان کي چريائپ آهي . بلڪه اهي قيامت کي نه ٿا مڃين ۽ عذاب ۽ پراهين خواري ۾ آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:9

اَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9‏۝ۧ

ڇا انهن شين ڏانهن نه ٿا ڏسن؟ جيڪي انهن وٽ ۽ پٺيان آهن . آسمانن ۽ زمين جي . جيڪڏهن چاهيون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا انهن جي مٿان آسمان کان ڇپ ڪِرايون . تحقيق ان ۾ هر ڊڄندڙ ٻانهي لاءِ نصيحت آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:10

وَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۝ۙ10

۽ تحقيق دائود کي پاڻ وٽان درجا ڏناسون . اي جبلؤ! ۽ پکي ان سان گڏ موٽو ۽ ان لاءِ لوهه کي نرم ڪيوسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:11

اَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ ؀11

ته پوري قد جون برابر ڪري زرهون ٺاهي ۽ نيڪ عمل ڪريو ۽ مان توهان جا عمل ڏسندڙ آهيان .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:12

وَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ ؀12

۽ سليمان کي هوا ڏني سون . صبح جو هلندو هڪ مهيني جيترو ۽ سانجهيءَ جو هڪ مهيني جيترو ۽ ان لاءِ ٽامي جو تلاءُ پگهاريوسون ۽ ان جي اڳيان الله جي حڪم سان جن پورهيو ڪندا هئا ۽ انهن مان جيڪو جن سليمان جي حڪم کان ڦرندو هو ته ،ان کي باهه جا چهبڪ هڻندا هئاسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:13

يَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ ؀13

۽ ان لاءِ جيڪي چوندو هو ، سو ٺاهيندا هئا . محراب ۽ ڪوٽ ۽ صورتون ۽ حوضن وانگر پيالا ۽ چڙهيل ديڳيون وڌبيون هيون . اي دائود جا پٽ! الله جو شڪر ڪريو. ۽ منهنجا ٿورا ٻانها شڪر بجا آڻين ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:14

فَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ؀ۭ14

پوءِ جڏهن سليمان تي موت جو حڪم ڪيو سون ته ، جنن کي ان جي موت جي خبر نه ڏني سون . مگر اڏوهيءَ جنهن ان جي لٺ کاڌي . پوءِ جڏهن لٺ ڪري ۽ سليمان ڪريو ته ، جنن کي خبر پئي . چيائون ته جيڪڏهن اسان مرڻ جو غيب ڄاڻون ها ته ، هي عاجز ڪندڙ پورهيو نه ڪريون ها .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:15

لَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ ؀15

تحقيق ماڻهن لاءِ شهر سبا جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي نعمتن جي حويلين ۾ ٻه باغ هئا . چيوسون ته رب جي نعمتن مان کائو ۽ ان جو شڪر ڪريو. سبا شهر پاڪ هو ۽الله ان کي بخشيندڙ هو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:16

فَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ ؀16

پوءِ ايمان کان ڦريا ۽ اسان زبردست ٻوڏ موڪلي سون ۽ انهن جا ٻه باغ مٽاياسون ٻن باغن ۾ جن ۾ ٿورا ميوا هئا ۽ ان ۾ ڪي لئيون ۽ ٻيريون هيون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:17

ذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ ؀17

اها انهن کي سندن ڪفر جي سبب جزا ڏنيسون ۽ ڪافرن کي خطائون معاف نه ڪنداسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:18

وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ ؀18

سبا شهر جي وچ ۾ ۽ شام شهر ۾ برڪت ڪئي سون ۽ ان کي پڌرو وسندڙ شهر ڪيو سون ۽ سفر ڪندڙن جي تقدير ڪئي سون . جيڪي شهر ۾ ٻپهرو ڪندا هئا ته ، سي سانجهيءَ جو ٻئي شهر ۾ ايندا هئا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:19

فَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ ؀19

پوءِ چيائون ته اي اسان جا رب ! سفر جون منزلون پري واريون ڪر ۽ پاڻ سان ظلم ڪيائون . پوءِ انهن جي هلاڪت جون آکاڻيون ملڪن ۾ مشهور ڪيوسين ۽ انهن کي ڇني ذرا ذرا ڪري ڇڏيوسون . تحقيق ان ۾ سڀني صابرن ۽ شاڪرن لاءِ عبرت آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

34:20

وَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ ؀20

۽ تحقيق شيطان ڪافرن جي نظر ۾ سنڌن ڪوڙي دعويٰ سچي ڪري ڏيکاري . پوءِ ڪافر ان جا تابع ٿيا ۽ مومنن جي جماعت ان کي نه مڃيو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي