1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

003 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

3:1

الۗـۗمَّ 1‏۝ۙ

آلمّ.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:2

اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2‏۝ۭ

الله جي ذات پاڪ آهي . ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي. اهو جيئرو ۽ قائم ڪندڙ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:3

نَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3‏۝ۙ

ان تو تي حق سان قرآن نازل ڪيو. جيڪو انهن ڪتابن کي سچو ڪندڙآهي، جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ ان کان اڳ توريت ۽ انجيل نازل ڪيائين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:4

مِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4‏۝

ماڻهن لاءِ هدايت آهي ۽ فرقان نازل ڪيائين . تحقيق جن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو. انهن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله غالب ۽ بدلو وٺندڙ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:5

اِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5‏۝ۭ

تحقيق الله کان نه آسمانن ۽ نه زمين جي ڪا شيءِ ڳجهي آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:6

ھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6‏۝

اهو سو آهي، جنهن رِحمن ۾ توهان جي صورت ايئن جوڙي ، جيئن گھريائين. ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي ۽ اهو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:7

ھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7‏۝

اهو سو آهي ، جنهن تو تي قرآن نازل ڪيو. جنهن ۾ ظاهر آيتون آهن. اهي اصل قرآن آهن ۽ ٻيون ظاهر ناهن . پوءِ اهي شخص جن جي دلين ۾ ڪفر آهي. اهي متشابھ آيتن جي پٺيان لڳن ٿا. فتنو طلب ڪرڻ لاءِ ان جو تاويل طلب ڪن ٿا. ان جي معنى رڳو هڪ الله ئي ڄاڻي ٿو ۽ مضبوط علم وارا چون ٿا، ته اسان ان کي مڃيو ۽ سڄو قرآن اسان جي رب جي طرفان آهي ۽ نصيحت ته رڳو عقل وارو ئي پرائي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:8

رَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8‏۝

اسان جا رب! هدايت ڪرڻ کان پوءِ ،اسان جون دليون نه ڦيرائجين ۽ اسان کي پاڻ وٽ رحمت بخش. تحقيق تون بخشيندڙ آهين.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:9

رَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9‏۝ۧ

اسان جا رب! تحقيق تون سمورن ماڻهن کي ان ڏينهن تي گڏ ڪندڙ آهين، جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي . تحقيق الله وعدي خلافي نه ڪندوآهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:10

اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۝ۙ10

بيشڪ جن ڪفر ڪيو انهن کي سندن مال ۽ اولاد الله جي عذاب کان بچائي نه سگھندو. اهي دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:11

كَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ ؀11

جيئن فرعون ۽ ان کان اڳين جي عادت هئي، ته انهن اسان جي آيتن کي نه مڃيائون ۽ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ الله ڏاڍي عذاب وارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:12

قُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ؀12

ڪافرن کي چئو، ته سگھو توهان تي غلبو ٿيندو ۽ توهان کي دوزخ جي طرف گڏ ڪيو ويندو. اهو ڏاڍو برو وڇاڻو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:13

قَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ ؀13

تحقيق اوهان لاءِ ٻن جماعتن ۾ معجزو آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان گڏيون. هڪ جماعت مسلمانن جي هئي. جيڪا الله جي واٽ ۾ وڙِهي ٿَي ۽ ٻي جماعت ڪافرن جي هئي. جيڪي انهن کي پاڻ کان ٻيڻو اکين ڏٺو ڏسن پيا ۽ الله جنهن کي گھري فتح ڏئي. تحقيق ان ۾ دلين وارن لاءِ نصيحت آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:14

زُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ ؀14

الله ماڻهن ۾ خواهشن جي محبت خلقي، عورتن سان ۽ پٽن ۽ سون ۽ چانديءَ جي ڍِڳن ۽ متل گھوڙن ۽ چوپاين ۽ پوکن جي. اهي دنيا جي حياتي جون لذتون آهن ۽ الله وٽ ڀلو موٽڻ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:15

قُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ؀ۚ15

چؤ ، ته توهان کي ان کان ڀلي خبر ٿو ڏيان. ته پرهيزگارن جي لاءِ سندن ربّ وٽ جنتون آهن. جن جي هيٺان هميشه نهرون وهن ٿيون ۽ پاڪ عورتون ۽ الله جو راضپو ۽ الله پنهنجي ٻانهن کي ڏسي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:16

اَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ؀ۚ16

۽ اهي جيڪي چون ٿا، ته اي اسان جا ربّ! تحقيق اسان ايمان آندو. پوءِ اسان کي اسان جا گناهه بخش ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان پناھ ۾ رک.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:17

اَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ ؀17

صبر ڪندڙ ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ عبادت ڪندڙ ۽ خرچ ڪندڙ ۽ پرھ ڦٽيءَ جي وقت معافي گھرندڙ.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:18

شَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ؀ۭ18

الله شاهدي ٿو ڏئي ، ته تحقيق ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي ۽ ملائڪ پڻ شاهدي ٿا ڏين ۽ عالِم عدل کي قائم ڪندڙ آهن. ان کان سواءِ ڪو معبود ڪونهي، جيڪو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:19

اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ ؀19

بيشڪ الله وٽ اسلام ئي دين آهي ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو ،سي اختلاف ۾ نه پيا مگر ان کان پوءِ جو وٽن يقين جو علم اچڻ کان پوءِ، انهن جي وچ ۾ حسد جي واسطي ۽ جيڪو الله جي آيتن جو ڪفر ڪندو . پوءِ الله به تڪڙي حساب وٺڻ وارو آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

3:20

فَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ؀ۧ20

پوءِ جيڪڏهن تو سان جھيڙو ڪن. ته چؤ، ته مون پنهنجي ذات کي الله لاءِ فرمانبردار ڪيو ۽ اهي جيڪي منهنجي تابعداري ڪندا ۽ انهن کي چؤ، جن کي توريت ڏني وئي آهي ۽ اعرابين کي ، ته ڇا توهان فرمانبردار ٿيا ؟ ۽ جي فرمانبردار ٿيا ته پوءِ هدايت وارا ٿيا ۽ جي ڦريا ، ته توتي صرف دين جو پهچائڻ آهي ۽ الله پنهنجي ٻانهن کي ڏسي ٿو.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي