028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
طٰسۗمّۗ 1
طٰسم . .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي سورت لوح محفوظ جون پڌريون آيتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
توتي موسيٰ ۽ فرعون جون سچيون ڳالهيون مومنن جي قوم لاءِ پڙهون ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
تحقيق فرعون مصر جي زمين ۾ هٺ وارو ٿيو ۽ مصر جي سردارن جون مختلف جماعتون ڪيائين ۽ انهن مان هڪڙي جماعت کي ضعيف ڪيائين ۽ انهن جي پٽن کي قتل ٿي ڪيائين ۽ انهن جي عورتن کي ٻانهيون ٿي ڪيائين . تحقيق فرعون فساد ڪندڙ ھو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ چاھيون ته زمين ۾ ضعيفن تي احسان ڪريون ۽ انھن کي فرعون جي جاءِ تي زمين حاڪم ڪيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ انھن کي زمين ۾ عزت ڏيون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ انھن جي لشڪر کي ضعيفن کان اهو عذاب ڏيکاريون ، جنھن جو اھي ڊپ ڪندا ھئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسيٰ جي ماءُ ڏانھن وحي موڪيلوسون ته موسيٰ کي کير ڏي . پوءِ جڏھن تون موسيٰ لاءِ فرعون جو ڊپ ڀانئين ته ان کي درياءَ ۾ اڇلائجين ۽ نه ڊڄجين ۽ نه غم ڪجين ۽ اسان ان کي تو وٽ موٽائي آڻينداسون ۽ ان کي رسول ڪنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ موسيٰ کي فرعون جي گھر وارن پُٽ ڪري ورتو . پر آخرڪار ھوندو انھن جو دشمن ۽ انھن لاءِ غم . تحقيق فرعون ۽ هامان ۽ ان جو لشڪر ڪافر ھئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
۽ فرعون جي عورت آسيه چيو ته ، ھي پٽ منھنجي ۽ تنھنجي اکين جو ٺار آھي ۽ ان کي نه ماريو ۽ اميد آھي ته اسان کي نفعو ڏيندو ۽ اسان ان کي پٽيلو ڪري ٿا وٺون ۽ انھن پروڙيو نه ٿي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ موسيٰ جي ماءُ جو دل پريشان ٿيو ۽ ان ڳالهه کي ويجهي هئي ته موسيٰ جي ڳالهه کي ظاهر ڪري وجهي . جيڪڏهن اسان ان جي دل صبر سان نه جهليون ها ته مومنن مان ٿئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ موسيٰ جي ماءُ موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته ، موسيٰ جي ڳولا ڪريو . پوءِ پري کان ٿي ڏٺائين ۽ فرعون ان کي نه ٿي سڃاتو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اسان موسيٰ تي ان جي ڀيڻ جي اچڻ کان اڳ دايُن جو کير حرام ڪيو ۽ مريم چيو ته ، توهان کي تعظيم واري گهرجي عورت جو ڏس ڏيان ٿي . جيڪا موسيٰ کي اوهان لاءِ نپائيندي ۽ اهي بادشاه جا خير خواهه آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
پوءِ موسيٰ کي ماءُ وٽ موٽايوسون ته ، سندس اکيون ٺرن ۽ ڄاڻي ته ، تحقيق الله جا وعده سچا آهن . پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جڏهن موسيٰ قُوَت کي پهتو ۽ ان جو قد ۽ عقل برابر صحيح ٿيو، ته ان کي حڪمت ۽ علم ڏنو سون ۽ اهڙي طرح اسان نيڪن کي جزا ڏيندا آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ موسيٰ مصر جي شھر ۾ ماڻهن جي سمهڻ جي وقت داخل ٿيو . پوءِ مصر ۾ ڏٺائين ٻه مرد وڙھيا پئي . ھڪڙو انھن مان موسيٰ جي مٽن بني اسرائيل مان ھو ۽ ٻيو انھن جي دشمن قبطين مان ھو. پوءِ جيڪو موسيٰ جي مٽن مان ھو ، تنھن موسيٰ کي ان جي دانھن ڏني . جيڪو انھن جي دشمنن مان ھو . پوءِ موسيٰ ان کي مڪ ھنئين ۽ ان کي ماريائين . پوءِ موسيٰ چيو ته ، ھي قتل شيطان جي ڪمن مان آھي . تحقيق اھو منھنجو پڌرو دشمن ۽ گمراھ ڪندڙ آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
موسيٰ چيو ته ، اي منھنجا رب ! مون پنھنجي نفس سان ظلم ڪيو آھي . پوءِ مون کي معاف ڪر . پوءِ ان کي معاف ڪيو سون . تحقيق الله معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
موسيٰ چيو ته ، اي منھنجا رب ! تنھنجي ھن معاف ڪرڻ واري نعمت جي عيوض ھي نذر ٿوڪريان ته ، مان ڪڏھن بدڪارن جو ھمراھ نه ٿيندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
پوءِ مصر ۾ ڊڄندي ۽ انتظار ڪندي رات گزاريائين . پوءِ اوچتو اھو شخص جنھن ڪالھ نصرت ٿي گھري اڄ وري فرياد گھرڻ لڳو . موسيٰ چيو ته ، تون پڌرو گمراھ ڪندڙ آھين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
جو ڪالھ ھڪڙو قبطي قتل ڪرايَئي ، پوءِ جڏھن موسيٰ ارادو ڪيو ته قبطي کي قتل ڪريان ، جيڪو نبي جو دشمن ھو. ته چيائين ته ، اي موسيٰ ! ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ٿو ڪرين ؟ جيئن ڪالھ ماڻھو قتل ڪيو ھيئي ۽ تون مون کي زمين ۾ ظالم ٿو ڏسجين ۽ تون مون کي خير خواھن مان نه ٿو لڳين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
پوءِ ھڪڙو مرد مصر جي پراهين گھٽين مان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته ، اي موسيٰ ! تحقيق فرعون جي لشڪر تنھنجي قتل لاءِ حڪم ڪيو آھي . پوءِ نڪري وڃ . مان تنھنجو خير خواھ آھيان . .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي