1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

033 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

33:1

يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1‏۝ۙ

اي نبي ! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه ڪر . تحقيق الله دانا ۽ڄاڻيندڙ آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:2

وَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2‏۝ۙ

۽ جيڪا وحي الله وٽان تنھنجي طرف اچي ، ان جو تابع ٿي . تحقيق الله اوھان جا عمل ڏسندڙ آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:3

وَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3‏۝

۽ الله تي اعتماد ڪر ۽ الله ڪافي آھي ڪم کي سنڀاليندڙ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:4

مَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4‏۝

۽ الله ڪنھن مڙس جي سيني ۾ ٻه دليون نه جوڙيون آھن ۽ الله انھن عورتن کي ماءُ نه ڪيو آھي جن سان توھان ظھار ٿا ڪريو . اھا عورت حقيقت ۾ ماءُ نه آھي ۽ الله توھان جا سڏيل پٽ سڳا پٽ نا ھن ڪيا . اھي ڳالھيون اوھان جي واتن جون آھن ۽ الله حق سچ چوي ٿو ۽ شريعت جي واٽ ڏيکاري ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:5

اُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5‏۝

پٽن کي پيءَ جي نسبت سان سڏ ڪر . پٽيلا ڪري نه . اھا عدالت الله وٽ آھي . جيڪڏھن انھن جي پي ءَ کي نه سڃاڻو ته ، انھن کي پنھنجا ديني ڀائر ۽ پنھنجو دوست سڏيو . جيڪي اوھان ڀل ۾ سڏيو ٿا ته ، ان جو اوھان تي گناھ ناهي . پر دل جي ارادي سان ڄاڻي ڪرڻ گناھ آھي ۽ الله معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:6

اَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6‏۝

نبي مومنن کي سندن جان کان ويجھو مائٽ آھي . نبيءَ جون عورتون مومن جي ما ئرون آھن ۽ الله جي ڪتاب ۾ قرابت وارا ھڪ ٻئي جا ويجها مائٽ آھن . مومن ۽ مھاجرن جي ان قرابت کان جيڪا نبي کي ھئي . مگر دين جي دوستن سان گھڻواحسان ڪريو . اھو مسئلو لوح محفوظ ۾ لکيل آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:7

وَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7‏۝ۙ

۽ ياد ڪر جڏھن اسان اسان سڀني نبين کان دين پهچائڻ جو قول ورتو ھو ۽ توکان ۽ نوح کان ۽ ابراھيم کان موسيٰ ۽ مريم جي پٽ عيسٰي کان ۽ اسان انھن سڀني کان پڪو واعدو ورتو

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:8

لِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8‏۝ۧ

البته الله سچن کان سندن سچائي جي قول جو پڇندو ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب جوڙيائين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:9

يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9‏۝ۚ

اي مومنو! الله جون نعمتون ياد ڪريو . جڏھن اوھان تي ابو سفيان جو لشڪر جنگ خندق ۾ آيو . پوءِ اسان ڪافرن تي ھوا ۽ ملائڪن جو لشڪر موڪليو . جيڪو اوھان نه ٿي ڏٺو ۽ الله اوھان جا عمل ڏسندڙ آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:10

اِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا ؀10

۽ جڏھن ڪافر اوھان جي مٿان مديني کان ۽ مديني جي جبلن جي ھيٺيان کان آيا ۽ جڏھن خوف کان توھان جي اکين جاتارا ڦري ويا ۽ ھيبت کان دليون نڙي وٽ پھچي ويون ۽ الله ڏانهن بد گماني ڪيائون ته نبيءَ کي فتح نه ڏيندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:11

هُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا ؀11

۽ مومنن کي پرکيوسون ۽ مومنن کي لوڏيو ويو ۽ گھڻو لوڏڻ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:12

وَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا ؀12

۽ جڏھن منافقن ۽ جن جي دلين ۾ شڪ آھي ، انھن چيو ته ، اسان سان الله ۽ رسول ڪوڙو واعدو ڪيو آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:13

وَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا ؀13

۽ جڏھن منافقن جي جماعت چيو ته ، اي مديني وارؤ! مديني ۾نه رھي سگھندؤ . پوءِ ڪفر ڏانھن موٽو ۽ منافقن جي ھڪڙي جماعت نبيءَ کان موڪلايو ته اسان جا گھر اگھاڙا آھن ۽ اگھاڙا ناھن . مگر جنگ کان ڀڄڻ جو ارادو ٿا ڪن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:14

وَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا ؀14

۽ جيڪڏھن ڪافر منافقن تي مديني جي طرفن کان داخل ٿين ھا . پوءِ انھن کي ڪفر ڪرڻ لاءِ چون ھا ته ، ھو ڪفر ڪن ھا ۽ ڪفر آڻڻ ۾ دير ڪن ھا . مگر ٿورڙي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:15

وَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا ؀15

۽ تحقيق منافقن جنگ کان اڳ الله سان عھد ڪيو ته ، جنگ کان پٺي ڏئي نه ڀڄنداسون ۽ الله سان واعدي جي پڇا ٿيندي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:16

قُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا ؀16

چؤ ته اوھان کي ڀڄڻ فائدو نه ڏيندو . جيڪڏھن موت کان يا قتل ٿيڻ کان ڀڄندؤ ته ان جي ڪري اوھان جي عمر ڪانه وڌندي ، مگر گھٽ ٿيندي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:17

قُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا ؀17

چؤ ته اوھان کي الله کان پناھ ۾ ڪير رکندو؟ جيڪڏھن اھو توھان لاءِ ڏک گھري يا ڇوٽڪارو ۽ پاڻ لاءِ الله کان سواءِ ڪو دوست ۽ ڇڏائيندڙ نه ڏسندؤ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:18

قَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۝ۙ18

تحقيق الله منافق جھليندڙن کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي مسلمانن کي چون ٿا ته ، ڀڄو ۽ ڪفر ڏانھن اچو ۽ جنگ ڪرڻ نه آيا آھن مگر ڪا ٿورڙي . .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:19

اَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا ؀19

۽ اوھان تي خرچ ڪرڻ ۾ به بخيل آھن . پوءِ جڏھن جنگ ٿي ٿئي ته ، انھن جا منھن ڏسين ٿو ته ، تو ڏانھن نھارين ٿا ۽ انھن جون اکيون ڏڪن ٿيون ۽ سقراط جي ڪري ھيبت ٿي ٿئين ۽ پوءِ جڏھن جنگ ختم ٿئي ۽ غنميت ورھايو ٿا ته ، انھن جون زبانون رڙيون ٿيون ڪن ۽ غنيمت جي مال ۾ بخل ٿا ڪن ۽ مال ۾ حصا ڪرڻ تي وڙھن ٿا . اھي مومن نه آھن . پوءِ الله انھن جا عمل ضايع ڪري ڇڏيا ۽ اھي الله کي سولو ٿا ڀانئين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

33:20

يَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۝ۧ20

ڀانئين ٿا ته ، ابو سفيان جو لشڪر اڃا مڪي ڪونه ويو آھي . جي وري ابو سفيان جو لشڪر اچي ته ، خواھش ٿا ڪن ته ڪاش! مديني ۾ نه ھجون ھا ۽ ٻاھر بدوي ھجون ھا ۽ توھان جون خبرون پڇن ھا ۽ توهان سان گڏ هجن ها ته ، ٿورڙا قتل ڪن ھا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي