030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗمّۗ 1ۚ
الـم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
رومين تي غالب ٿيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
عرب جي ويجهي زمين ۾ ۽ رومي مغلوب ٿيڻ کانپوءِ سگهوئي غالب ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
بدر جي ڏينهن ۾ ٿورڙن ورهن ۾ . ان کان پوءِ الله تي ويساھ رکندڙن لاءِ غلبو آهي . ان ڏينهن مومن پڻ رومين جي فتح تي خوش ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
الله جي رسول کي فتح ڏيڻ سان جنهن کي گهري فتح ڏئي ۽ اهو غالب ۽ بخشيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
اهو الله جو واعدو آهي . الله پنهنجي واعدن جي خلاف نه ڪندو آهي . پر گهڻا ڪافر ماڻهو آخرت جو علم نه ٿا ڄاڻن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
دنيا جا ظاهري نفعا ڄاڻن ٿا ۽ اھي آخرت جي احوالن کان ناواقف آھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
پنھنجي نفسن ۾ ڇو نه ٿا فڪر ڪن؟ ته ڇا الله آسمان ۽ زمين کي نه خلقيو آھي؟ ۽ جيڪو حڪمتن سان انھن جي وچ ۾ آھي ۽ ھر ڪنھن جي عمر مقرر ٿيل آھي ۽ تحقيق گھڻا ماڻھو رب سان ملاقات کي نه ٿا مڃين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
ڇا زمين ۾ سير نه ٿا ڪن ؟ ته ڏسن ته ، انھن کان اڳين جي عاقبت ڪيئن ھئي ؟ جيڪي قريشن کان طاقت ۾ گھڻا زور ھئا ۽ زمين کي کيڙيندا ھئا ۽ قريش کان گھڻو آباد ڪندا ھئا ۽ انھن وٽ معجزن سان رسول آيو . پوءِ الله انھن سان ظلم نه ڪيو . پر انھن پنھنجي نفس سان پاڻ ظلم ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
پوءِ جن برا ڪم ڪيا ، انهن جي عاقبت ھئي . جيئن الله جي آيتن کي نه مڃيائون ۽ انھن تي چٿرون ڪندا ھئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
الله مخلوق کي پيدا ڪري ٿو. پوءِ انھن کي ماري ٿو . پوءِ الله ڏانھن موٽندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي ته ڪافر نا اميد ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
۽ انهن جا شريڪ سندن شفاعت نه ڪندا ۽ شريڪن کي ڪونه مڃيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
جنهن جي قيامت قائم ٿيندي ، ان ڏينهن ڪافر مومنن کان جدا ٿي ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پر جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون . اهي بهشت جي باغن ۾ خوش ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
پر جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت ۾ اسان جي ملاقات کي نه مڃيائون . پوءِ انهن کي عذاب ۾ حاضر ڪيو ويندو . .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
پوءِ الله جي پاڪائي بيان ڪريو . سانجهي جي نماز جي وقت ۽ عشاءِ جي وقت ۽ فجر جي نمازن ۾.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ الله جي ساراهه ڪريو . آسمانن ۽ زمين ۾ وچين جي وقت ۽ اڌ ڏينهن جي وقت .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
مردي مان جيرو ٿو پيدا ڪري ۽ جيري مان مئل پيدا ٿو ڪري ۽ زمين کي سڪي وڃڻ کان پوءِ سائو ٿو ڪري ۽ اهڙي طرح قبرن مان جيئرا نڪرندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ الله جي معجزن مان ، جئين توهان کي مٽي مان خلقيائين . پوءِ اي انسانو! توهان زمين ۾ کاڌي کان هلو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي