1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

029 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 69 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

29:1

الۗمّۗ 1‏۝ۚ

آلم

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:2

اَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ يُّتْرَكُوْٓا اَنْ يَّقُوْلُوْٓا اٰمَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُوْنَ 2‏۝

ڇا ماڻھو ايئن ٿا سمجھن ته کين ڪلمي چوڻ سان ڇڏي ڏينداسون ؟ يعني فقط زبان سان چوڻ ته ، اسان ايمان آندو ۽ اسان انھن کي ڪونه پرکينداسين ؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:3

وَلَقَدْ فَتَنَّا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ صَدَقُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْكٰذِبِيْنَ 3‏۝

۽ تحقيق اسان انھن امتن کي به پرکيو ، جيڪي انھن کان اڳ گذريون . پوءِ البته الله انھن کي سڃاڻي ٿو ، جيڪي ايمان جا سچا آھن ۽ ڪوڙن کي به ڄاڻي ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:4

اَمْ حَسِبَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ اَنْ يَّسْبِقُوْنَا ۭ سَاۗءَ مَا يَحْكُمُوْنَ 4‏۝

۽ جيڪي شخص برايون ڪن ٿا . اھي سمجھن ٿا ، اھي اسان کان فوت ٿي ويا ۽ اھو گمان برو آھي ، جيڪو سمجھن ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:5

مَنْ كَانَ يَرْجُوْا لِقَاۗءَ اللّٰهِ فَاِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ لَاٰتٍ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 5‏۝

۽ جيڪو قيامت ۾ الله سان ملڻ جو اميدوار آھي . پوءِ تحقيق قيامت جو وقت اچڻ وارو آھي ۽ الله ٻڌندڙ ۽ دانا آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:6

وَمَنْ جَاهَدَ فَاِنَّـمَا يُجَاهِدُ لِنَفْسِهٖ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ عَنِ الْعٰلَمِيْنَ 6‏۝

۽ جيڪو جھاد ڪندو ته ، ان جو فائدو سندس جي لاءِ ئي آھي . تحقيق الله ٻنھي جھانن کان بي نياز آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:7

وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ اَحْسَنَ الَّذِيْ كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 7‏۝

۽ جيڪي ايمان آڻين ۽ صالح عمل ڪن ته انھن جي گناھن کي ميٽينداسين ۽ انھن کي سندن ڀلن عملن جي جزا ڏينداسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:8

وَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ حُسْـنًا ۭ وَاِنْ جَاهَدٰكَ لِتُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا ۭ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

۽ انسانن کي ماءُ پيءُ سان احسان ڪرڻ جي وصيت ٿا ڪريون ۽ جيڪڏھن اهي تو تي سختي ڪن ته ، الله سان شرڪ ڪر . جنھن جو توکي علم ناھي ته انھن جو چيو نه مڃ . پوءِ مون ڏانھن موٽندا .جيڪي عمل ٿا ڪن تن جي انھن کي جزا ڏيندس .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:9

وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَــنُدْخِلَنَّهُمْ فِي الصّٰلِحِيْنَ 9‏۝

۽ جيڪي ايمان آڻين ۽ ڀلا عمل ڪن ته انھن کي صالحن ۾ شامل ڪندسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:10

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ فَاِذَآ اُوْذِيَ فِي اللّٰهِ جَعَلَ فِتْنَةَ النَّاسِ كَعَذَابِ اللّٰهِ ۭ وَلَىِٕنْ جَاۗءَ نَصْرٌ مِّنْ رَّبِّكَ لَيَقُوْلُنَّ اِنَّا كُنَّا مَعَكُمْ ۭ اَوَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَعْلَمَ بِـمَا فِيْ صُدُوْرِ الْعٰلَمِيْنَ ۝10

۽ اھي منافق آھن ، جيڪي چون ٿا ته ، اسان الله تي ايمان آندو ۽ پوءِ جڏھن الله جي واٽ ۾ تڪليف ٿي رسين ۽ ڪفر ٿا ڪن ۽ ماڻھن جي عذاب کي الله جو عذاب ٿا سمجھن ۽ جيڪڏھن الله جي طرفان فتح ٿي اچين ته ، چون ٿا ته تحقيق اسان دين ۾ اوھان سان گڏ آھيون ۽ ڇا الله ان کي نه ٿو ڄاڻي جيڪو جھانن جي سينن ۾ آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:11

وَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ ۝11

۽ البته الله انھن کي ڄاڻي ٿو ، جن ايمان آندو ۽ منافقن کي به سڃاڻي ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:12

وَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبِعُوْا سَبِيْلَنَا وَلْنَحْمِلْ خَطٰيٰكُمْ ۭ وَمَا هُمْ بِحٰمِلِيْنَ مِنْ خَطٰيٰهُمْ مِّنْ شَيْءٍ ۭ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ ؀12

۽ ڪافرن مومنن کي چيو ته ، اسان جي واٽ جا تابع ٿيو ۽ اسان توھان جي ڪفر جو گناھ کڻنداسين ۽ اهي انهن جا گناهه نه کڻندا ۽ اهي ڪافر ڪوڙا آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:13

وَلَيَحْمِلُنَّ اَثْــقَالَهُمْ وَاَثْــقَالًا مَّعَ اَثْقَالِهِمْ ۡ وَلَيُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَـمَّا كَانُوْا يَفْتَرُوْنَ ۝ۧ13

۽ پنهنجي پنهنجي ڪفر جو ڳرو بار کڻندا ۽ مومنن کي ڪفر سان گمراهه ڪرڻ جو بار به کڻندا ۽ جيڪي ڪوڙ هڻن ٿا ، تن جو انهن کان قيامت ۾ پڇاڻو ٿيندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:14

وَلَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖ فَلَبِثَ فِيْهِمْ اَلْفَ سَنَةٍ اِلَّا خَمْسِيْنَ عَامًا ۭ فَاَخَذَهُمُ الطُّوْفَانُ وَهُمْ ظٰلِمُوْنَ ؀14

۽ تحقيق نوح کي سندس قوم جي طرف موڪليوسون . پوءِ انهن وٽ هزار سال رهيو. مگر پنجاھ سال پوءِ . انهن کي طوفان ورتو ۽ اهي ڪافر هئا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:15

فَاَنْجَيْنٰهُ وَاَصْحٰبَ السَّفِيْنَةِ وَجَعَلْنٰهَآ اٰيَةً لِّــلْعٰلَمِيْنَ ؀15

پوءِ نوح کي ۽ ان جي ٻيڙي جي رفيقن کي ڇڏايوسون ۽ اهو جهانن لاءِ معجزو ڪيوسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:16

وَاِبْرٰهِيْمَ اِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّــقُوْهُ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ ؀16

۽ جڏهن ابراهيم نبيءَ قوم کي چيو ته ، الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو . اها ڳالهه اوهان لاءِ ڀلي آهي . جيڪڏهن پنهنجو فائدو سمجهو ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:17

اِنَّـمَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْثَانًا وَّتَخْلُقُوْنَ اِفْكًا ۭ اِنَّ الَّذِيْنَ تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَمْلِكُوْنَ لَكُمْ رِزْقًا فَابْتَغُوْا عِنْدَ اللّٰهِ الرِّزْقَ وَاعْبُدُوْهُ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ ؀17

الله کان سواءِ بتن کي پوڄيو ٿا ۽ انهن کي پنهنجي هٿن سان ڪوڙا ٿا گهڙيو . تحقيق جن بتن جي الله کانسواءِ ٻانهپ ٿا ڪريو ، سي توهان جي رزق ڏيڻ تي مالڪ نه آهن . پوءِ الله کان رزق گهرو ۽ ان جي ٻانهپ ۽ ان جو شڪر ڪريو ۽ ان ڏانهن موٽندؤ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:18

وَاِنْ تُكَذِّبُوْا فَقَدْ كَذَّبَ اُمَمٌ مِّنْ قَبْلِكُمْ ۭ وَمَا عَلَي الرَّسُوْلِ اِلَّا الْبَلٰــغُ الْمُبِيْنُ ؀18

۽ جيڪڏهن مون کي نه ٿا مڃو . پوءِ تحقيق اڳين امتن به رسولن کي نه مڃيو ۽ عذاب ٿين ۽ رسولن تي ته رڳو پهچائڻ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:19

اَوَلَمْ يَرَوْا كَيْفَ يُبْدِئُ اللّٰهُ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ ؀19

ڇا نه ٿا ڏسن ته ، الله مخلوق کي ڪيئن ٿو پيدا ڪري؟ ۽ ڪيئن ٿو انهن کي ماري . تحقيق اهوخلقڻ الله لاءِ سولو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

29:20

قُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَانْظُرُوْاكَيْفَ بَدَاَ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ اللّٰهُ يُنْشِئُ النَّشْاَةَ الْاٰخِرَةَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۚ20

چؤ ته ، زمين ۾ سير ڪريو ۽ ڏسو ته مخلوقن کي ڪيئن پيدا ڪيائين ؟ پوءِ الله انهن کي جياريندو . آخرت ۾ ٻيو جيارڻ . تحقيق الله هرشئ تي قادر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي