031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗمّۗ 1ۚ
آلــــــــــــم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
ھيءِ سورت سچي قرآن جون آيتون آھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
نيڪن لاءِ ھدايت ۽ ڇوٽڪارو آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جيڪي نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اھي قيامت تي يقين رکن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اھي الله جي سڌي واٽ تي آھن ۽ اھي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ جيڪي ماڻھو سرود ۽ بي فائدي ڳالھيون ٿا ڪن . جيئن بنا علم جي ماڻھن کي الله جي واٽ کان گمراھ ڪن ٿا ۽ الله جي واٽ کي چٿر ڪري ٿا وٺن . انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏھن ان وٽ اسان جو آيتون پڙھيون ٿيون وڃن ته ھٺ ڪري پٺي ڏئي ڦري ٿو ، ڄڻ ته انهن کي ٻڌي ڪونه ٿو . ڄڻ ته ان جي ڪنن ۾ ٻوڙائپ آھي . پوءِ ان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي بشارت ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
تحقيق جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انھن لاءِ نعمتن جو بھشت آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
ھميشه ان ۾ ھوند ا اھو الله جو سچو وعدو آھي ۽ الله غالب ۽ دانا آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
۽ آسمان کي بنا ٿنبن جي خلقيائين . جيڪي ظاھر ڏسجن ٿا ۽ زمين ۾ جبلن جون ميخون وڌائين . جو انهن سان زمين نه چري ۽ ان ۾ سڀئي چرندڙ حيوان پکيڙيائين . پوءِ آسمان مان پاڻي نازل ٿا ڪريون . پوءِ زمين ۾ سڀ ڀلا ميوا ٿا اپايون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
ھي الله جو خلقڻ آھي . پوءِ ڏيکار ته ، الله کانسواءِ ڪھڙا خلقيل آھن . بلڪه ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
تحقيق لقمان کي ولايت ۽ تدبير ڏني سون ته ، الله جوشڪر ڪري ۽ جيڪو شڪر ڪندو ته ، اهو پنهنجي نفعي لاءِ شڪر ڪندو ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندو ته ، الله ساراھيل ۽ بي پرواھ آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ ياد ڪر جڏھن لقمان پنھنجي پٽ کي چيو ۽ ان کي نصيحت ٿي ڪيائين ته ، اي پٽ ! الله سان شرڪ نه ڪجين . تحقيق شرڪ وڏو ظلم آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ انسان کي وصيت ٿا ڪريون ته ، ماءُ پيءُ سان احسان ڪر . ان جي ماءُ ان کي کنيو آھي . ان کي ويامڻ جي سستي ھئي ۽ سڄا ٻه سال کير ڏئي ، ان کان ڇاتي ڇڏايائين ته منھنجو شڪر ڪريو پوءِ پنھنجي ماءُ پيءُ جو ۽ مون ڏانھن موٽندؤ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جي ماءُ پيءُ توسان جھيڙو ڪن ته ، الله سان شرڪ ڪر يا ڪبيرو گناھ ڪر يا جنھن جو تو کي علم ناھي ته ، انھن جو چيو نه ڪر ۽ انھن سان دنيا ۾ احسان سان صحبت ڪر ۽ ٻنهين مان ان جي واٽ جوتابع ٿي جيڪا مون ڏانھن موٽندڙ ھجي . پوءِ مون ڏانھن موٽندؤ . پوءِ اوھان کي عملن جي سبب جزا ڏيندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
اي منھنجا پٽ! جيڪڏھن تنھنجا چڱا ۽ برا عمل ، آھر جي داڻي جي برابر جبلن ۾ يا زمين ۾ اندر ھوندا ، ته به الله انھن کي آڻيندو ۽ حساب ڪندو . تحقيق الله مھربان ۽ خبردار آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منھنجا پٽ! نماز قائم ڪر ۽ ڀلاين جو حڪم ڪر ۽ براين کان منع ڪر ۽ جيڪي تو کي سختيون رسن ، تن تي صبر ڪر . تحقيق صبر ڀلن ڪمن مان آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ پنھنجو منھن ماڻھن کان ھٺ جي ڪري نه موڙ ۽ زمين تي ھٺ ڪري نه ھل . تحقيق الله سڀني ھٺ ڪندڙن ۽ فخر ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ ھلڻ ۾ وچٿرائي ڪر. نه تڪڙو نه ڍرو ۽ پنھنجو آواز ھيٺائون رک . تحقيق آوازن ۾ گھڻو بڇڙو آواز گڏ ھن جو آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
ڇا نه ٿو ڏسين؟ ته جيڪي شيون زمين ۽ آسمانن ۾ آھن ، الله اهي سڀ توھان جون مطيع ڪيون آھن ۽ توھان تي گھڻيون ظاھري ۽ باطني نعمتون ڪيائين ۽ گھڻا ماڻھو اھڙا آھن، جيڪي الله جي دين ۾ بنا يقين جي ڪوڙي گمان سان ۽ بنا ھدايت ۽ الله جي روشن حڪم کان سواءِ جنگ ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي